راضي فقير جو رسالو

'متفرقه سنڌي ڪتاب' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏28 اپريل 2012۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    دوستو لک ٿورا محترم سيد علي محمد شاهه (جيئي لطيف) آف ميرپور بٺورو ضلع ٺٽو سنڌ جا جنهن راضي فقير جو رسالو مونکي هڪ تحفي جي صورت پاڻ وڏا وڙي ڪري منهنجي شهر ٽنڊومحمد خان ۾ اچي ڏئي ويو، راضي فقير جي شاعري پڙهي
    ائين پيو محسوس ٿئي ڄڻ لاکيڻي لطيف جي هر سُر کي راضي فقير پنهنجي فقيراڻي رنگ ۾ نئين جدت ڏني آهي ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته اسان بجا طور راضي فقير کي لطيف ثاني چئي سگهون ٿا، راضي فقير جي رسالي کي ...آن لائين ڪري عنقريب سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ تان ساري دنيا جي سنڌين سان ونڊينداسين اميد ته اتان راضي فقير جي شاعري پڙهي ضرور آنند حاصل ڪندا. فلحال مختصرن انهي ڪتاب مان راضي فقير جو تعارف توهان سان ونڊ ڪريان ٿو.

    تعارف راضي فقير

    نالو : راضي فقير، لشاري قبيلي ۾ رانجهن فقير جي گهر ۾ پيد ا ٿيو. ڇٽيءَ جي رات سندس نالو مهر علي رکيو ويو پر پيار منجهان هن کي اڪثر ماڻهو راضي فقير ڪري ڪوٺيندا هُئا،تنهنڪري پاڻ به پاڻ کي راضي سڏائيندو هو.

    جاءِ پيدائش: راضي فقير ڳوٺ جمال حاجاڻو لڳ پير بلاولي تعلقي هالا ضلعي حيدرآباد( موجوده ضلعو مٽياري) ۾ اک کولي هُئي هن فقير جي پيدائش ربيع الاول مهيني جي ٻارهين تاريخ سومر جي رات 1317 هجري ۾ ٿي.

    تعليم : راضي فقير جڏهن پڙهڻ واري عمر کي پهتو تڏهن سندس والد محترم کيس هڪ مُلان وٽ قرآن پاڪ جي تعليم حاصل ڪرآڻ لاءِ وهاريو فقير جي پڙهڻ سان ڪابه دلچسپي نه هُئي تنهنڪري مُلان فقير صاحب کي جي والد کي اهڙي اطلاع ڏنو، راضي فقير کي سندس والد چيو ته :

    ” توکي قرآن شريف جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ وهاريو اٿم . ملان وٽ دل لائي پڙهين ته پڙهه نه ته هلي اٺيون چراءِ.“

    راضي فقر پيءُ جي چوڻ تي ڪجهه وقت مُلان وٽ پڙهيو پوءِ اُٺيون چارڻ شروع ڪيائين ان بعد رهي پوکي به ڪرڻ لڳو.

    سير ۽ تفريح : راضي فقير جڏهن چوڏهن سالن جي عمر جو ٿيو ته رهڪي پوکي وارو ڪم ڇڏي گهر کي الوداع چئي ڀٽ شاهه طرف روانو ٿيو ڀٽ شاهه جي روضي ٻاهران رستي تي سندس وقت گزرندو هو. ڪجهه عرصي بعد درياءَ جي اولهندي طرف شاهه اويس قرني جي مزار وٽ ۽ ان جي آس پاس رهيو ٿي.

    انهيءَ سفر دوران راضي فقير کي عشق مجازي جي مهر لڳي ويئي هن فقير پنهنجي مجازي محبوب کي مخفي رکيو تنهنڪري ويو جهوري ۾ جُهرندو .

    راضي فقير ڀٽ شاهه ۾ تي ٻيو ڀيرو پهتو، ڇا ڪاڻ ته هن کي مجازي عشق جيڪا چاشني چکائي تنهن سببان هو بيساخته بيت چوڻ لڳو، لاکيڻي لطيف رح جي رسالي جا بيت ۽ وايون فقيرن کان ٻُڌي سُڻي گهڻائي بيت ياد ڪيائين فقير صاحب ان دور ۾ جيڪي بيت چيا تن جو تعنداد گهٽ م گهٽ پنج سو هيو اُهي بيتن وارا پنا ڦاڙي درياءَ ۾ اُڇلي چڏيائين ، راضي فقير جيڪو سفر پنهنجي ڳوٺ کان شروع ڪيو هو سو ڀٽ شاهه تائين محدود نه رکيائين ، سنيياسي فقيرن سن گڏجي هنگلاج کان گنگا تائين پهتو. سنڌ سموري جا اڪثر شهر گهمي چُڪو هو. سن 1946ع ۾ فقير محمد صالح کٽي سان جيمس آباد جي رستي کان فقط هڪ روپيو کڻي اجمير شريف وڃي پهتو.

    راضي فقير ٺٽي ۽ ڪراچي جو جيڪو سفر ڪيو ان سفر ۾ فقير جو پهريون سوانح نگار فقير گل محمد ساڻس گڏ هيو . هي فقير سفر توڙي حضر ۾ راضي فقير سان ويهه سال گڏ رهيو .

    گنگا ۽ هنگلاج جي سفر دوران راضي فقير ڪنهن به مذهب جي قيد ۾ نه رهيو. ڪنهن به ماڻهو کان هن کي نفرت نه هُئي.

    [​IMG]

    محترم محمد سليمان وساڻ مينجنگ ايڊيٽر سنڌ سلامت کي انهي مڪمل رسالي جي مڪمل سافٽ ڪاپي سنڌ سلامت جي آن لائن ڪتاب گهر لا سندس اي ميل تي اماڻي ڇڏي اٿم جنهن کي اميد ٿو ڪريان ته سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ تان فوري آن لائن ڪري ساري دنيا جي سنڌين سان راضي فقير جو هي رسالو ونڊيو ويندو۔
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: راضي فقير جو رسالو

    سائين نثار ناز سلام

    لک ٿورا اوهان راصي فقير بابت تفصيلي ليک سان گڏ سندس رسالي بابت به جامع ۽ تفصيلي ونڊ پيش ڪيو آهي۔ سندس ڪلام ڪجا ڪجهه بيت فيسبوڪ تي پڙهيا آهن۔ بهترين لڳا۔

    اوهان جي اي ميل ڪونه پهتي آهي۔ مهرباني ڪري ٻيهر چيڪ ڪيو ۽ مونکي sulemanwassan@hotmail.com تي ٻيهر موڪليو ته مهرباني ٿيندي۔
     
  3. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: راضي فقير جو رسالو

    ادا محمد سليمان مون راضي فقير جي رسالي جي پي ڊي ايف فارميٽ ٻيهر توهان جي ڄاڻايل اي ميل تي موڪلي ڇڏي آهي پليز چيڪ ڪندا
     
  4. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: راضي فقير جو رسالو

    ۔۔۔راضي فقير جو رسالو" روحاني رمزن ۽ اسرارن جو ڀنڊار آهي۔جيڪو لڳ ڀڳ مُني صدي اڳ راضي فقير جي فقير گل محمد لکي تيار ڪيو۔ثقافت کاتي جي عدم توجهيءَ جي ڪري هن نامياري صوفي شاعر ۽ ڏاهي ڏات ڌڻيءَجي خوبصورت تخليق قدردانن جي نظر کان اوجهل رهي آهي۔سندس درگاه شريف تي به ڪوبه ترقياتي ڪم نه آهي۔سندس اهلِ محبت خدمتگار هن آستاني کي آباد رکيو اچن۔راضي فقير جو رسالو تازو ساڻس محبت رکندڙ جناب عبدالعليم ڪلهوڙو صاحب پنهنجي ذاتي دلچسپي ۽ ڪوششن وٺي شايع ڪرايو آهي۔۔۔۔۔ بشڪريه راضي فقير فيسبڪ پيج سائين نثار ناز صاحب توهان جي مهرباني جو توهان راضي فقير صاحب جو رسالو متعارف ڪرايو، ادا راضي فقير منهنجي پسند جي شاعرن مان هڪ شاعر آهن سندس ڪافي دوهيڙا سنڌ جي ماياناز فنڪار جلال چانڊئي صاحب پڻ ڳايا آهن، سندس مشهور ڪلام ۔۔۔ جنهن دي ڪيتي آيوسين سي يار نهين ڏکيندي ۔۔ مون کي تمام گهڻو وڻندو آهي، سائين اگر اسان تي مهرباني ٿئي ته رسالي جي پي ڊي ايف ڪاپي مون ڏانهن به ميل ڪندا، مان پنهنجي ميل ائڊريس توهان جي نمبر تي مسيج ڪري ڇڏي آهي، راضي فقير جي شاعري ڊزائين ۾ ڏسڻ لاء هت راضي فقير جي ڊزائين ۾ شاعري ڪلڪ ڪريو ۔۔ سنڌ سلامت جا ساٿيو منهنجي حساب سان هي شاعري به راضي فقير صاحب جن جي آهي، باقي ڪو علم رکندڙ هجي ته منهنجي به رهنمائي ڪري۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔عقل چيو سک هنر ڪجهه ڪام ڪر ،،،عـــشـــق چـــيـو وٺ نام الله جو آرام ڪر.
    عـــقـــل چـــيـــو جـــمــع ڪـري وٺ مال ،،،عــشـق چـــيـو ڇــڏ دنـيا رک خدائي خيال .،،،عقل چيو خوب کاء ، خوش پوشاڪ ڪر ،،،،عــــشـــق چـــيــو پهرين دل کي پاڪ ڪر،،،،، .عــقل چــيــو ڀر پــيـٽ ، خوشي خواب ڪر ،،،،،عـــشـــق چـــيـــو ٿـــيء ســـجاڳ ثواب ڪر ،،،،.عـــقل چيو ڪهڙي حڪمراني آهي خوش،
    عشق چيو دلبر جي درجي درباني آهي خوش.۔۔۔۔۔۔عـــــقـــــل چـــيـــو بادشـــاهـــي خــوب آهه،،،،،،عشق چيو حق جي در تي گدائي خوب آهه.،،،،عـــقـــل چــيو ڪر نـوڪري سرڪار ۾ ،،،،،عـــشـــق چـــيــــو ڦــــــر گـــلـــــي بـــازار ۾ .،،،،، عــــقــــل چــــيـــو رات ڏيــنهن هوشيار ٿي ،،،،،عــــشــــق چــــيــــو رات ڏيـــنهن سرشار ٿي.،،،عـــــقــــل چـــــيـــو آهـــن وڏائــــي ۾ مــزا،،،،عـــشــــق چــــيـــو ٿــــيء ڇــوٽو کاء نه سزا.،،،عـــــقـــل چـــيـــو مـــن لاء گـهــر ٻار سان ،،،،عـــشـــق چـــيـــو دل لاء دلـــــدار ســـــــان.،،،،عــــقـــل چــيـــو ڪــر ظـــلم مغرور ٿي،،،،،،عــشــــق چـــيـــو ڪــر رحم مسرور ٿي.،،،،عقل چيو ڪر دوئي جو ورد دشمن کي مار ،،،،،عــشـــق چـــيو ڪر دوستي دل دل ۾ گهار .،،،،عـقـل چــيــو ســڀ رک ڪنهن کي نه ڏي ،۔۔۔۔عــشــق چــيو سکئي کان وٺ ڏکئي کي ڏي .،،،،عــقــل چـــيـــو پــيــٽ ڀــري ڪــر تــمـام ،،،،،عــشـــق چــيــو لـــڪــي کائـــڻ آهـي حرام.،،،،عـــــقــــــل چــــيـــو ڪـــر خـــاصـــا ويس ،،،،،عـــشــــق چـيو ڍڪاء مسڪين ۽ درويش ،،،،.
    عــقـل چــيـو تــعـريـف ٻڌي ٿو خوش ٿيان ،۔۔۔۔عــشــق چــيــو گلا ٻــڌي ٿو خــوش ٿـيان ۔۔۔۔۔.عــقـــل چــيـــو ڦــري مــال ڀــر گهـــر تون،۔۔۔۔عــشـــق چـــيـــو ڏســي زر پـــوء ڏر تــــون.،،،، عــقــل چــيـــو ســمــهــڻ آهي فـرحت بدن،،،،،عــشــق چــيــو جـــاڳڻ آهــي عـشرت بدن.،،،،عــقــل چـــيـو عمر باقي آهي عيش ڪر،
    عـشـق چيو ڪجهه خدمتِ درويش ڪر.،،،،عــقــل چــوي رک ســـامان ، عشق چــوي رک ايمان،،،،،عقل چوي رک ملڪيت ، عشق چــوي رک محبت.،،،،،عـــــقـــل چــوي رک نــاز، عـــشـــق چــوي رک نـــيــاز ،
    عقل چوي رک عبادت ، عشق چوي رک نيڪ نـيت.۔۔۔۔
     
    مير جمشيد اختر ٽالپر هيء پسند ڪيو آهي.
  5. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: راضي فقير جو رسالو

    ادا ممتاز وگهيا توهان جي مهرباني جو راضي فقير جي ڪجهه ڪلام کي توهان اسان سان هتي ونڊيو ۽ ڪجهه مختصر ئي سهي پر نيون ڳالهيون راضي فقير سائين جون اسان سان شيئر ڪيون ، جنهن ۾ جلال چانڊيو واري ڳالهه ڪافي معلوماتي آهي پيار ممتاز پليز هڪ ڀيرو وري مونکي پنهنجي اي ميل ايس ايم ايس ڪري موڪليو ته جيئن اڄ ئي توهان کي راضي فقير سائين جي ڪلام جي پي ڊي ايف ڪاپي موڪلي سگهان دوست حقيقت ۾ سنڌي ادب جي خدمت ڪرڻ جو اهو ئي وڏو ڪم آهي جو اسان پنهنجي بزرگ شاعرن جي شاعري پنهنجي سنڌي دوستن کي هن محبتي سنڌ سلامت جي اڱڻ تان ونڊيون ٿا، ادا ممتاز وگهيا خوشبو کي ڦهيلائڻ سان سارو ماحول معطر ٿي پوندو آهي ۽ جيڪڏهن ساري دنيا جا سنڌي راضي فقير جي ڪلام کي پڙهندا ته ڪيڏي نه وڏي خوشي جي ڳالهه ٿيندي آئون اميد ٿو ڪريان ته ادا محمد سليمان وساڻ راضي فقير جي رسالي کي ضرور جلداز جلد سنڌ سلامت جي پياري اڱڻ تان ساري دنيا جي سنڌين سان ضرور ونڊيندو۔ توهان جي مهرباني ڀا ممتاز
     
  6. جيئي لطيف

    جيئي لطيف
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏24 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    38
    ورتل پسنديدگيون:
    32
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: راضي فقير جو رسالو

    ممتاز وگهيو صاحب۔توهان پاران شيئر ڪيل عقل ۽ عشق جي تڪرار بابت شاعري حضرت راضي فقير جن جي آهي جيڪا سندن ڇپيل ڪتاب راضيءَ جون رمزون عرف راضيءَ جو خيالي خزانو ۾ موجود آهي۔
     
  7. جيئي لطيف

    جيئي لطيف
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏24 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    38
    ورتل پسنديدگيون:
    32
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: راضي فقير جو رسالو

    حضرت راضي فقير جو رسالو سنڌي ادب ۾ هڪ خوبصورت اضافو ۽ سموري دُنيا جي انسانيت سان محبت ڪندڙن لاءِ هڪ بي بها سوکڙي آهي۔سنڌ سلامت جا دوست حضرت راضي فقير جي رسالي کي هن سنڌ جي ادبي اداري پاران ونڊ ڪرڻ لاءِ جس لهڻن۔
     
  8. جيئي لطيف

    جيئي لطيف
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏24 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    38
    ورتل پسنديدگيون:
    32
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: راضي فقير جو رسالو

    ممتاز وگهيو صاحب۔حضرت راضي فقير جي ڪلام کي جن سنڌي فنڪارن
    ڳايو آهي انهن جا لنڪس به هتي شيئر ڪريو ته ان سموري مواد کي سندس نالي سان جوڙيل فيسبُڪ پيج تي محفوظ ڪري سگهجي۔
     
  9. سعيد سنڌي

    سعيد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏16 جولائي 2013
    تحريرون:
    379
    ورتل پسنديدگيون:
    436
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدر آباد سنڌ
    سائين راضي فقير جو رسالو اگر اسان کي به ملي وڃي ته وڏا وڙ.....
     
  10. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
  11. اي جي شيخ

    اي جي شيخ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    121
    ورتل پسنديدگيون:
    412
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    213
    سنگت اهو رسالو هڪ مخير دوست ڇپرايو آهي جنهن جي سافٽ ڪاپي مون وٽ موجود آهي ڇاڪاڻ ته اهو رسالو مون ڪمپوز ڪري سنگت کي ڏنو هيو ليڪن منهنجي ذاتي ڪاپي به عزيز ڪتاب گهر سکر وارو کائي ويو سائين وساڻ صاحب کي جيڪڏهن سافٽ ڪاپي کپي ته مان ڏيڻ لاءِ تيارآهيان ڇاڪاڻ ته هن جا مون تي گهڻا ٿورا آهن
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو