جمالي سنڌي ادب ڊاٽ ڪام۔۔۔ ويب سائيٽ

'مختلف موضوع' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏1 مئي 2012۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.


    جمالي سنڌي ادب ويب سائيٽ جو آغاز (12.10.2011ع) ٿيو، اسان جي اها ڪوشش آهي .سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي روشناس ڪرائجي ، سنڌي ٻولي سان چاهه رکندڙ انهن سمورن دوستن کي گذارش آهي ته اهي هن سفر ۾ شريڪ ٿي پنهنجو حقيقي ڪردار ادا ڪيو،ڪجھه وقت اڳ اسان کي اها خبر نه هئي ته انٽرنيٽ ڇا آهي ،پر ڇا ڪجي ڪمپيوٽر خريد ڪرڻ جي سگھه نه هئي ، نه ئي ايترو لکيل پڙهيل آهيا ن ، اڄ جيڪو ڪجھ اوهان جي سامهون آهيان ،اهو فقط سنڌي ٻولي سان چاهه ۽ شوق جو سرچشمو آهي ، مان هڪ مال چاريندڙ آهيان اهو سلسلو اڃان تائين جاري آهي منهنجي تعليم فقط سنڌي آهي ۽ وقت جي ڪمي جي ڪري ڪجهه ڏکيائيون به پيش آيون ، پر ڇا ڪجي ٽن چئن ڏينهن ۾ فقط هڪ ڪلاڪ ٽائيم ڪو ملي ته به وڏي خوشنصيبي آهي انهي ڪري هن ويب ۾ ڪجھه غلطيون به ضرور ٿيون هونديون انهي لاءِ معذرت پنهنجي راءِ کان ضرور آگاهه ڪجو مان هڪ اڻپڙهيو ٿي سنڌي ٻولي جي محبت ۾ ڪمپيوٽر جي قابل بڻيو آهيان ،ڪاش اهو ڏينهن ڪڏهن ٿيندو ،جو هر لکيو پڙهيو سنڌي پنهنجي مٺڙي ٻولي لاءِ ڪواهڙو ماحول جوڙيندو جنهن سان هر سنڌي کي فائدو ٿي پنهنجي ٻولي جو مان ۽ شان هميشه اوچو هجي ،اهو ڏينهن ضرور ايندو۔۔ بشڪريه جمالي سنڌي ادب ڊاٽ ڪام
     
  2. سوجهرو

    سوجهرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 جون 2011
    تحريرون:
    36
    ورتل پسنديدگيون:
    47
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    158
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر پروگرامر
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: جمالي سنڌي ادب ڊاٽ ڪام۔۔۔ ويب سائيٽ

    تمام بهترين ڪم آهي ادا۔۔۔ اوهان کي جس هُجي جو اوهان ايترين ڏکيائين جي باوجود اهڙو نرالو ڪم ڪري ڏيکاريو۔۔۔ اسان جي دُعا آهي ته اوهان جي ڪم ۾ الله سائين اوهان کي ڪامياب ڪري۔ آمين
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: جمالي سنڌي ادب ڊاٽ ڪام۔۔۔ ويب سائيٽ

    مهرباني ادا ممتاز

    تمام بهترين ڪم ٿي رهيو آهي هن ويب پيج تي۔ اڃان تياري جي مرحلي ۾ آهي ۽ وائس آف سنڌ سان ملندڙ ويب پيج آهي۔ دوستن کي شاباس هجي جيڪي سنڌي ٻولي جي ترقي لاء ڪوشان آهن۔
     
  4. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: جمالي سنڌي ادب ڊاٽ ڪام۔۔۔ ويب سائيٽ

    جيڪي به دوست ٻولي جي ترقي لا ڪوششون وٺن پيا سڀني کي منهنجي طرفان سلام ۔۔۔۔
     
  5. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    جواب: جمالي سنڌي ادب ڊاٽ ڪام۔۔۔ ويب سائيٽ

    مائٽ سائين مان اوهانجي ڪوششن لاءِ 20 صديءَ جو هڪ عظيم اڳواڻ جنهن پنهنجي قوم کي زيرو مان هيرو بڻائي ڇڏيو ، ان جا ڪجهه قول ڏيندس۔
    نه اچڻ ڏوهه نه آهي ، نه سکڻ بدترين ڏوهه آهي ۔
    ناڪام ٿيڻ ڏوهه نه آهي ، ناڪامي جا سبب لِڪائڻ ڏوهه آهي ۔
    چيئرمين مائوزي تُنگ
    اڄ چين کان هرڪو لنوائي ٿو ۔ بر صغير ۾ ايتريون حالتون خراب نه هيون جيتريون چين ۾ خراب هيون ، هڪ سال پوءِ آزاد ٿيو ۽ دنيا جي پنج سُپر پاور ۾ پنهنجي جڳهه بڻائي اٿس۔
    اوهان جيڪي ڪجهه ڪيو ته اٿا !!! گهٽ ۾ گهٽ مون وانگر ماٺ ته نه ڪئي اٿوَ !!! جس هجي اوهانکي اوهانجي جذبي کي ۔ الله سائين صدقي محمد وَ آلِ محمد صلي الله عليه وسلم محابي پنجتن پاڪ جي اوهان جو حامي و ناصر هوندو آمين ثم آمين
     
  6. عبدالرحيم

    عبدالرحيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2009
    تحريرون:
    630
    ورتل پسنديدگيون:
    581
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Computer Officer
    ماڳ:
    ميرپورخاص، سنڌ
    جواب: جمالي سنڌي ادب ڊاٽ ڪام۔۔۔ ويب سائيٽ

    ادا تمام بهترين ڪوشش آهي ۽ ويب سائيٽ به تمام سٺي ٺهيل آهي
     
  7. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: جمالي سنڌي ادب ڊاٽ ڪام۔۔۔ ويب سائيٽ

    سٺي ڪاوش آهي ، اڃا ڪم گهڻو رهيل آهي ، اميد ڪريون ٿا ته ادو حاڪم علي جمالي ويب سائيٽ جو معيار ۽ ڪوليٽي کي مزيد بهتر بڻايندو ، انشاءالله !

    ادا ممتاز اوهان جي به مهرباني جو اهڙي سائيٽ جو ڏس ڏنئي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو