ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
جمالي سنڌي ادب ويب سائيٽ جو آغاز (12.10.2011ع) ٿيو، اسان جي اها ڪوشش آهي .سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي روشناس ڪرائجي ، سنڌي ٻولي سان چاهه رکندڙ انهن سمورن دوستن کي گذارش آهي ته اهي هن سفر ۾ شريڪ ٿي پنهنجو حقيقي ڪردار ادا ڪيو،ڪجھه وقت اڳ اسان کي اها خبر نه هئي ته انٽرنيٽ ڇا آهي ،پر ڇا ڪجي ڪمپيوٽر خريد ڪرڻ جي سگھه نه هئي ، نه ئي ايترو لکيل پڙهيل آهيا ن ، اڄ جيڪو ڪجھ اوهان جي سامهون آهيان ،اهو فقط سنڌي ٻولي سان چاهه ۽ شوق جو سرچشمو آهي ، مان هڪ مال چاريندڙ آهيان اهو سلسلو اڃان تائين جاري آهي منهنجي تعليم فقط سنڌي آهي ۽ وقت جي ڪمي جي ڪري ڪجهه ڏکيائيون به پيش آيون ، پر ڇا ڪجي ٽن چئن ڏينهن ۾ فقط هڪ ڪلاڪ ٽائيم ڪو ملي ته به وڏي خوشنصيبي آهي انهي ڪري هن ويب ۾ ڪجھه غلطيون به ضرور ٿيون هونديون انهي لاءِ معذرت پنهنجي راءِ کان ضرور آگاهه ڪجو مان هڪ اڻپڙهيو ٿي سنڌي ٻولي جي محبت ۾ ڪمپيوٽر جي قابل بڻيو آهيان ،ڪاش اهو ڏينهن ڪڏهن ٿيندو ،جو هر لکيو پڙهيو سنڌي پنهنجي مٺڙي ٻولي لاءِ ڪواهڙو ماحول جوڙيندو جنهن سان هر سنڌي کي فائدو ٿي پنهنجي ٻولي جو مان ۽ شان هميشه اوچو هجي ،اهو ڏينهن ضرور ايندو۔۔ بشڪريه جمالي سنڌي ادب ڊاٽ ڪام