ڪنهن وقت هڪ بِشني ( جيب ڪُترو) اعلان ڪيو ته جيڪو سندس جو کيسو (گيدو) ڪَٽي وڃي ته مان اُن جي هر ڳالهه مڃيندس ۔ هِن جي اِن اعلان کان ڪجه ڏينهن پوءِ ڪنهن چو واٽي تي هن کي محسوس ٿيو ته هن جو کيسو ڪَٽجي ويو همراهه ششدر ۾ پئجي ويو هن ٿوري ڀڄ ڊُڪ ڪري هِڪ نوجوان ڇوڪري کي پڪڙي ۽ اُن کان پنهنجي کيسي مان نِڪتل ڏوڪڙن جي گُهر ڪئي ۔ ڇوڪري چيو ته توکي تنهنجا ڏوڪڙ ضرور ملندا پر منهنجو انعام ڪٿي آهي ؟ بشني وراڻيو ته مان توکي پڪڙي وڌو آهي انعام ڇا جو ؟ هنن ٻنهي جو ضِد وڌي وڃي ڳالهه فيصلي تائين پهتي ۔ هنن جي پنهنجي پئنچايت ويٺي ٻنهين جون ڳالهيون ٻُڌي ويون ، ۽ فيصلو ڇوڪري جي حق ۾ ڏنو ويو ۽ همراهه کي پابند ڪيو ويو ته تنهنجي اعلان مطابق ڇوڪري جيڪو چوندي سو توکي مڃڻو پوندو ۔ هن ڇوڪري کي چيو ته جيڪو گُهرڻو اٿئي سو گُهر ۔ ڇوڪري هن کي چيو ڇا اِهو بهتر نه ٿيندو ته تون ۽ مان شادي ڪريون اسان ٻئي پنهنجي اولاد پنهنجا پنهنجا ڪرتب ۽ طريقا منتقل ڪريون تاڪِ اسانجو اولاد اسان کان بهتر روزگار ڪري سگهي ۔ همراهه کي ڳالهه وڻي هنن جي شادي ٿي سال کن کانپوءِ هنن کي پُٽ ڄائو ، پر ان جي هڪ هٿ جون آڱريون مُٺ جيان بند هيون ، هنن ڏاڍي ڪوشش ڪئي ته آڱريون ڪنهن طريقي سان کُلن پر اُهي نه کُليون جراح ۽ طبيبن به جواب ڏنو ته جراحي جي عمل سان آڱريون کلي ويون ته به ڪم نه ڪنديون ڇو ته هي قدرتي طور بند آهن۔ هي ٻئي ڏاڍا پريشان رهڻ لڳا ، ڇو ته هنن جو ڪم ئي آڱرين سان هو ، هنن کي ڪنهن مشورو ڏنو ته ننڍڙي کي ڪنهن ماهرِ نفسيات ڏي کڻي وڃو۔ ٻارڙي کي ماهر نفسيات ڏي کڻي ويا جنهن ڇوڪري کي لعل هيرا جواهر ڏيکاريا ، ٻارڙي جي هٿ ۾ جنبش اچڻ شروع ٿي ۽ هيرن لعلن ڏانهن هٿ وڌائيندي پنهنجيون آڱريون کوليون ، هن جي هٿ ۾ هڪ مُنڊي هئي جا هِن ڄمڻ وقت دائي جي هٿ مان لاهي ورتي هئي۔ هينئر وڏي وات هر پارٽي جا اعلان پيا ٿين ته انهن جا ٻار ملڪ جا نوان خدمت گذار هوندا ۔
جواب: پاڪستان جي سياست ۽ سياستدان ههههههههههههههههههههههههههههههههههههههه اصل کلي کل گوڏن ۾ سور پئجي ويو آهي ،،،، الله پناه ۾ رکي اسانجي پياري سنڌ کي جي سڀني جا ٻار اهڙا نڪتا ته پوءِ سنڌ جو ڇا ٿيندو ؟؟؟؟ ۽ وري مزي جي ڳالهه ته سڀني جا ٻار آهن به اهڙا ئي ،،،، جهڙا هن مختصر پر ڊگهي قصي ۾ ڄاڻايل آهن،،،،، الامان
جواب: پاڪستان جي سياست ۽ سياستدان هاهاهاها ۔۔۔۔۔۔ مطلب ته هنن جو ٻار هنن کان وڌيڪ چالاڪ نڪتو۔ اوهان جي هن ننڍڙي لکڻي ۾ وڏو سبق ۽ پيغام سمايل آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پر ڪاش اسان جو معاشرو انهن ڳالهين کي سمجهي ۽ سچائيء ۽جي پرک ڪري۔
جواب: پاڪستان جي سياست ۽ سياستدان سائين منهنجا کلڻ سان ڄاڙين يا پيٽ ۾ سور ته ٻڌو سين اهو وري ڪئين ته کلي کلي توهان جي گوڏن ۾ سور پئجي ويو آهي۔۔۔نئين شي آهي۔۔۔۔هههههههها۔۔۔۔سدائين ائين کلندا رهو، باقي سائين سياستدانن جا ٻار ڏهه ڏاڪا چڙهيل آهن پنهنجن وڏن کان۔۔
جواب: پاڪستان جي سياست ۽ سياستدان اسانجو هڪ دوست هوندو هو سنڌ سلامت تي اصل ديرو ڄمائي ويهندو هو، عاشق سولنگي عرف مجبور، اهو جڏهن به کلندو هو ته کيس پيرن ۾ يا ٽنگن ۾ سور ٿيندو هو، هاڻ پاڻ سان به اها ئي حالت آهي، باقي مٿي واري آکاڻي آهي ئي اهڙي، سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته، ” ڏاچي هڻي ڏهه ته توڏو هڻي تيرهن“ سو سائين سياستدانن جا ٻار هڪ ٻي چوڻيءَ جيئان ته ؛ ” جهڙا ڪانوَ تهڙا ٻچا“
جواب: پاڪستان جي سياست ۽ سياستدان Brother, It is very nice to read your message, to be honest we should never select those whose parents or other elders were such corrupt heroes. But must vote, vote to a neutral person, let’s try our nationalists. Not like nationalist by name that are called nationalist and work for others, find the honest but before that lets work for our nation to be well educated let’s find our educational enemies, whoever those are, nationalist, teachers or others. But first let’s be honest with ourselves, with our children than there will be no chance to serve them.
جواب: پاڪستان جي سياست ۽ سياستدان ادا عاشق علي شيخ صاحب، لک ٿورا اوهان تمام سٺي صلاح ڏني آهي، پر جي اها صلاح سنڌيءَ ۾ هجي ها ته اڃان به ڀلو، ڇاڪاڻ ممڪن اسانجي هن اوطاق تي ڪيترائي دوست اهڙا به ايندا هوندا جن جي انگريزي مون جيئان ايتري ڀلي نه هوندي پر سنڌي ته سڀني دوستن جي ڀلي هوندو ئي هوندي ،،،، خئير اوهانجي صلاح اکين تي اسين سڀ سنڌي هن دفعي سنڌ جي سڄڻن کي ووٽ ڏيڻ جي ڪوشش ڪنداسون ۽ اهڙن ماڻهن کي منتخب ڪنداسون جيڪي سنڌ ۽ سنڌي عوام سان سچا هجن ۽ سنڌين جي سورن جي ڄاڻ رکندڙ هجن ۽ انجي علاج جو اونو رکندا هجن منهنجي التجا به سڀني سنڌين کي اها آهي ته جيتوڻيڪ جمهوريت ۽ اليڪشن مان سنڌ جو ڀلو ڪون ٿيندو پر پوءِ به جيترو به انڌو يا منڊو فائدو ٿي سگهي ٿو ته اهڙن ماڻهن مان پوندو جيڪي سچا هجن، عوام جا هڏ ڏوکي هجن ،،،، اچو ته سڀ سنڌي ملي جلي سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ نئين باب جو اضافو ڪريون رب العالمين سنڌين جو حامي ۽ ناصر هجي ،،،، آمين