غلام مصطفي ميمڻ
سينيئر رڪن
توهين عدالت
محترم ميمبرس جيئن ته پرائيم مينسٽر آف پاڪستان(وزير اعظم) کي پاڪستان جي وڏي ۾ وڏي عدالت سپريم ڪورٽ جي عزت ماب فل بينچ توهين عدالت جي ڪيس ۾ عدالت جي جاري رهڻ تائين سزا ڏني آهي،جنهن جو مطلب آهي ته جيستائين ڪورٽ ۾ ان ڏينهن جج صاحب ڪم ڪندا رهندا ،تيستائين ملزم سزا طور ڪورٽ ۾ موجود رهندو ۽ ڪورٽ اسٽاف جي حفاظت ۾ رهندو ۽ جيئن جج صاحب ڪم ختم ڪري ڪورٽ مان چيمبر ۾ ويندا ته سزا جو پيرڊ ختم ٿي ويندو ۽ ملزم کي ڇڏيو ويندو۔پرائيم منسٽر کي سزا ٻڌائڻ کانپوء جج صاحبن 30 سيڪنڊن جي اندر ڪورٽ جي ڪم کي ختم ڪري،چمبر ۾ هليا ويا،ان سان گڏ پرائيم منسٽر جي سزا وارو پيرڊ پورو ٿي ويو۔اميد ته مٿين سمجهاڻي سان ڪورٽ جاري رهڻ جي دوران واري سزا کي اوهان آساني سان سمجهي سگهيا هوندا۔
هاڻي اسان اوهان کي مختصر انداز ۾ ٻڌائينداسين ته مسٽر پرائيم منسٽر کي اها سزا ڇو ڏني ويئي آهي۔پرويز مسرف جي زماني ۾ نيشنل رئڪينسليشن آرڊينس جنهن کي عام زبان ۾ اين،آر،آو (N R O) چيو ويندو آهي تحت سياسي جماعتن جي ميمبرن تي داخل ڪيس ان وقت جي گورنمنٽ واپس ورتا۔سوئيس ڪورٽ ۾ ڪيس جيڪي محترم آصف زرداري ۽ انهن جي ٻين ساٿين جي خلاف داخل ٿيل هئا۔ملڪ عبدالقيوم جيڪو ان وقت وفاقي لاء سيڪريٽري هو ۔خط لکي انهن ڪيسن جي پرويسيڊنگ کي بند ڪرايو۔عزت مابه سپريم ڪورٽ جڏهن اين آر آو کي آئيني جي خلاف ڊڪليئر ڪيو ۽ گورنمنٽ کي هدايت ڏني ته جيڪي به ڪيس اين آر آو جي تحت ختم ڪيا ويا آهن۔انهن کي ٻيهر کولي،انهن جا فيصلاء ڪورٽن کان قانون جي مطابق ميرٽ تي ورتا وڃن۔پاڪستانن جي مختلف ڪورٽن ۾ اين آر او تحت بند ٿيل ڪيس وري کولي انهن جا فيصلا ميرٽ تي ڪورٽن کان ورتا ويا جنهن ۾ رحمان ملڪ ۽ ٻين سياستدانن جا اڪائونٽبلٽي ڪورٽ مان ميرٽ تي رهائي مثال آهي،پر ڪو به قدم نه کنيو ويو سوئيزرلينڊ جي ڪورٽ ۾ بند پيل ڪيسن کي کولڻ لاء۔سپريم ڪورٽ جي ڪليئر هدايتن جي باوجود پرائيم منسٽر آفيس سوئيزرلينڊ ڪورٽ ۾ بند ٿيل ڪيس کي کولڻ لاء ڪو خط نه لکيو،انهي ڪري عزت مابه سپريم ڪورٽ محترم پرائيم منسٽر کي توهين عدالت جو شوڪاز نوٽس ڏئي،ڪيس هلائي ڪري۔توهين عدالت جو مرتڪب ڄاڻي ڪري سزا بڌائي۔
مٿين مختصر تفصيل کانپوء اسان اهو ضروري ٿا سمجهون ته

توهين عدالت ڇا آهي
تي اسان جو اڳ ۾ لکيل ليک هتي جوڙيون تاڪي محترم ميمبرس ان قانون ۽ محترم وزير اعظم کي ان قانون تحت سزا ڏيڻ کي چڳي طرح سمجهي سگهن۔
مقدمي جي ڪاروائي جي دوران اگر جج صاحب اهو محسوس ڪري ته ڪو فرد واحد يا اداره انصاف جي رستي ۾ رڪاوٽ ٿي رهيو آهي يا منصف جو مذاق آڏيو ويو آهي،يا قابل اعتراض مواد ڪورٽ پروسيڊنگ جي حوالي سان شائع ڪيو ويو آهي،يا ڪورٽ جي فيصلن جي تعميل ڪرڻ جي بجاء انهن جي ڀڃڪڙي ڪئي ويئي آهي يا ڄاڻي وڻي ڪورٽن جي قانوني فيصلن تي عمل ڪرڻ ۾ تاخير ڪئي ويئي آهي ته ڪورٽ ان ماڻهو يا اداره جيڪو مٿين ڪوتاهين جو مرتڪب ٿيو هوندو جي خلاف توهين عدالت "Contempt Of Court " جو نوٽيس جاري ڪندي ۽ ان ماڻهون کي قانون جي زبان ۾ ڪنٽيمنر ڇوندا آهن ،کي ڪورٽ ۾ گهرائيندي آهي ته اچي پنهنجي صفائي ۾ ڪجه چوي،جيڪڏهن ڪنٽمينر جا ٻڌايل سببن ۾ ڪو وزن نه هوندو آهي ته ڪورٽ ان تي فرد جرم جنهن کي ڪورٽ جي زبان ۾ چارج چئبو آهي فريم ڪندا آهي ۔ان چارج ۾ ڪٽمينر جي خلاف جيڪي به الزامات هوندا آهن اهئي ان کي جج صاحب پڙهي ٻڌائيندو آهي ۽ پو ڪٽمينر کان پڇندو آهي ته ان کي ڏوه قبول آهي يانه ۔جيڪڏهن ڪٽمينر ڏوه قبول نه ڪندو آهي ته ان جي خلاف اهو مٽريل ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندي جنهن جي ڪري هو توهين عدالت جو مرتڪب ٿيو هوندو آهي ۽ پوء هن کي سزا ٻڌائي ويندي آهي۔
پاڪستان قانون جي مطابق توهين عدالت ڪرڻ واري کي ڇھ مهينا قيد،هڪ لک تائين جرمانو يا ٻنهي سزائن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي۔
توهين عدالت ڪرڻ وارو ماڻهو يا اداره ڪنهن به مرحلي تي ڪورٽ ۾ معافي نامو ڏئي سگهي ٿو۔جيڪڏهن عدالت اهو سمجهي ٿي ته معافي نامو صدق دل سان پيش ڪيو ويو آهي،ته هو مقدمو خارج ڪري ڇڏيندي آهي۔
سڄي دنيا ۾ عدالتون توهين عدالت جي سلسلي ۾ اصول ۽ ضابطا ٺاهيا آهن۔مثلان ڀارت ۾ آئين جي آرٽيڪل 129 ۽ 142 جي تحت سپريم ڪورٽ صدر کان وٺي عام ماڻهو کي توهين عدالت جو نوٽيس ڏيڻ جي طاقت رکي ٿي۔ ان جرم جي سزا زياده کان زياده ڇھ مهينا قيد،ٻه هزار رپيا جرمانه يا ٻئي آهي۔۔
12 مئي 2006 تي ڀارتي سپريم ڪورٽ پنهنجي ان اختيار کي استعمال ڪندي
حاتاڪئي
پاڪستان ۾ جرنيلن،وزير ،وزير اعظم کان وٺي سرڪاري آفيسر توهين عدالت ڪري چڪا آهن۔4 فيبروري 1993 تي
اميد ته اوهان هن ليک مان توهين عدالت ۽ ان جي سزا کي چڳي طرح سمجهي سگهندا۔
پاڪستان قانون جي مطابق توهين عدالت ڪرڻ واري کي ڇھ مهينا قيد،هڪ لک تائين جرمانو يا ٻنهي سزائن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي۔
توهين عدالت ڪرڻ وارو ماڻهو يا اداره ڪنهن به مرحلي تي ڪورٽ ۾ معافي نامو ڏئي سگهي ٿو۔جيڪڏهن عدالت اهو سمجهي ٿي ته معافي نامو صدق دل سان پيش ڪيو ويو آهي،ته هو مقدمو خارج ڪري ڇڏيندي آهي۔
سڄي دنيا ۾ عدالتون توهين عدالت جي سلسلي ۾ اصول ۽ ضابطا ٺاهيا آهن۔مثلان ڀارت ۾ آئين جي آرٽيڪل 129 ۽ 142 جي تحت سپريم ڪورٽ صدر کان وٺي عام ماڻهو کي توهين عدالت جو نوٽيس ڏيڻ جي طاقت رکي ٿي۔ ان جرم جي سزا زياده کان زياده ڇھ مهينا قيد،ٻه هزار رپيا جرمانه يا ٻئي آهي۔۔
12 مئي 2006 تي ڀارتي سپريم ڪورٽ پنهنجي ان اختيار کي استعمال ڪندي
مهاراشٽر جي وزير سروپ سنگھ
کي توهين عدالت ڪرڻ تي هڪ مهينو قيد جي سزا
ٻڌائي هئي۔اهو پهريون موقعو هو جو ڪنهن حاضر وزير کي جيل جي هوا کائڻي پئي۔حاتاڪئي
آمريڪي صدر
به توهين عدالت جي سزا کان بچي نه سگهيو۔ان مان عدالت عاليه جي قوت جو اندازو ٿيندو آهي۔ٿيو ايئن ته مونيڪا ليونسڪي
مقدمي جي دوران صدر بل ڪلنٽين سپريم ڪورٽ کي ٻڌايو ته هو مونيڪا نالي ڇوڪري کي نه ٿو سڃاڻي۔پر بعد ۾ اها ڳاله ثابت ٿئي ويئي ته صدر بل ڪلنٽين ۽ مونيڪا جي وچم تعلقات هئا۔ان انڪشاف تي سپريم ڪورٽ جي جسٽس سوزين رائٽ۔ڪوڙ ڳالهائڻ۔انصاف جي رستي ۾ رڪاوٽ ٿيڻ ۽ عدالت کي ڌوکو ڏيڻ جي الزامات ۾ آمريڪي صدر بل ڪلنٽِن کي مجرم قرار ڏيندي 1999 ۾ صدر بل ڪلنٽين تي نوي هزار ڇھ سو ڇهاسي ڊالر جرمانو لڳايو
۔،هي پهريون موقعو هو جو ڪو حاضر آمريڪي صدر توهين عدالت جو مرتڪب ٿيو۔پاڪستان ۾ جرنيلن،وزير ،وزير اعظم کان وٺي سرڪاري آفيسر توهين عدالت ڪري چڪا آهن۔4 فيبروري 1993 تي
سابق چيف آرمي اسٽاف جنرل اسلم بيگ
هڪ اخباري انٽرويو جي دوران انڪشاف ڪيو ته 1988 ۾ هن چيف جسٽس محمد افضل ظله کي پيغام موڪليو هو ته هو جوڻيجو حڪومت کي بحال نه ڪري
۽ ايئين ئي ٿيو۔ان تي ان وقت جو چيف جسٽس نسيم حسين شاه،جنرل (ر) اسلم بيگ کي توهين عدالت جو نوٽيس موڪليو۔بعد ۾ جنرل (ر) اسلم بيگ توهين عدالت جو مرتڪب به قرار ڏنو ويو پر ان کي ڪا سزا نه ڏني ويئي۔1994 ۾ اهو ڪيس خارج ڪيو ويو۔اميد ته اوهان هن ليک مان توهين عدالت ۽ ان جي سزا کي چڳي طرح سمجهي سگهندا۔