رضوان علي جمالي
سينيئر رڪن
ڪنهن وقت هڪ بِشني ( جيب ڪُترو) اعلان ڪيو ته جيڪو سندس جو کيسو (گيدو) ڪَٽي وڃي ته مان اُن جي هر ڳالهه مڃيندس ۔ هِن جي اِن اعلان کان ڪجه ڏينهن پوءِ ڪنهن چو واٽي تي هن کي محسوس ٿيو ته هن جو کيسو ڪَٽجي ويو همراهه ششدر ۾ پئجي ويو هن ٿوري ڀڄ ڊُڪ ڪري هِڪ نوجوان ڇوڪري کي پڪڙي ۽ اُن کان پنهنجي کيسي مان نِڪتل ڏوڪڙن جي گُهر ڪئي ۔ ڇوڪري چيو ته توکي تنهنجا ڏوڪڙ ضرور ملندا پر منهنجو انعام ڪٿي آهي ؟ بشني وراڻيو ته مان توکي پڪڙي وڌو آهي انعام ڇا جو ؟ هنن ٻنهي جو ضِد وڌي وڃي ڳالهه فيصلي تائين پهتي ۔ هنن جي پنهنجي پئنچايت ويٺي ٻنهين جون ڳالهيون ٻُڌي ويون ، ۽ فيصلو ڇوڪري جي حق ۾ ڏنو ويو ۽ همراهه کي پابند ڪيو ويو ته تنهنجي اعلان مطابق ڇوڪري جيڪو چوندي سو توکي مڃڻو پوندو ۔ هن ڇوڪري کي چيو ته جيڪو گُهرڻو اٿئي سو گُهر ۔
ڇوڪري هن کي چيو ڇا اِهو بهتر نه ٿيندو ته تون ۽ مان شادي ڪريون اسان ٻئي پنهنجي اولاد پنهنجا پنهنجا ڪرتب ۽ طريقا منتقل ڪريون تاڪِ اسانجو اولاد اسان کان بهتر روزگار ڪري سگهي ۔ همراهه کي ڳالهه وڻي هنن جي شادي ٿي سال کن کانپوءِ هنن کي پُٽ ڄائو ، پر ان جي هڪ هٿ جون آڱريون مُٺ جيان بند هيون ، هنن ڏاڍي ڪوشش ڪئي ته آڱريون ڪنهن طريقي سان کُلن پر اُهي نه کُليون جراح ۽ طبيبن به جواب ڏنو ته جراحي جي عمل سان آڱريون کلي ويون ته به ڪم نه ڪنديون ڇو ته هي قدرتي طور بند آهن۔ هي ٻئي ڏاڍا پريشان رهڻ لڳا ، ڇو ته هنن جو ڪم ئي آڱرين سان هو ، هنن کي ڪنهن مشورو ڏنو ته ننڍڙي کي ڪنهن ماهرِ نفسيات ڏي کڻي وڃو۔ ٻارڙي کي ماهر نفسيات ڏي کڻي ويا جنهن ڇوڪري کي لعل هيرا جواهر ڏيکاريا ، ٻارڙي جي هٿ ۾ جنبش اچڻ شروع ٿي ۽ هيرن لعلن ڏانهن هٿ وڌائيندي پنهنجيون آڱريون کوليون ، هن جي هٿ ۾ هڪ مُنڊي هئي جا هِن ڄمڻ وقت دائي جي هٿ مان لاهي ورتي هئي۔
هينئر وڏي وات هر پارٽي جا اعلان پيا ٿين ته انهن جا ٻار ملڪ جا نوان خدمت گذار هوندا ۔