• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٿرپارڪر ۾ ڪريل آسماني تارو!

عبدالحفيظ لغاري

منتظم
انتظامي رڪن
رات مون ۽ سليمان وساڻ پارا سوير سمهڻ وارا شايد سمهي پيا هجن پر ضلع بدين، مٺي جي ڏاکڻي پاسي ٿيل ڌماڪي جا آواز ٻڌي ڄاڳي پيا هئا۔ پر اهي ايس ايم ايس جيڪي مون کي اطلاع ڏيڻ لا آيا ته اهڙو ڪو ڌماڪو ٿيو آهي، سي مون صبح جو پڙهيا۔ ۽ جڏهن ڪاوش پڙهيم ته ٿورو سنجيده ٿي سوچڻ لڳس ته ڪجهه ته ٿيو آهي۔ نه ته مون ماڻهن جو وهم پئي سمجهيو۔

3498en9.jpg


منجهند تائين ته انٽرنيٽ تي اهڙي قسم جي ڪابه خبر نه آئي۔ نه ڪنهن اهڙي خبر جي اليڪٽرانڪ ميڊيا تي هلڻ جي تصديق ڪئي۔ پر دوست گورڌن ولاسائي سان فيس بوڪ تي حال احوال ٿيا ته ٻڌايائين ته ڏکڻ سنڌي جي علائقن ۾ رات 11 بجي ڌاري آسمان تان ايندڙ ڪا تمام روشن شئي ڏٺي وئي۔ جنهن کان پو ڪجه وقفن سان سڀني هڪ اڀ ڏاريندڙ آواز ٻڌو۔ دوست گورڌن جي ورتل مختلف ماڻهن کان حال احوال کان پو ڪيل تجزيو ۽ را ڪجهه هن ريت آهي۔

  • سڄي علائقي ۾ روشني ته ساڳي وقت ڏٺي وئي پر ڌماڪي ٻڌڻ جو وقت مختلف هيو۔
  • شهر نئون ڪوٽ (جيڪو ميرپورخاص ضلعي جو آخري شهر آهي ۽ ان کان پو ٿر شروع ٿئي ٿو) ان ۾ اهو آواز روشني ٿيڻ کان ٻه کان ٽي منٽ بعد ٻڌو ويو۔
  • جڏنهن ته مٺي شهر ۾ اهو ڌماڪو روشني ڏسن کان هِڪ منٽ بعد ٻڌو ويو۔
  • جڏهن ته اربابن جي ڳوٺ ۾ اهو ڌماڪو ڪجهه ئي سيڪنڊن ۾ ٻڌو ويو۔
  • جڏهن انهي کان ڏکڻ طرف رهندڙ ماڻهن کان پڇيو ويو ته انهن ٻڌايو ته انهن اهو ڌماڪو اوڀر طرف کان ٻڌو۔

انهي مان اهو نتيجو اخذ ڪيو ويو (جيڪو يقينن غير حتمي آهي) ته جيئن ته آواز روشني کان رفتار ۾ گهٽ آهي۔ تنهنڪري روشني ته سڀني هڪ ئي وقت ڏٺي پر ڌماڪو ڪجهه ڪجهه وقفن کان پو ٻڌو ويو۔ ۽ جنهن طريقي سان علائقي واسي ڳالهه ڪن ٿا ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته اهو ڌماڪو هيٺين علائقي ۾ ٿيو۔ هي اميج گوگل ميپ تان کنيل آهي۔ جيڪو يقينن پراڻو آهي۔ پر اندازو اهو آهي ته ڪا شئي انهي علاقي ۾ ڪري آهي۔

aljamh.jpg


وڌيڪ الله جا راز الله بهتر ڄاڻي ۽ هر ڪنهن کي پنهنجي امان ۾ رکي۔ آمين
 
جواب: ٿرپارڪر ۾ ڪريل آسماني تارو!

ادا منهنجي هڪ دوست پڻ اها ڳالهه ڪئي پر ان باري ۾ ان ڪا حتمي ڳالهه نه ٻڌائي۔۔۔۔ باقي الله جيئندڙن جو خير ڪري۔۔۔ قدرت جي هر شئي ۾ وڏو راز هجي ٿو۔۔۔۔ يا وري ايئن به ٿي سگهي ٿو پاڪستان طرفان ڪو ميزائيل يا سيٽلائيٽ تجربو ڪيو ويو هجي۔۔۔
مون پهرين ان کي بم ڌماڪو پئي سمجهيو ڇو ته رات ڄامشورو ۾ تخريبڪاري جي ڪاروائي ۾ 500 ڪي وي وارو ٽاور ڌماڪي سان ڪيرايو ويو جنهن جي ڪري صبح 11 بجي تائين بجلي مسلسل غيرحاضر هئي۔۔۔​
 
جواب: ٿرپارڪر ۾ ڪريل آسماني تارو!

ادا حفيظ سائين پنهنجي ملڪ وٽ ايف سورنهن جهاز جي پورو اسڪاڊرن آهي ۔ اِهو جهاز جڏهن پنهنجي رفتار پنهنجي آواز کان هڪ ئي وقت ٻيڻ تي وڌائيندو آهي ته هوا کي ڦاڙيندو آهي ، اُن وقت جهاز جي رفتار ٻارنهن سو ڪلو ميٽر مان وڌي چوويهه سو ڪلو ميٽر ٿي ويندي آهي ۽ پائلٽ جو وزن تقريبن 18 پائونڊ وڌي ويندو آهي اِن سڄي عمل کي ايئر بلاسٽ سڏيو ويندو آهي ۔ جڏهن هوا جي خال ٿئي ۽ وري اهو خال ڀرجي ٿو ته ان ۾ ڌماڪا ٿيڻ لازمي آهن ۔ رهي ڳالهه روشني جي ته ان جهاز ۾ روشني جو به ايڏو ئي بهترين نظام آهي جا صرف سيڪنڊن لاءِ ٻاري پنهنجي ٽارگيٽ کي جاچڻ لاءِ هوندي آهي ۔ ان جي روشني 150 ڪلوميٽر تائين ڦهلجندي آهي ۔ ليڪن هيٺ وارن ماڻهن کي ٽارچ جي روشني وانگر نظر ايندي آهي ۔ ممڪن آ ته اسان جي ايئر فورس ٽريننگ ڪندي هجي ۔
 
جواب: ٿرپارڪر ۾ ڪريل آسماني تارو!

ڇا ٿو چئي سگهجي۔۔۔ پر پنهنجي ننڍي لانڪو واري طبيعت ڳولا تي ضرور مجبور ڪري ها جي مان ان علائقي جي ويجهو هجان ها۔۔۔
 
جواب: ٿرپارڪر ۾ ڪريل آسماني تارو!

ڇا ٿو چئي سگهجي۔۔۔ پر پنهنجي ننڍي لانڪو واري طبيعت ڳولا تي ضرور مجبور ڪري ها جي مان ان علائقي جي ويجهو هجان ها۔۔۔

اڄ ته ڪمال ٿي ويو جو جادوگر جو جادو ڪم ڪونه پيو ڪري جو چوي پيو ته ان علائقي جي ويجهو هُجان ها دنيا جون خبرون هڪ ڇيڙي کان ٻي ڇيڙي جون ڪڍي ايندو آهي اڄ جادوگر جي ڍاري جون وايون بتال ٿي ويون آهن ڌماڪن واريون ڳالهيون اسان جي مُلڪ جا اصل جادوگر ڍارائي دهشت گردن جي دهشت گردي جي کاتي ۾ وجهي ڇڏيندا آهن ۽ علائقي کي چند ڏينهن لا ڪڙو چاڙهي ڇڏيندا آهن، ۽ ماڻهن کي مٺو ڪرڻ لا دهشت گرد باڇا جي مُنڊي هٿ ڪري علم جفر، علم ڦالَ ۽ علم ڍارو هڪ ئي وقت استعمال ڪندا آهن پر لڳي ٿو ٿر جي وارين جي ڀِٽِن تي ٿيل ڌماڪن جي باري ۾ انهن جو به ڪو علم اسان جي جادوگر اي آر سمون وانگر ڪونه هلي سگهيو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ افسوس صد افسوس!
 
جواب: ٿرپارڪر ۾ ڪريل آسماني تارو!

اڄ ان ڳالهه کي 4 ڏينهن ٿي ويا ۽ معاملي ڪا جانچ نه ٿي ۔۔۔۔۔۔۔ نه وري ڪي اطلاع مليا آهن ۔۔۔۔۔۔۔

تنهنڪري پاڻ اجائي سجائي راء ڏيڻ کان پاسو ڪندي وري به ادي حفيظ کان ۽ ان علائقي واسين کان ئي وڌيڪ معلومات وٺي سگهون ٿا۔
 
جواب: ٿرپارڪر ۾ ڪريل آسماني تارو!

هڪ ٻه ڏينهن اڳ اها خبر اخبار ۾ پڻ ڇپي آهي ، ياد نٿو اچي ته ڪاوش ۾ يا عوامي آواز يا وري عبرت ۾ مون اها خبر پڙهي هئي ، وڌيڪ علائقي واسين کي حقيقت حال جي خبر هوندي
 
جواب: ٿرپارڪر ۾ ڪريل آسماني تارو!

ادا هي اهو مواد آهي جيڪو انهي رات ڌماڪي سان انهي علائقي ۾ ڪريو اهڙا ڪيئي ٽڪرا انهي علائقي ۾ ڏٺا ويا آهن چون ٿا انهي مادي کي مقناطيس جي ڪشش اثر ڪري ٿي سو اندازو لڳايو ويو آهي ته هي لوهه ۽ ٻين ڌاتن جو مرڪب آهي پر اڃان ڪا حتمي راءِ ناهي جڙي آئون پنهنجي اداري معرفت ڏيپلو پريس ڪلب وارن سان سڀاڻي رابطو ڪندس اميد آهي ته هو اهو مادو پي سي ايس آءِ آر ليبارٽري موڪليندا ۽ انهي جو تجزيو ڪري ڪا حتمي راءِ قائم ڪبي

150142_10151065590587796_687632795_13368701_2076664869_n.jpg

 
جواب: ٿرپارڪر ۾ ڪريل آسماني تارو!

ادا عبدالحفيظ ۔۔۔ اوهان جي تحقيق مان اميد آهي ته اسان کي وڌيڪ ڄاڻ جلد ملندي۔۔۔۔
 
جواب: ٿرپارڪر ۾ ڪريل آسماني تارو!

ادا عبدالحفيظ ان پٽر نما شي کي سائنس Asteroid ايسٽروڊ چوندي آهي۔
سائنس جو چوڻ آهي ته اهي ايسٽروڊ خلا ۾ هوندا آهن ۽ اسان جي بلانيٽ سان ٽڪرائيندا به آهن پر اسان جو چنڊ هميشا انهن ايسٽروڊ جو رستو روڪي وٺندو آهي ۽ اسان جي دنيا بچي ويندي آهي ڪڏهن ڪڏهن اهي ايسٽروڊ چنڊ کان بچي پنهنجي دنيا سان ٽڪرائبا به آهن۔
اهڙا واقعي دنيا ۾ ڪيترا ڀيرا ٿيا آهن۔ اها الگ ڳالھ آهي ته اسان سان اهو پهريون ڀيرو ٿيو آهي۔
 
جواب: ٿرپارڪر ۾ ڪريل آسماني تارو!

ٿر ۾ ڪريل آسماني پٿر کي سپارڪو هيلي ڪميٽ قرار ڏئي ڇڏيو

مٺي (ن ڪ) ڏيپلو جي ڳوٺ لاڏڪي ۾ تارو ٽٽڻ بعد مليل آسماني پٿر سرڪاري طور تحويل ۾ وٺندڙ پاڪستان جي خلائي تحقيقي اداري اسپارڪو انهي آسماني پٿر جون ٽيسٽون اسلام آباد ليبارٽي ۾ مڪمل ڪري ورتيون آهن، آسماني پٿر جي مڪمل ٽيسٽن بعد ان کي هيلي ڪميٽ (Halley Comet) قرار ڏنو آهي، اسپارڪو ٿرپارڪر ۾ آسماني پٿر جا مختلف هنڌن تي ڪريل وڌيڪ ٽڪرا ڳولڻ لاءِ ماهرن جي ٽيم ٻيهر موڪلڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، ان سلسلي ۾ اسپارڪو جي سائيٽفڪ آفيسر غلام مصطفى لغاري ڪاوش سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته اسلام آباد ليبارٽري مان آسماني پٿر جي ٽيسٽن مان ثابت ٿيو آهي ته انهي پٿر جا ٻيا ٽڪر پڻ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۽ علائقي ۾ ضرور ڪريا هوندا، انهي قيمتي آسماني پٿر جي ٽڪرن جي ڳولا لاءِ ماهرن جي ٽيم ٿر پهچندي.


ڪاوش جي ٿورن سان
 
جواب: ٿرپارڪر ۾ ڪريل آسماني تارو!

چلو۔۔۔۔ ڪنهن بهاني ته اسلام آباد ۾ ويٺلن کي ٿر وڃڻ جو شوق جاڳيو۔۔۔۔
 
Back
Top