منصور ميراڻي
سينيئر رڪن

ٻه ٽي ڏهاڙا اڳ ۾ منهنجد ويل سائين علي حسن وٽ ويس، مونکي شلوار قميس پاتل هئا، سائين پاڻ شلوار قميس تمام گھٽ پائيندو آهي. مونکي چيائين “شام توکي مان پيٽ شرٽ ۾ ڏسان! ۽ دنيا جي سمورن ملڪن جو قومون پينٽ شرٽ سان ٿيون جنگيون وڙهن، انڪري ماڻهو پنهنجو ميار ٺاهي”. مان چيو مانس “سائين جي سموريون فوجون پينٽ شرٽون پائي وڙهنديون آهن ته پوءِ مهتما گانڌيءَ پينٽ ڇو نه پاتي؟” هاڻي سائين توهان ٻڌايو مان غلظ ته ناهيان نه؟!
ڄامشوري ۾ مان شرارتون به ڏاڍيون ڪيون آهن ۽ پنهنجي ڪلاس وارن کي به ڏاڍو کلائيندو آهيان، هڪ ڀيري ڦاٽڪ کان آکيري تي پئي ويس ته لوڪل بس جي ڪلينڊر بس جي پٺئين در مان اندر ڌڪيو مان وري پوئين دروازي مان نڪري آيس هليو. اهڙيون حرڪتون روز سوزڪين وارن ۽ بسن وارن سان ڪندو رهندو آهيان. اصل! ڏاڍو مزو ايندو آهي.
هن مضمون ۾ مان رڳو پنهنجي تعريف ڪندس پڙھو نه پڙهو اوهان جي آهي مرضي ڇو ته مان اهو سمجھي ڪپ نه لکيو آهي ته ڪو هن مضمون کي پڙهندو يا نه پڙهندو، مون ته بس لکي ڇڏيو آهي. هاڻي اهو توهان ته ڇو ڊپينڊ ڪري پڙهو ٿا يا نه ٿا پڙهو.
استاد هاڻي ڪجھ نه مونکي سمجھڻ لڳا آهن هاڻي مونکي جواب اهو ئي ڏيندا آهن جهڙيءَ طرح مونکي گھربل هوندو آهي، ويچارن کي ڪلاس ۾ ليڪچر دوران تنگ به ڏاڍو ڪندو آهيان. هاڻي اهو چوڻ شروع ڪيو اٿن ته مهرباني ڪري چپ ڪري وهندو ڪر. ڇڙٻ وارو اندز ۾ نه بلڪه هڪ سٺي طريقي سان بي غزتي خراب ڪندا آهن.
مان جتي به رهيو آهيان اتي پنهنجا نشان ڇڏيا آٿم ڪو ڪنهن نه ڪنهن نموني سان ياد ضرور ڪندو هوندو، ڪٿي نڀاڳ جا وڻ وڄائي ڇڏيم ته ڪٿي اسڪولن جو ڀتيون ٽپي رڪارڊ قائم ڪيم. پنهنجي جيترن ۾ ڪرڪيٽ جو سڄو کلاڙي آهيان. ڪمپيوٽر جي ٿورڙي ڄاڻ اٿم، دوستن کي ٿورڙو وڌائي ٻڌائيندو آهيان جئين پرستار ٿي پون، جيئن پي هر جاءِ منهنجي تعريف ڪن. عام رواجي سوچ ته اهوئي سکاري ٿي ته ڇا ڪجي. بس پوءِ پيا ٿا نالي جي پٺيان ٿا ڀڄون. من ڪٿي اسانجو ذڪر ٿي پوي وونٽ وڌن.
ننڍي هوندي ڪوڙ ڏاڍا ڳالهائيندو هوس، صفا آ ٺا! هوندي هئي، والدين، استادن، دوستن ۽ ٻين سان سڀني سان ڪوڙ. ان شيءِ جو احسان مونکي ميٽرڪ ۾ ٿيو ۽ ان ڪوڙ ڳالهائيڻ جي نقصان جو اندازو ٿيو جڏهن استاد عسمت الله بوزدار جي سينٽر تي مون استاد کان نوٽس طلب ڪيا ۽ چيو مانس ته هن پقت پئسا ناهن صبحاڻي بابا کان وٺي ايندس في الحال اوهان مونکي نوٽس ڏيو. ته سائينءَ سڌو ٺپ جواب ڏنو. چيائين “تون پنهنجي پت وڃائي ويٺو آهين، هاڻي آءٌ تنهنجي ڳالھ تي اعتبار نٿو ڪري سگھان”. جڏهن به مان اهي ٽيوشن وارا ڏينهن ياد ڪندو آهيان تو اهو واقعو منهنجي ذهن ۾ اڀري ايندو آهي ۽ پوءِ ان افسوس وقت ضايع ڪري ڇڏيندو آهيان،. مطلب هر پاسي کان نقصان.
هي، هاڻي ٻه ٽي مهينا ٿيا آهن جو ٿورڙو ڳالھ ذهن ۾ ويٺي نه ته توهان ڪنهن منهنجي پاڙيسري يا مٽ مائٽ کان پڇندئو ته منصور جي اٿڻي ويڻي ڪيئن آهي بنا روڪ ائين چوندو ته ارڪان ڪونه اٿس، اصل پرور داستان بي ڌڙڪ ٿي ٻڌائيندو.
ادا جي پڙهائي واري پاسي جي ڳالھ ٿي ڪجي ته، زندگيءَ ۾ سڀ کان وڌيڪ افسوس ان ڳالھ جو رهندو ته مان چڱيءَ طرح پڙهي نه سگھيس ۽ بابي ويچاري به ڏاڍا وس ڪيا پر سائين جنهن جي مٿي تي نڀاڳ سوار هجي اهو ڪنهنجي ٻڌي ٿو ڇا؟ مئٽرڪ به ڪاپي ڪيم ۽ انٽر به ڪاپي ڪيم ۽ دل اڃا به چوي ٿي ورسٽيءَ ۾ پڙهڻ جو حقدار نه آهيان ڇو ته ٽيسٽ ته پنهنجي سر پاس ڪئي پر پوئين ڊگري جيڪا ورسٽيءَ ۾ داخلا لاءِ لازمي آهي. اها بي ايماني ڪري حاصل ڪئي اٿم. ڪنهن غريب جي ٻار جو حق کاڌو اٿم.
هاڻوڪي صورتحال اها آهي جو مان جيڪو ڪجھ لکڻ جي قابل آهيان اهو مان پنهنجي سوچ جي ڪري آهيان. ڇو ته منهنجي اندر ۾ جيڪي خوبيون ٿي سگھن ٿيون انهن جي ڳولا ٿو ڪريان ۽ جيڪي خاميون آهن انهن مان آجو ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان. مونکي گهرائي ۾ سوچڻ جي عادت ٿي ويئي آهي هر ننڍي ڳالھ تي ڳهرائيءَ ۾ وڃي سوچيندو پوءِ وضاحت پنهنجو پاڻ اچي ويندي آهي.
هاڻي آکاڻي کي پورو ڪجيس توهان به ٿڪي پيا هوندؤ انڪري مونکي ڏيو اجازت.
دعائن ۾ ياد!
سدائين گڏ.