منهنجي حقيقت

'مختلف موضوع' فورم ۾ منصور ميراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏2 مئي 2012۔

  1. منصور ميراڻي

    منصور ميراڻي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏16 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    102
    ورتل پسنديدگيون:
    153
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    ڄامشورو
    [​IMG]
    مان هڪ الڳ قسم جو انسان آهيان ۽ اهو مون پاڻ محسوس به ڪيو آهي. منهنجي ڳالهائڻ جو ڍنگ، منهنجي سوچ ۽ منهنجو اٿڻ وهڻ سڀني دنيا کان بالڪل جدا آهي ۽ اهي ڳالھيون مونکي ٻين کان مختلف لڳن ٿيون. مان قدرت سان محبت رکڻ وارو شخص آهيان . مونکي قدرت هر رنگ ۾ مزو ٿو اچي. ۽ جيڪڏهن دوستن، ساٿين مان بور ٿيندو آهيان ته ان قدرت جي رنگ ۾ رنگجي ويندو آهيان ۽ پنهنجي چوڌاري واري دنيا نظر نه ايندي ۽ رڳو بيابان پيو نظرندو آهي ۽ ڇوته اتي ان رنگ ۾ رنگجڻ وارو مان هوندو آهيان ۽ مان ئي هوندو آهيان انڪري اهو سڀ ڪجھ بيابان نظر ايندو آهي. مونکي دوست چوندا آهن تون چريون آهين جو ايترو سوچين ٿو لڳي ٿو شيشن واري ديوار جو ديدار ڪرائڻو پوندو پوءِ تون ٺيڪ ٿي ويندين. (شيشن واري ديوار اسان گندو بندر کي سڏيندا آهيون. ڇو ته ان جي ديورا شيشن واري آهي). ڀلا توکي ايترو سوچڻ ملي ڇا ٿو؟. ... ۽ ڪجھ ائين به چوندا آهن ته تون ڊرامون ٿو ڪرين ۽ پنهنجو پاڻ کي ناياب سمجھڻ لڳو آهين موچڙي جي گھٽ تائي جيڪري. اڙي بابا! جيڪڏهن اوهان کي منهنجي اٿڻ ويهڻ نٿو وڻي، منهنجي سوچ سٺي نه ٿي لڳي توهان مونکي ڇڏي هليا وڃون. سو سمپل... انهن جي هليو وڃڻ سان آءٌ بک ڪونه مرندس ۽ نه ئي مونکي وري ننڊ ڪونه ايندي؟ پر جيڪڏهن انهن تي ڪو اثر ٿو پوي ضرور انهن لاءِ ٿوري ڪس کائيندس پر منهنجو ايٽيٽيوڊ ساڳيو ئي رهندو.
    ٻه ٽي ڏهاڙا اڳ ۾ منهنجد ويل سائين علي حسن وٽ ويس، مونکي شلوار قميس پاتل هئا، سائين پاڻ شلوار قميس تمام گھٽ پائيندو آهي. مونکي چيائين “شام توکي مان پيٽ شرٽ ۾ ڏسان! ۽ دنيا جي سمورن ملڪن جو قومون پينٽ شرٽ سان ٿيون جنگيون وڙهن، انڪري ماڻهو پنهنجو ميار ٺاهي”. مان چيو مانس “سائين جي سموريون فوجون پينٽ شرٽون پائي وڙهنديون آهن ته پوءِ مهتما گانڌيءَ پينٽ ڇو نه پاتي؟” هاڻي سائين توهان ٻڌايو مان غلظ ته ناهيان نه؟!
    ڄامشوري ۾ مان شرارتون به ڏاڍيون ڪيون آهن ۽ پنهنجي ڪلاس وارن کي به ڏاڍو کلائيندو آهيان، هڪ ڀيري ڦاٽڪ کان آکيري تي پئي ويس ته لوڪل بس جي ڪلينڊر بس جي پٺئين در مان اندر ڌڪيو مان وري پوئين دروازي مان نڪري آيس هليو. اهڙيون حرڪتون روز سوزڪين وارن ۽ بسن وارن سان ڪندو رهندو آهيان. اصل! ڏاڍو مزو ايندو آهي.
    هن مضمون ۾ مان رڳو پنهنجي تعريف ڪندس پڙھو نه پڙهو اوهان جي آهي مرضي ڇو ته مان اهو سمجھي ڪپ نه لکيو آهي ته ڪو هن مضمون کي پڙهندو يا نه پڙهندو، مون ته بس لکي ڇڏيو آهي. هاڻي اهو توهان ته ڇو ڊپينڊ ڪري پڙهو ٿا يا نه ٿا پڙهو.
    استاد هاڻي ڪجھ نه مونکي سمجھڻ لڳا آهن هاڻي مونکي جواب اهو ئي ڏيندا آهن جهڙيءَ طرح مونکي گھربل هوندو آهي، ويچارن کي ڪلاس ۾ ليڪچر دوران تنگ به ڏاڍو ڪندو آهيان. هاڻي اهو چوڻ شروع ڪيو اٿن ته مهرباني ڪري چپ ڪري وهندو ڪر. ڇڙٻ وارو اندز ۾ نه بلڪه هڪ سٺي طريقي سان بي غزتي خراب ڪندا آهن.
    مان جتي به رهيو آهيان اتي پنهنجا نشان ڇڏيا آٿم ڪو ڪنهن نه ڪنهن نموني سان ياد ضرور ڪندو هوندو، ڪٿي نڀاڳ جا وڻ وڄائي ڇڏيم ته ڪٿي اسڪولن جو ڀتيون ٽپي رڪارڊ قائم ڪيم. پنهنجي جيترن ۾ ڪرڪيٽ جو سڄو کلاڙي آهيان. ڪمپيوٽر جي ٿورڙي ڄاڻ اٿم، دوستن کي ٿورڙو وڌائي ٻڌائيندو آهيان جئين پرستار ٿي پون، جيئن پي هر جاءِ منهنجي تعريف ڪن. عام رواجي سوچ ته اهوئي سکاري ٿي ته ڇا ڪجي. بس پوءِ پيا ٿا نالي جي پٺيان ٿا ڀڄون. من ڪٿي اسانجو ذڪر ٿي پوي وونٽ وڌن.
    ننڍي هوندي ڪوڙ ڏاڍا ڳالهائيندو هوس، صفا آ ٺا! هوندي هئي، والدين، استادن، دوستن ۽ ٻين سان سڀني سان ڪوڙ. ان شيءِ جو احسان مونکي ميٽرڪ ۾ ٿيو ۽ ان ڪوڙ ڳالهائيڻ جي نقصان جو اندازو ٿيو جڏهن استاد عسمت الله بوزدار جي سينٽر تي مون استاد کان نوٽس طلب ڪيا ۽ چيو مانس ته هن پقت پئسا ناهن صبحاڻي بابا کان وٺي ايندس في الحال اوهان مونکي نوٽس ڏيو. ته سائينءَ سڌو ٺپ جواب ڏنو. چيائين “تون پنهنجي پت وڃائي ويٺو آهين، هاڻي آءٌ تنهنجي ڳالھ تي اعتبار نٿو ڪري سگھان”. جڏهن به مان اهي ٽيوشن وارا ڏينهن ياد ڪندو آهيان تو اهو واقعو منهنجي ذهن ۾ اڀري ايندو آهي ۽ پوءِ ان افسوس وقت ضايع ڪري ڇڏيندو آهيان،. مطلب هر پاسي کان نقصان.
    هي، هاڻي ٻه ٽي مهينا ٿيا آهن جو ٿورڙو ڳالھ ذهن ۾ ويٺي نه ته توهان ڪنهن منهنجي پاڙيسري يا مٽ مائٽ کان پڇندئو ته منصور جي اٿڻي ويڻي ڪيئن آهي بنا روڪ ائين چوندو ته ارڪان ڪونه اٿس، اصل پرور داستان بي ڌڙڪ ٿي ٻڌائيندو.
    ادا جي پڙهائي واري پاسي جي ڳالھ ٿي ڪجي ته، زندگيءَ ۾ سڀ کان وڌيڪ افسوس ان ڳالھ جو رهندو ته مان چڱيءَ طرح پڙهي نه سگھيس ۽ بابي ويچاري به ڏاڍا وس ڪيا پر سائين جنهن جي مٿي تي نڀاڳ سوار هجي اهو ڪنهنجي ٻڌي ٿو ڇا؟ مئٽرڪ به ڪاپي ڪيم ۽ انٽر به ڪاپي ڪيم ۽ دل اڃا به چوي ٿي ورسٽيءَ ۾ پڙهڻ جو حقدار نه آهيان ڇو ته ٽيسٽ ته پنهنجي سر پاس ڪئي پر پوئين ڊگري جيڪا ورسٽيءَ ۾ داخلا لاءِ لازمي آهي. اها بي ايماني ڪري حاصل ڪئي اٿم. ڪنهن غريب جي ٻار جو حق کاڌو اٿم.
    هاڻوڪي صورتحال اها آهي جو مان جيڪو ڪجھ لکڻ جي قابل آهيان اهو مان پنهنجي سوچ جي ڪري آهيان. ڇو ته منهنجي اندر ۾ جيڪي خوبيون ٿي سگھن ٿيون انهن جي ڳولا ٿو ڪريان ۽ جيڪي خاميون آهن انهن مان آجو ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان. مونکي گهرائي ۾ سوچڻ جي عادت ٿي ويئي آهي هر ننڍي ڳالھ تي ڳهرائيءَ ۾ وڃي سوچيندو پوءِ وضاحت پنهنجو پاڻ اچي ويندي آهي.
    هاڻي آکاڻي کي پورو ڪجيس توهان به ٿڪي پيا هوندؤ انڪري مونکي ڏيو اجازت.
    دعائن ۾ ياد!
    سدائين گڏ.
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: منهنجي حقيقت

    پيارا منصور سدا خوش هجو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    سچل سائين چئي ويو آهي:

    ڪو ڪيئن چوي ڪو ڪيئن چوي
    مان جوئي آهيان سو ئي آهيان


    اوهان جي سوچ تمام سٺي آهي، طبيتون ۽ مزاج جهڙو به هجي پر ڌرتيء ۽ قوم سان پيار جو اظهار ڪجي ته پوء اسان کي سڀ طبيعتون ۽ مزاج ونندا آهن۔ اسان چاهينداسين ته سنڌ سلامت تي اوهاج ون يادون نه پر اوهان هر وقت اسان سان گڏ هجو ۽ ڪجهه لکندا رهو، ڪجهه پڙهندا به رهو ۽ ان تي پنهنجي راء به ڏيو ۔۔۔۔۔۔۔

    اوهان جي بهتر مستقبل لاء دعاگو آهيون ۔۔۔۔۔ شال سدا خوش هجو، مسڪرائيندا رهو ۽ مرڪون وکيريندا رهو۔
     
  3. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,729
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: منهنجي حقيقت

    منهنجا ڀا منصور ميراڻي۔۔۔توهان جو نالو منهنجي نالي سان ملندڙ جلندڙ آهي، هن نالي جي هڪ خاصيت اها به آهي ته جيڪي نالا ميم سان شروع ٿيندا آهن اهي، دل جا صاف، سچا، ۽ محبتي هوندا آهن، انهن ۾ مزاح جو مادو به تمام گهڻو هوندو آهي، وري اهي وڏي حد تائين حساس به ٿيندا آهن، ٻين جي مدد ڪرڻ لا هڙان وڙان به ڏئي انهن جي مدد ڪندا آهن، اهي ذهني طور تي تمام هوشيار به ٿيندا آهن،،پر ٿورڙي ڪنهن طرفان دل آزاري ڪرڻ تي ڏکارا ٿي پوندا آهن۔۔توهان جي شخصيت ۾ تمام گهڻو حساس پڻو موجود آهي، ان حساسيت کي پنهنجي سگهه بڻايو، ڪڏهن به پاڻ کي اڪيلو يا تنها محسوس ڪرڻ نه ڏيو، توهان ۾ گهڻي حد تائين صلاحيتون موجود آهن، توهان جي وڏي خوبي اها آهي ته توهان ڪنهن به ماڻهو سان گهلي ملي سماجي لاڳاپا وڌائي سگهو ٿا، اها خوبي تمام گهٽ ماڻهن وٽ هوندي آهي، اهي سڀ ڳالهيون توهان جي شخصيت کي اڃان به وڌيڪ سگهارو بنائڻ ۾ مددگار ثابت ٿينديون۔۔۔باقي ٻي ڳالهه ته توهان پنهنجي سچائي جو جيڪو اظهار ڪيو آهي، ۽ پنهنجن ڪيل معصوم غلطين تي پشيماني ظاهر ڪئي آهي، اها تمام سٺي ۽ با اخلاق ماڻهو هئڻ جو ثبوت آهي،، توهان بهترين انسان آهيو، توهان پنهنجي اندي جي منصور کي اڃا به نکاريو، پنهنجن لکڻين سان گهڻو ڪجهه ڪري سگهو ٿا، پنهنجي جذبن جي اّظهار کي هميشه ٻين تائين پهچائيندا رهو۔۔۽ سٺن دوستن جي سڄڻن جي صحبت اختيار ڪيو تمام گهڻو مزو ايندو توهان کي ۔۔۔۔سدائين گڏ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو