عمران درويش سومرو
سينيئر رڪن

)"]
30 سيڪنڊن جي سزا ......!! يا ڪاميابي؟؟؟
30 سيڪنڊس جي سزا وزيراعظم ۽ صدر جي هڪ وڏي ڪاميابي ثابت ٿي رهي آهي، 26 اپريل تي جڏهن صبح جو سپريم ڪورٽ ۾ حڪومت ۽ سندس اتحادي پارٽين جي اڳواڻن سان گڏ وزير اعظم جڏهن عدالت پهتو ته سندس چهري تي ڪابه پريشاني ڏسڻ ۾ ڪو نه پئي آئي. وزير اعظم سان گڏ عدالت پهتل پ پ اڳواڻن پڻ اهڙو تاثر سامهون آندو ته اڄ وزير اعظم کي با عزت بري ڪيو ويندو. ان جي بلڪل ابتڙ سياسي تجزيي نگارن ۽ ٽاڪ شوز ۾ پنهنجا فيصلا جوڙيندڙ اينڪرز وڏي واڪي وزيراعظم جي سزا کي يقيني قرار ڏنو ۽ سندن خيال ۾ وزير اعظم کي 6 مهينا قيد جي سزا ملي سگهي ٿي. سياسي پيشگوئيون مڃائيندڙ هڪ اينڪر هڪ امڪان ظاهر ڪيو ته شايد وزير اعظم جي سزا ڪورٽ تائين محدود هجي؟ سندس اهڙو تجزيو ڪجهه سمجهه ۾ نه ايندڙ هيو ۽ ڪنهن حد تائين حيران ڪندڙ پڻ هيو…. عدالتي منظرنامي جي ڳالهه ڪجي ته سپريم ڪورٽ ۾توهين عدالت ڪيس جي شروعات ٿيڻ کان اڳ ئي وڪيلن، سياسي اڳواڻن، صحافين، قانوني ماهرن ۽ ٻين ماڻهن جو هڪ وڏو انگ موجود هيو ۽ عدالت جي ٻاهر توڙي اندر پير پائڻ جي جاءِ به نه هئي. صحافي سندن موبائل فونز کي سنڀالي ويٺا هئا. ججز کانسواءِ عدالت ۾ هر ماڻهون موجود هيو ۽ ججز جي اچڻ جو انتظار ٿي رهيو هيو. روايتي طور تي اوچتو سائيلينٽ جو آواز بلند ٿيو ۽ عدالت اندر راڪاس جي رڙ کانپوءِ جيان خاموشي ڇائنجي وئي. انتظار جون گهڙيون ختم ٿيون ۽ سَتَ رڪني بئنچ ويهڻ بعد فيصلو ٻڌائڻ شروع ڪيو… جڏهن عدالت وزير اعظم کي مجرم قرار ڏئي سزا ٻڌائي ته عدالت ۾ ويٺل تمام ماڻهون حيرانگيءَ ۾ پئجي ويا ۽ هڪ ٻئي جا منهن ڏسندا رهجي ويا. جڏهن عدالت آئين جي آرٽيڪل 63 ۾ اسيمبليءَ جي رڪن جي نا اهليءَ وارو ذڪر ڪيو ته صحافين جي هٿن ۾ پيل قلم تيز ٿي ويا. پنهنجي ادارن کي لکرائيندڙن جي لحجي ۾هڪ عجيب تيزي (Excitement) اچي وئي ۽ چئنلز تي بريڪنگ نيوز جو هڪ سلسلو شروع ٿي ويو . سياسي پنڊتن ۽ غير سياسي اداڪارن وزير اعظم کي نااهل قرار ڏيڻ جو لُڙُ مچائي ڇڏيو، پر شايد ڪنهن به عدالتي فيصلي کي نه پڙهيو ۽ نه ئي ڪنهن تفصيلي طريقي سان ٻڌو هيو. سپريم ڪورٽ پنهنجي مختصر فيصلي ۾ ٻڌيو هيو ته وزير اعظم يوسف رضا گيلاني عدالتي فيصلو نه مڃڻ تي توهين عدالت جو ذميوار ٿي چڪو آهي ۽ سندس سزا عدالت جي ڪاروائيءَ جي پڄاڻيءَ تائين هلندي. فيصلي ۾ عدالت وزير اعظم جي نااهليءَ بابت اهو ٻڌايو ته سزا ملڻ بعد وزير اعظم مٿان آئين جو آرٽيڪل 63 ون جي لاڳو ٿي سگهي ٿو. عدالت جي ٻاهران لڳايل عدالتن يعني آئيني ماهرن، سياسي تجزيي نگارن ۽ اينڪرز پنهنجا فيصلا ڏيڻ شروع ڪيا. مختلف شهرن ۾ پ پ جي جيالن جا احتجاجي مظاهرا شروع ٿي ويا، پنجاب جي مختلف شهرن ۾ پ پ ڪارڪنن چيف جسٽس جو پتلو ساڙي احتجاجي مظاهرو ڪيو.. . هيءَ هڪ اهڙي صورتحال هئي جيڪا ان فيصلي کانپوءِ يقيني طور تي پيدا ٿيڻي هئي. هڪ سياسي طور تي پ پ پهرين مرحلي مان گذري چڪي هئي ۽ هاڻي ٻيو مرحلو شروع ٿي چڪو هيو وزير اعظم جي همراهيءَ ۾ سندس اتحادي پارٽين جي اڳواڻن جو گڏ عدالت وڃڻ صدر زرداريءَ جي پهرين ڪاميابي هئي. فيصلو اچڻ جي بعد کان وفاقي ڪابينا جي اجلاس جي شروعات تائين!!! ان وچ وارو وقت حڪومتي حلقن ۽ خصوصي طور صدر زرداريءَ لاءِ پريشان ڪندڙ هيو. ڇو ته ان وقت دوران سندن اتحادين خصوصا ڪراچيءَ واري پارٽي جي يوٽرن جو خدشو هيو، پر جيئن ئي وفاقي ڪابينا جو خصوصي اجلاس شروع ٿيو ته ڄڻ گيلاني انتظاميا جي ساهه ۾ ساهه پئجي ويو ۽ سمورا اتحادي وزير اعظم جي صدارت ۾ ان خصوصي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا. صدر زرداريءَ جي ٻئي ڪاميابي ان وفاقي ڪابينا جي اجلاس دوران سامهون آئي جڏهن حڪومتي اتحاد ۾ شامل تمام پارٽين وزير اعظم مٿان اعتماد جو اظهار ڪيو. اهو تمام گهٽ ماڻهن جي علم ۾ آهي ته عدالت ۾ ٻڌڻي شروع ٿيڻ کان اڳ وزير اعظم هڪ بريف ڪيس به گڏ آندو هيو. ان بريف ڪيس ۾ ڇا هيو...؟؟ شايد وزير اعظم جي ايندڙ حڪمت عملي ان بريف ڪيس مان واضع ٿي رهي هئي ڇو ته وزير اعظم جي ان بريف ڪيس ۾ جيل اندر رهڻ جي لاءِ مناسب ڪپڙا، دوائون، ليپ ٽاپ ۽ ٻيون ضروري شيون موجود هيون.. ان سموري معاملي ۾ جتي صدر زراديءَ جون ڪاميابيون هيون اتي ئي سندس ڪجهه شيون سندن طئي ٿيل حڪمت عملي جي خلاف به ٿيون، اهو ايئن ته وزير اعظم جي جيل وڃڻ واري تياريءَ مان ايئن لڳي پيو ته هو سندس جيل وڃڻ کي مستقبل ۾ هڪ وڏي دليل طور استعمال ڪري ها ته عدالتن روايتي طور پيپلز پارٽيءَ خلاف فيصلو ٻڌايو آهي. پر عدالت اهڙي امڪان کي ختم ڪندي وزير اعظم جي سزا کي عدالت تائين محدود رکيو...!! پر 30 سيڪنڊن جي سزا سندس ڪاميابيءَ کي اڌورو ڪري ڇڏيو... سياسي معاملا هڪ پاسي..... ڇا عدالت دليلن، گواهن ۽ ثبوتن کان علاوه ٻين ذريعن ۽ ٽي وي هيڊ لائنز به کي عدالتي فيصلن مٿان اثر انداز ڪري رهي آهي..؟؟ شايد ها.... ۽ اهڙي امڪان کي رد به نه ٿو ڪري سگهجي. ڇو ته عدالتي فيصلي کان فقط ٽي 3 ڏينهن اڳ هڪ ٽي وي اينڪر وزير اعظم جي سزا عدالت تائين محدود هئڻ جو امڪان ظاهر ڪيو هو.!!! اين آر او (جنهن ملڪ اندر مختلف ۽ مشهور نالن خلاف ڪيسز کي بي اثر بڻائي ختم ڪري ڇڏيو ) جي ڪالعدم ٿيڻ بعد عدالت فقط سوئس عدالتن کي خط لکڻ، حڪومتي مبينا ڪرپشن تي پاڻمرادا نوٽيس وٺڻ ۽ سياسي ريمارڪس ڏيندي نظر اچي ان ڳالهه کان عدالتن کي به منهن لڪائڻ نه گهرجي ته اين آر او تحت ملڪ جي ڪيترين ئي سياسي شخصيتن جي مٿان ڪيس ختم ٿيا آهن.. پر پوءِ به شروعات پيپلز پارٽيءَ کان ڇو..........؟؟؟!!! عدالت جي مٿان اهو سواليا نشان هميشه رهندو ته پنجاب حڪومت جيڪا هڪ اسٽي آرڊر تي هلي رهي آهي ان اسٽي آرڊر تي ٻئي تاريخ ڇو نه ٿي لڳي...؟؟؟ پيپلز پارٽيءَ پاران ن ليگ خلاف اسٽي آرڊر جو لُڙُ مچائڻ بعد لاهور هاءِ ڪورٽ جي ترجمان جي اهڙي وضاحت پيش ڪرڻ به عجيب ڳالهه آهي ته پنجاب حڪومت خلاف ڪو به اسٽي آرڊر نه آهي.؟؟؟ جڏهن ته پنجاب حڪومت جو سرواڻ ميان شهباز شريف ٻن سيٽن تان اليڪشن کٽي چڪو هيو ۽ جنهن سيٽ تان استعيفيٰ ڏيڻي هيس ان تي عدالتي اسٽي آرڊر جو پائو لڳائي وڏو وزير بڻيو ويٺو آهي. ان اسٽي آرڊر کي 4 سال کان وڌيڪ عرصو گذري چڪو آهي پر ان تي ٻئي تاريخ نه ٿي لڳائي وڃي...؟؟؟ ڇو؟ .. اڃا اهو ئي نه پر فصيح بخاريءَ جي چيئرمين نيب لڳڻ بعد جڏهن هن شريف ڀائرن خلاف ڪيسز جا رڪارڊ طلب ڪيا ته رات جو 2 وڳي عدالت مان هڪ اسٽي آرڊر جاري ٿئي ٿو ته شريف ڀائرن خلاف ڪنهن به قسم جو ٽرائل نه شروع نه ڪيو وڃي...... !!!! ڇا هي آزاد عدالت آهي..؟؟؟ شايد نه ۽ اهو خيال ملڪ ۾ رهندڙ ان غريب ماڻهونءَ جو به آهي جيڪو انصاف جي اميد ۾ ڪيترن ئي سالن تائين عدالتن جا چڪر ڪاٽي ٿو پر پوءِ به انصاف نه ٿو ملي ۽ هڪ انصاف جي اها اميد کيس موت جي ننڊ سمهاري ڇڏي ٿي. عدالتي دٻاءُ جيڪڏهن ملڪ اندر مهانگائيءَ جي خاطمي، لوڊ شيڊنگ جي معاملي، ڪراچيءَ ۽ بلوچستان ۾ جاري رت جي راند کي روڪڻ لاءِ هجي ها ته شايد اڄ حالات ايترا بد تر نه هجن ها. توهين عدالت واري فيصلي جي ڳالهه ڏانهن هلجي ته يوسف رضا گيلاني ڪيترن ئي ماڻهن جي اميدن تي پاڻي ڦيريندي اڄ به وزير اعظم جي عهدي تي برقرار آهي ۽ سندس اهو موقف آهي ته ڪو به سزا مليل ماڻهون ان وقت تائين مجرم ثابت نه ٿو ٿئي جيسيتائين سندس اپيلون رد ٿيڻ بعد آخري فيصلو نه اچي. شايد ساڳيا ئي حالات آهن ته جڏهن اين آر او جو فيصلو آيو هيو ۽ 248 جي ڇُوٽَ (Immunity) هجڻ بعد صدر کي اخلاقي طور استعيفا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو پئي وي. ۽ هاڻي به وزير اعظم کي اپيل جي ڇوٽ حاصل آهي ته کيس به اخلاقي طور استعيفو ڏيڻ جو مطالبو ڪيو پيو وڃي. عدالتي فيصلي کانپوءِ پ پ ۽ ن ليگ وچ ۾ هڪ کلي جنگ جهڙو ماحول پيدا ٿي چڪو آهي. چئن سالن جي چُپ بعد پ پ جي اعليٰ قيادت پاران به جارحاڻو رويو اختيار ڪيو ويو آهي، ۽ وفاقي هجن يا صوبائي تمام اڳواڻن سندن تنقيدي توبون ن ليگ ڏانهن موڙي ڇڏيون آهن. وزير اعظم جو فيصلي جي ٻئي ڏينهن اوچتو قومي اسيمبليءَ ۾ اچي ن ليگ کي مٿن ڪيل احسان ڳڻائڻ ۽ لڳاتار هر ڏينهن ڪو نه ڪو بيان جاري ڪرڻ ان ڳالهه ڏانهن اشارو ڪري رهيو آهي ته پ پ ۽ نواز ليگ وچ ۾ هڪ سياسي جنگ جو آغاز ٿي چڪو آهي جنهن جي پڄاڻي اليڪشن يا حڪومت جي وقت کان اڳ ختم ٿيڻ کانسواءِ نه ٿيندي. سياسي ماهرن موجب پيپلز پارٽي هاڻي اليڪشن وارو ماحول پيدا ڪرڻ چاهي ٿي. پر ٻئي پاسي اهڙي امڪان کي رد ڪرڻ لاءِ به هڪ سبب موجود آهي ته شايد پ پ ماحول وڌيڪ گرمائي اليڪشن کي پوئتي ڌڪڻ واري حڪمت عملي اختيار ڪري رهي آهي. ان سموري جنگ جو فائدو ڪنهن کي به ٿئي پر نقصان غريب عوام جو ٿي رهيو آهي. جن جا مسئلا حل ڪندڙ عوامي نمائنده ڪڏهن عدالتن ۾ بيٺل نظر اچن ٿا ته ڪڏهن وري سياسي ڇڪتاڻ واري ماحول کي منهن ڏيڻ ۾ مصروف بڻيل هوندا آهن.
عمران درويش سومرو
[/