نثارناز
سينيئر رڪن
دوستو لک ٿورا محترم سيد علي محمد شاهه (جيئي لطيف) آف ميرپور بٺورو ضلع ٺٽو سنڌ جا جنهن راضي فقير جو رسالو مونکي هڪ تحفي جي صورت پاڻ وڏا وڙي ڪري منهنجي شهر ٽنڊومحمد خان ۾ اچي ڏئي ويو، راضي فقير جي شاعري پڙهي
ائين پيو محسوس ٿئي ڄڻ لاکيڻي لطيف جي هر سُر کي راضي فقير پنهنجي فقيراڻي رنگ ۾ نئين جدت ڏني آهي ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته اسان بجا طور راضي فقير کي لطيف ثاني چئي سگهون ٿا، راضي فقير جي رسالي کي ...آن لائين ڪري عنقريب سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ تان ساري دنيا جي سنڌين سان ونڊينداسين اميد ته اتان راضي فقير جي شاعري پڙهي ضرور آنند حاصل ڪندا. فلحال مختصرن انهي ڪتاب مان راضي فقير جو تعارف توهان سان ونڊ ڪريان ٿو.
نالو : راضي فقير، لشاري قبيلي ۾ رانجهن فقير جي گهر ۾ پيد ا ٿيو. ڇٽيءَ جي رات سندس نالو مهر علي رکيو ويو پر پيار منجهان هن کي اڪثر ماڻهو راضي فقير ڪري ڪوٺيندا هُئا،تنهنڪري پاڻ به پاڻ کي راضي سڏائيندو هو.
جاءِ پيدائش: راضي فقير ڳوٺ جمال حاجاڻو لڳ پير بلاولي تعلقي هالا ضلعي حيدرآباد( موجوده ضلعو مٽياري) ۾ اک کولي هُئي هن فقير جي پيدائش ربيع الاول مهيني جي ٻارهين تاريخ سومر جي رات 1317 هجري ۾ ٿي.
تعليم : راضي فقير جڏهن پڙهڻ واري عمر کي پهتو تڏهن سندس والد محترم کيس هڪ مُلان وٽ قرآن پاڪ جي تعليم حاصل ڪرآڻ لاءِ وهاريو فقير جي پڙهڻ سان ڪابه دلچسپي نه هُئي تنهنڪري مُلان فقير صاحب کي جي والد کي اهڙي اطلاع ڏنو، راضي فقير کي سندس والد چيو ته :
” توکي قرآن شريف جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ وهاريو اٿم . ملان وٽ دل لائي پڙهين ته پڙهه نه ته هلي اٺيون چراءِ.“
راضي فقر پيءُ جي چوڻ تي ڪجهه وقت مُلان وٽ پڙهيو پوءِ اُٺيون چارڻ شروع ڪيائين ان بعد رهي پوکي به ڪرڻ لڳو.
سير ۽ تفريح : راضي فقير جڏهن چوڏهن سالن جي عمر جو ٿيو ته رهڪي پوکي وارو ڪم ڇڏي گهر کي الوداع چئي ڀٽ شاهه طرف روانو ٿيو ڀٽ شاهه جي روضي ٻاهران رستي تي سندس وقت گزرندو هو. ڪجهه عرصي بعد درياءَ جي اولهندي طرف شاهه اويس قرني جي مزار وٽ ۽ ان جي آس پاس رهيو ٿي.
انهيءَ سفر دوران راضي فقير کي عشق مجازي جي مهر لڳي ويئي هن فقير پنهنجي مجازي محبوب کي مخفي رکيو تنهنڪري ويو جهوري ۾ جُهرندو .
راضي فقير ڀٽ شاهه ۾ تي ٻيو ڀيرو پهتو، ڇا ڪاڻ ته هن کي مجازي عشق جيڪا چاشني چکائي تنهن سببان هو بيساخته بيت چوڻ لڳو، لاکيڻي لطيف رح جي رسالي جا بيت ۽ وايون فقيرن کان ٻُڌي سُڻي گهڻائي بيت ياد ڪيائين فقير صاحب ان دور ۾ جيڪي بيت چيا تن جو تعنداد گهٽ م گهٽ پنج سو هيو اُهي بيتن وارا پنا ڦاڙي درياءَ ۾ اُڇلي چڏيائين ، راضي فقير جيڪو سفر پنهنجي ڳوٺ کان شروع ڪيو هو سو ڀٽ شاهه تائين محدود نه رکيائين ، سنيياسي فقيرن سن گڏجي هنگلاج کان گنگا تائين پهتو. سنڌ سموري جا اڪثر شهر گهمي چُڪو هو. سن 1946ع ۾ فقير محمد صالح کٽي سان جيمس آباد جي رستي کان فقط هڪ روپيو کڻي اجمير شريف وڃي پهتو.
راضي فقير ٺٽي ۽ ڪراچي جو جيڪو سفر ڪيو ان سفر ۾ فقير جو پهريون سوانح نگار فقير گل محمد ساڻس گڏ هيو . هي فقير سفر توڙي حضر ۾ راضي فقير سان ويهه سال گڏ رهيو .
گنگا ۽ هنگلاج جي سفر دوران راضي فقير ڪنهن به مذهب جي قيد ۾ نه رهيو. ڪنهن به ماڻهو کان هن کي نفرت نه هُئي.
محترم محمد سليمان وساڻ مينجنگ ايڊيٽر سنڌ سلامت کي انهي مڪمل رسالي جي مڪمل سافٽ ڪاپي سنڌ سلامت جي آن لائن ڪتاب گهر لا سندس اي ميل تي اماڻي ڇڏي اٿم جنهن کي اميد ٿو ڪريان ته سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ تان فوري آن لائن ڪري ساري دنيا جي سنڌين سان راضي فقير جو هي رسالو ونڊيو ويندو۔

تعارف راضي فقير