ترقي يافته ملڪن ۾ مزدورن جي پگهار، رهائش، انشورنش ۽ علاج جون سهولتون مهيا ڪيل هونديون آهن ۽ انهن جي ضمانت هوندي آهي. انهن جي پگهار زمان ۽ مڪان جي موافقت سان طع ٿيل هوندي آهي ته جيئن کيس ڏکيا ڏينهن ڏسڻا نه پون. آخر ۾ کين نوڪريءَ جا حق به ملي ويندا آهن ته جيئن، پوڙهپ جي زندگي به آرام سان گذاري سگهي.
ڪنهن ملڪ جي خوشحاليءَ جي ضمانت هوندي آهي
1. آزادي يا خود مختياري
2. ايماندارانه انتظامي سرشتو
3. وسائل جو هجڻ
سنڌ ۾ وسائل ته گهڻا موجود آهن پر افسوس آزادي ۽ انتظامي سرشتو نه هجڻ جي برابر آهي، انڪري جيستائين اهو ائين ئي رهندو تيستائين ڪنهن به طبقي جي حالت ڪون سڌرندي ...
ادا ابڙا صاحب جنهن کي مزدور چئجي اهو ته اڄ به پنهنجي مزدوري ڪري رهيو آهي، ڏهاڙي وارو مزدور، باقي وري به آفيسن ۾ ڪم ڪندڙ ۽ فيڪٽرين ۾ ڪم ڪندڙن کي شايد موڪل آهي، ۽ انهن ويچارن کي به صرف موڪل ئي نصيب ٿئي ٿي، باقي سندن مسئلا ساڳيا جا ساڳيا آهن، نه انهن جي پگهار ۾ ڪو اضافو ڪيو ٿو وڃي نه انهن جي صحولتن ۾ ڪو اضافو ڪيو ٿو وڃي، سنڌ جي موجوده صورتحال تي هرهڪ بيان بازي ڪري ٿو پر مان به اڄ سنڌ امڙ جي اٻوجه ماڻهن جي باري ۾ ڪجهه چوندس جتي هرڪو ماڻهو ميڙ ميڙان پويان ڊوڙي ٿو اتي سنڌ جو مزدور هاري پنهنجي پيٽ گذر جي لاءِ ڊوڙي ڊوڙي ٿڪجي پيو آهي مزدور کي پنهنجي ڌرتي تي پيٽ گذر لاءِ به پيرن اگهاڙي ٿڌ ۾ نڪري پڙين جو رُخ ٿو ڪري پر اُنکي ڪڏهن ملي ٿي ته ڪڏهن هٿين خالي گهر جو رُخ ڪرڻو ٿو پوي جنهن جا ننڍڙا بکايل ٻارڙا انهئ اوسيئڙي ۾ هوندا آهن ته بابا ڪجهه اسان لاءِ آڻيندو پر اُنجو مرجهايل چهرو ڏسي گلن جهڙا ٻار روئي روئي بنا شئي سمهي پوندا آهن يا انهن جي امڙ کين ڪوڙو دلاسو ڏئي چپ ڪرائي ڇڏيندي آهي انهئَ آسري ويچارا خاموش ٿي راند روند ۾ گم سم ٿي ويندا آهن پر اسان جا حڪمران اسان جي اٻوجهه ماڻهن تي روز به روز ڪو نئون ڪهر ڪيرائيندا آهن ڪڏهن بجلي جو مهانگائي جو ته ڪڏهن گيس جو ته ڪڏهن پيٽرول جو ته ڪڏهن ڪنهن ٻي شئَ جو مزدور پورهيت ڪنهن جي در دانهين اُن جي لاءِ هي زندگي ڏکن جا جهول ڀري ايندي آهي جڏهن انهن جي سڃاڻپ ڪارڊ تي پنهنجا ڀڀ ڀرڻ لاءِ انهن کي ڏٺا ڏئي پئسا ڪڍرائيندا آهن انهن کي ڪجهه پئسا ڏئي گهر ڀيڙو ڪندا آهن۔انهن ظالمن کي ڪو خدا جو خوف ئي ناهي ٿيندو، اهي ائين ٿا سمجهن ته هي اسان جو مال ملڪيت جيڪا هنن غريبن جو حق ڦٻائي جمع ڪئي آهي اها هميشه اسان وٽ رهندي ۽ اسان کي هي جهان ڇڏڻو ئي ڪونهي، بس ادا الله جي پڪڙ ته تمام ڏکي آهي مگر الائي ڇو هي اسان جا ماڻهون ان ڳالهه کي سمجهن ئي ڪو نه ٿا، ادا گهڻن اهڙن ماڻهن جو (جيڪي غريبن جو مال کائن ٿا ) حساب ته هن دنيا ۾ ئي شروع ٿئي ٿو وڃي، ڪڏهن بيماري جي صورت ۾ ته ڪڏهن اولاد جي نافرماني جي صورت ۾ ۽ ان کان علاوه اڳيون حساب ڪتاب ته الڳ آهي، جنهن تي شايد هي يقين به ناهن ڪندا، ادا ابڙا صاحب اسان جي انهن غريب ماڻهن جي غربت انهن جو مقدر بڻجي وئي آهي يا ڪامورا وڏيرا ٽينگ خان بڻجي انهن جي حقن تي ڏينهن به ڏينهن نئين نموني ڌاڙو هڻي رهيا آهن اکين ڏٺي ڳالهه ٿو ڪريان ته ڪنهن ڪراڙي پوڙهي امڙ زڪوات جي ميمبر کان مهيني کان پوءِ زڪوات وٺڻ آئي ان کي چوڻ لڳو ته امڙ مٿان اڃان پئسا ڪونه آيا آهن ويچاري دانهون ڪندي رهي پر ان جي مٿي جو وار به وينگو نه ٿيو وڃڻ مهل ان کي چوڻ لڳو امڙ تون آئي آهين ٻه سئو روپيا ڏيانءِ ٿو مون شايد سمجهيو پئي ته ويچاري پوڙهي جي مدد پيو ڪري پر جڏهن ان جي وڃڻ کان پوءِ حال احوال ڪٽڻ لڳو ته ڇا هن جو مڙس يا پٽ ڪونهي مڙس ۽ پٽن هوندي ڌڪا ٿيون کائين سڀ جو انهن کي ڏيون ته اسان يونين ڪيئن هلائينداسين ۔ ادا سچ پڇو ته ان ڳالهه تي جيءَ جُهري پيو پر مان ڪجهه ڪري نه سگهيس اسان وٽ زڪوات جي حقدار کي حق نٿو ڏنو وڃي ته پوءِ هاري کي پوکيءَ لاءِ ٻني به نٿي ڏني وڃي مزدور کي مزدوري نٿي ڏني وڃي ته اتي ائين ٿو چوڻو پوي (مون پڪ سڃاتا پنهنجا هئا ڪي ڌارين سان گڏ ڌاڙي ۾) سنڌ جي ٻين مسئلن جي ڳالهه ٿي ڪجي ته اسان جا اسڪول ويران اسان جا گلن جهڙا ٻارڙا تعليم جي زيور کان محروم تعليمي تدريسي عمل نه هجڻ جي برابر آهي، جنهن اسڪول ۾ شاگرد 100 آهن ته ماستر ٻه آهن، ۽ جنهن اسڪول ۾ شاگرد 10 آهن ته ماستر 15 آهن اهو انڪري ته هر ڪو ماڻهون پنهنجي صحولت کي مدنظر رکر ڪري پنهنجي نوڪري جي بدلي اتي ڪرائي ٿو وڃي، ادا ا ان ۾ ڌارين کي ڏوهي ڪهڙو ڪيون سنڌي اسڪولن جا استاد پنهنجي ٻاررن جو مستقبل برباد ڪري رهيا آهن ڪيترائي استاد آهن جيڪي پنهنجي پيشي سان بيوفائي ڪندي اسڪولن جو منهن ئي ڪونه ٿا ڏسن گهر ويٺي ٿا پگهارون کڻن ٻيو ته پرائيوٽ اسڪولن جي تعليم ايتري ته مهانگي آهي جو پورهيت ۽ مزدور هاري جو پٽ پڙهڻ يا پڙهائڻ جو سوچي ئي نٿو سگهي ۽ ٻيو ته جڏهن به ڪو سنڌي نيوز چينل کولي ڏسون ٿا ته ڪا نه ڪا جئَ جهوريندڙ خبر ٻڌڻ ۾ ملي ٿي ته فلاڻي پورهيت جا پنج ٻچا اڻ ڄاتل بيماري ۾ وڪوڙجي ويا آهن اڄ تازو ڪي ٽي اين نيوز تي خبر ٻڌي اکين لڙڪ لڙي آيا ته ڪنهن مزدور جا پنج ٻار ذهني معذور آهن هلڻ گهمڻ جي لاءِ به محتاج آهن جڏهن انهن جو معصوماڻو هلڻ ڏسي اکيون آلي ٿي ويون پر افسوس جو اڄ تائين ان جي ڪنهن به مدد ناهي ڪئي سرندي وارا به سرندي وارن جي ئي مدد ڪندا ته غريب جي مدد لاءِ اڳتي ڪير ايندو، ان جو چوڻ هئو ته در در ويو آهيان پر چون ٿا ته ٻارن جي خوراڪ ڪر پر سوَ اڍائي سوَ مان ڇا ڪيان جاني اِهي آهن حال اسان جي پورهيت جا جنهن جي ووٽ جي زور تي حڪمران حڪمراني ڪن ٿا پر انهن جو صلو غريب کي اهو مليو آهي دوستو لکڻ لاءِ ته گهڻو ئي ڪجهه آهي، پر ادا ٿيندي ڪجهه به نظر ڪو نه ٿو اچي، ۔۔۔ ادا ابڙا صاحب سال ٻه پهرين به مون سنڌ سلامت تي مزدورن جي عالمي ڏينهن جي حساب سان سنڌ جي مزدورن جو ذڪر ڪيو هو، جنهن جي لنڪ پڻ هت ڏيان ٿو، باقي ڪجهه ان ۾ به موجود آهي، مزدور ڏينهن ۽ سنڌ جو مزدور
حديث ۾ آهي ته (اعطوا الاجير اجره قبل ان يجف عرقه)
يعني پاڻ سڳورا صلي الله عليه وآله وسلم فرمائن ٿا ته: (مزدور کي هن جي پگهر سڪڻ کان پهرين مزدوري ادا ڪريو)
علامه شاھ ولي الله محدث دهلوي رحمت الله عليه جو قول:
مزدوري جو وقت معين ڪجي، مزدورن کي ايترو وقت ضرور ملڻ گهرجي جو هو اخلاقي ۽ روحاني اصلاح ڪري سگهن ۽ انهن ۾ مستقبل متعلق غور ۽ فڪر جي صلاحيت پيدا ٿي سگهي۔
ڪنهن شاعر چيو آهي:
سوجاتي هين فوٽ پاٿ په اخبار بڇا ڪر
مزدور ڪبهي نيند ڪي گولي نهين کاتي
حديث ۾ آهي ته (اعطوا الاجير اجره قبل ان يجف عرقه) يعني پاڻ سڳورا صلي الله عليه وآله وسلم فرمائن ٿا ته: (مزدور کي هن جي پگهر سڪڻ کان پهرين مزدوري ادا ڪريو)۔۔۔ ادا ڪاش ائين ٿئي ۽ مزدور کي پنهنجو حق ملي، ورنه هت ته حق ته ڪو نه ٿو ملي پر بدلي ۾ ذليل ڪيو ٿو وڃي، الله انهن کي سمجهه عطاء ڪري آمين۔ ادا الله ۽ ان جي رسول جو قانون ته اهو قانون آهي، جيڪو دنيا جي هر مسئلي تي ۽ دنيا جي هر ڪم ۽ دنيا جي موڙ تي ايندڙ مشڪلات لاء حل مهيا ڪري ٿو، اگر هي دنيا رب جي ڌنل قانون ۽ حضور جي احڪامن تي عمل ڪري ته ڪاش اسان وٽ شايد ئي ڪو بک تي رات سمهي،
اهو بلڪل صحيح آهي ته مزدورن کي پنهنجا بنيادي حق ڪو نه ٿا ملن ۽ هو پنهنجي گهر جو چلهو ٻارڻ لا سڄو ڏينهن چند پئسن عيوض مزدوري ڪندا رهن ٿا ۽ پنهنجي اولاد کي به پڙهائي نه ٿا سگهن، تنهنڪري انهن جي غربت وڌي ٿي ۽ اهي ننڍڙا معصوم ٻار به ننڍي عمر ۾ ئي والدين سان گڏ مزدوري ڪرڻ تي مجبور ٿي پون ٿا ۽ هٿن ۾ قلم جي بجا ڪوڏر کڻن ٿا۔
انهي ڳالھ کي نّظر ۾ رکندي ڪنهن شاعر چيو آهي ته
هي هيڏا سارا ٻارڙا ٿا ڪاوش ڪاوش ڪن
نٽهڻ اس ۾ پيا ٿا روڊن تي گــــــــــــــــــهـــمــن
شال اهي پڙهن ته سارو جڳ جرڪــــــــي پوي