السلام عليڪم اميد ته سڄي سنگت امن ۽ سلامتي سان هوندي۔ ادا انڊس سوشل فورم جيڪو پروگرام 8 اپريل تي ڪرڻ جو رٿيو هيو اهو بشير خان جي شهادت جي ڪري ملتوي ڪيو ويو هو جنهن جو مضمون ڪجهه هن ريت هو "معاشري ۾ نوجوانن جا حق، فرض ۽ ڪردار"هن پروگرام کي ٻيهر ترتيب ڏنو ويو آهي ۽ هن آچر 29 اپريل 2012 تي روشن تارا اسڪول سچل ڳوٺ ۾ منعقد ڪيو آهي ان ۾ سڄي سنگت کي شرڪت جي دعوت ڏجي ٿي۔ اميد ته قرب ڀريا قدم آڻي پنهنجو قومي فرض پورو ڪندا۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت دعا ۾ ياد سدائين گڏ
جواب: دعوت نامو وعليڪم اسلام، منهنجا سائين مان گلشن حديد ۾ رهندو آهيان، پنهنجي پوري ڪوشش ڪندس ته ان دعوت ۾ شرڪت ڪيان، پر ڪنهن ذاتي ڪم جي ڪري مان اڳ ئي هڪ پروگرام ٺاهي چڪو هيس۔ پر ڀرپور ڪوشش ڪبي اچڻ جي۔۔سدائين گڏ
جواب: دعوت نامو ادا نويد اوهان جي مهرباني جو کليل دعوت نامي کان پو اوهان جو مون کي ذاتي ايس ايم ايس ذريعي به انوٽيشن ملي ويو آهي، ان شا الله ضرور شرڪت ڪبي۔۔۔