• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

عابده پروين جي صحتيابي لا دعا ڪيو:

عرفان ديشي

سينيئر رڪن
330h2jc.jpg


جڳ مشهور صوفي ازم ۽ لطيف جي پيغام کي پکيڙيندڙ ناليواري فنڪاره عابده پروين دل جي تڪليف سبب دهلي جي اسپتال ۾ داخل:

نئين دهلي: ناليواري گلوڪاره عابده پروين دل جي تڪليف سبب نئين دهليء جي هڪ اسپتال ۾ داخل آھي، صوفياڻا ڪلام ۽ لوڪ گيت ڳائيندڙ جڳ مشهور ناليواري سنڌي فنڪاره عابده پپروين دهليء جي هڪ اسپتال ۾ داخل آھي جتي ان جي انجو پلاسٽي ڪئي ويندي،
سنڌ واسين کي اپيل ٿي ڪجي ته ٻيو ڪجھ به نه، ته به هن سهڻي آواز جي ملڪه کي سندن صحتيابي لاء وڌ کان وڌ دعائون ضرور ڪندا:

جڳ مشهور صوفي ازم ۽ لطيف جي پيغام کي پکيڙيندڙ ناليواري فنڪاره عابده پروين دل جي تڪليف سبب دهلي جي اسپتال ۾ داخل:

elcf21.jpg
 
جواب: عابده پروين جي صحتيابي لا دعا ڪيو:

سنڌ جي هن سريلي ۽ سهڻي انسان کي الله تعالا وڏي ڄمار عطا ڪري ،،، آمين

عابده پروين، سنڌ ۽ هند جي صوفي درويشن ۽ ولين کي ڳائي، دنيا ڀر ۾ سنڌ جو نالي ۽ لطيف جي فڪر کي وڌايو آهي ۽ ” جي لطيف، شل سنڌڙي آباد هجئي“ جي صدا هڻندي آهي ته سچ پڇو ته دل ۾ سندس آواز گهر ڪري ويندو آهي

اي رب العالمين! سنڌ هن ويجهڙائيءَ ۾ تمام گهڻا انسان وڃايا آهن، هاڻ اسانجي دل ڪمزور ٿيندي وڃي، اهي انسان بيشڪ تنهنجي ملڪيت آهن پر اسانجي دل جا ٺار آهن، انهن کي بچائي رک ،،،، آمين
 
جواب: عابده پروين جي صحتيابي لا دعا ڪيو:

اي رب العالمين! سنڌ هن ويجهڙائيءَ ۾ تمام گهڻا انسان وڃايا آهن، هاڻ اسانجي دل ڪمزور ٿيندي وڃي، اهي انسان بيشڪ تنهنجي ملڪيت آهن پر اسانجي دل جا ٺار آهن، انهن کي بچائي رک ،،،، آمين

اسان جي به اها ئي دعا
 
جواب: عابده پروين جي صحتيابي لا دعا ڪيو:

راڳ جي راڻي ۽ سنڌ جي صوفي راڳ جي ڀلوڙ گلوڪاره لاء ڌڻي در دعاگو آهيون۔

ٻه سال اڳ کيس دل جو دورو پيو هو ۽ دعائن جي طفيل هوء صحتياب ٿي ۽ هڪ سال جي عرصي کانپوء هن راڳ جي دنيا ۾ واپسي ڪئي هئي۔ پر هندستان جي گاديء واري شهر نئين دهلي ۾ هوء وري ساڳي دل جي عارضي ۾ مبتلا ٿي آهي۔

هڪ دفعو وري سندس لاء دعائون ته هوء جلد صحتياب ٿئي۔
 
جواب: عابده پروين جي صحتيابي لا دعا ڪيو:

الله پاک هن عزيم گلوڪارا کي وڏي ڄمار عطا فرماعي شل هن جي آواز جي گونجار گونجندي رهي
 
جواب: عابده پروين جي صحتيابي لا دعا ڪيو:

جڏهن ٻارڙي ڪنهن ڪئي ٻولي ٻاتي، ته ماڻيندا منزل سندا ڍول ڍاٽي۔۔۔۔۔۔الا الا جڏهن به اهي سٽون هن صوفياڻي درويش صفت سنڌ ڄائي جي آواز ۾ ڪنن تي پونديون آهن ته لڱن جا وار به اڀا ٿي پوندا آهن، سُرن جي هن ملڪه جهڙي ريت سنڌ جي مٽي جي خوشبو کي پنهنجي آواز جي جادو سان مهڪايو آهي، سچ ته اهڙو مٺڙو آواز سنڌ ڌرتي کانسوا ڪٿي ڳولي به نه لهندو،جيتري سُڳنڌ منهنجي سنڌ جي مٽي ۾ آهي اوتري ئي مهڪ منهنجي هن درويشياڻي راڳياڻي جي وجداني آواز ۾ آهي، اصل! آواز ٻڌڻ سان ئي هر انسان تي وجد طاري ٿيو وڃي۔۔۔ڌڻي تعالى، منهنجو مٺڙو الله پاڪ کيس وڏي ڄمار عطا ڪندس ۽ صحتياب ٿي سنڌ ڌرتي جو پيغام مُلڪان مُلڪ پهچائيندي۔۔آمين
 
جواب: عابده پروين جي صحتيابي لا دعا ڪيو:

سنڌ توڙي هند جي هن نامور صوفي گلوڪاره جي آواز ۾ جيڪا قدرتي تاثير آهي اها وڏي وڏن ماڻهن ۽ فن جي قدر دانن کي جهومڻ تي مجبور ڪري ٿي۔۔۔ منهنجي خيال ۾ ته ايشيا ۾ نصرت فتح علي خان کان ٻئي نمبر تي ڪلاسيڪل توڙي صوفي راڳ جي وڏي هستي عابده پروين صاحبه ئي آهي جيڪا انگريزن کي به صوفي ڪلام ٻڌائي جهومائي ڇڏي ٿي۔۔۔۔
رب پاڪ کان دعا آهي ته هن فن جي عرش جي روشن ستاري کي وڏي حياتي عطا فرمائي۔۔۔ آمين​
 
Back
Top