• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

لال لهو سان رتول ٿيا۔۔۔۔!! ليارِي سارا رستا تُنهجا (وائي)

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ نثارناز
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

نثارناز

سينيئر رڪن
ساٿيو لياري ڪراچيءَ ۾ جيڪا رت جي هولِي کيڏي پئي وڃي، مائرن جا جهول خالي ڪيا پيا وڃن ڌرتي ڌڻين کي گولين جو کاڄ ٻڻايو پيو وڃي ڪنهن کي خوش ڪري لياري کي لوٽ جو مال سمجهي سنڌ جي ازلي دشمنن جي حوالي ڪيو پيو وڃي ان مڪروه سازش تي هر سنڌي جي اک آلي آهي ناز چريو جيڪو ٽي درجي وارو شاعر آهي انهيءَ پيڙاءُ جي درد کان ٻاهر ڪونهي پنهنجي ٽُٽل ڦُٽل بي ترتيب لفظن کي وائي جو روپ ڏيئي توهان سان ونڊي رهيو آهي . دوستو وائي جيئن ته ڇند وڌيا تي لکي ويندي آهي ۽ ڇند وڌيا جون ماترائون ڳڻيون وينديون آهن پر مونکان گهٽـ ۾ گهٽ لياري جي هن نوحي ۾ اهي ماترائون ڪوشش باوجود ڳڻجي ڪونه سگهيون هن وائي کي لياري جو نوحو سمجهي رڌم ۾ آندو اٿم. اميد ته منهنجي ٽيڪنيڪل خامين کي نظر ۾ رکي ان جي مناسب اصلاح ڪندا ، ۽ لياري جي رستن جي ڪٿا کي پنهنجي ڪٿا سمجهي ظالمن تي لعنتون وجهي انهن تي شيم شيم جي صدا بُلند ڪندا.​

وائي
نثاراحمدناز

لال لهوءَ سان رتول ٿيا،
لياري سارا رستا تُنهنجا
بغداديءَ کان چاڪيواڙو،
هيسيل ٻارن ٻول ٿيا...!
لياري سارا رستا تُنهنجا
بڪتر بند جي يلغارن ۾
خالي مائرن جهول ٿيا
لياري سارا رستا تُنهنجا.
گولين جو اڄ کاڄ بڻي لا
گهائل تنهنجا ڍولَ ٿيا
لياري سارا رستا تُنهنجا
جلادن جون ٽوليون بڻجي
قاتل رستن رول ٿيا....!
لياري سارا رستا تُنهنجا
شعر سمورا ” ناز“ چرئي جا
ظالم لاءِ ترشول ٿيا....!
لياري سارا رستا تُنهنجا​

545064_10150815096948216_794048215_9794507_861419643_n.jpg
 
جواب: لال لهو سان رتول ٿيا۔۔۔۔!! ليارِي سارا رستا تُنهجا (وائي)

لياري ڪراچي جي دل ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ۽ ڪراچي اسان جي دل ۔۔۔۔۔۔

اوهان جا جذبا، اوهان جا احساس پڙهيا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ لياري جي ان عوام کي جس هجي جيڪي شهادتون ڏئي به پنهنجي لياري کي ڇڏي نه ٿا ڀڄن ۔۔۔۔۔۔
 
Back
Top