دعوت نامو

نويد احمد ڪلوڙ

سينيئر رڪن
السلام عليڪم
اميد ته سڄي سنگت امن ۽ سلامتي سان هوندي۔

ادا انڊس سوشل فورم جيڪو پروگرام 8 اپريل تي ڪرڻ جو رٿيو هيو اهو بشير خان جي شهادت جي ڪري ملتوي ڪيو ويو هو جنهن جو مضمون ڪجهه هن ريت هو
"معاشري ۾ نوجوانن جا حق، فرض ۽ ڪردار"
هن پروگرام کي ٻيهر ترتيب ڏنو ويو آهي ۽ هن آچر 29 اپريل 2012 تي روشن تارا اسڪول سچل ڳوٺ ۾ منعقد ڪيو آهي ان ۾ سڄي سنگت کي شرڪت جي دعوت ڏجي ٿي۔ اميد ته قرب ڀريا قدم آڻي پنهنجو قومي فرض پورو ڪندا۔

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
دعا ۾ ياد
سدائين گڏ
 
جواب: دعوت نامو

ڀاء اوهان دوستن جي ڪاوشن تي اوهان کي جس هجي۔

ضرور شرڪت ڪنداسون۔
 
جواب: دعوت نامو

وعليڪم اسلام، منهنجا سائين مان گلشن حديد ۾ رهندو آهيان، پنهنجي پوري ڪوشش ڪندس ته ان دعوت ۾ شرڪت ڪيان، پر ڪنهن ذاتي ڪم جي ڪري مان اڳ ئي هڪ پروگرام ٺاهي چڪو هيس۔ پر ڀرپور ڪوشش ڪبي اچڻ جي۔۔سدائين گڏ
 
جواب: دعوت نامو

معاف ڪجو تڪڙ ۽ ٿڪاوٽ جي ڪري ٽائم لکڻ رهجي ويوادا پروگرام 4بجه شام جو آهي

ادا نويد اوهان جي مهرباني جو کليل دعوت نامي کان پو اوهان جو مون کي ذاتي ايس ايم ايس ذريعي به انوٽيشن ملي ويو آهي، ان شا الله ضرور شرڪت ڪبي۔۔۔
 
Back
Top