رات مون ۽ سليمان وساڻ پارا سوير سمهڻ وارا شايد سمهي پيا هجن پر ضلع بدين، مٺي جي ڏاکڻي پاسي ٿيل ڌماڪي جا آواز ٻڌي ڄاڳي پيا هئا۔ پر اهي ايس ايم ايس جيڪي مون کي اطلاع ڏيڻ لا آيا ته اهڙو ڪو ڌماڪو ٿيو آهي، سي مون صبح جو پڙهيا۔ ۽ جڏهن ڪاوش پڙهيم ته ٿورو سنجيده ٿي سوچڻ لڳس ته ڪجهه ته ٿيو آهي۔ نه ته مون ماڻهن جو وهم پئي سمجهيو۔
منجهند تائين ته انٽرنيٽ تي اهڙي قسم جي ڪابه خبر نه آئي۔ نه ڪنهن اهڙي خبر جي اليڪٽرانڪ ميڊيا تي هلڻ جي تصديق ڪئي۔ پر دوست گورڌن ولاسائي سان فيس بوڪ تي حال احوال ٿيا ته ٻڌايائين ته ڏکڻ سنڌي جي علائقن ۾ رات 11 بجي ڌاري آسمان تان ايندڙ ڪا تمام روشن شئي ڏٺي وئي۔ جنهن کان پو ڪجه وقفن سان سڀني هڪ اڀ ڏاريندڙ آواز ٻڌو۔ دوست گورڌن جي ورتل مختلف ماڻهن کان حال احوال کان پو ڪيل تجزيو ۽ را ڪجهه هن ريت آهي۔
انهي مان اهو نتيجو اخذ ڪيو ويو (جيڪو يقينن غير حتمي آهي) ته جيئن ته آواز روشني کان رفتار ۾ گهٽ آهي۔ تنهنڪري روشني ته سڀني هڪ ئي وقت ڏٺي پر ڌماڪو ڪجهه ڪجهه وقفن کان پو ٻڌو ويو۔ ۽ جنهن طريقي سان علائقي واسي ڳالهه ڪن ٿا ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته اهو ڌماڪو هيٺين علائقي ۾ ٿيو۔ هي اميج گوگل ميپ تان کنيل آهي۔ جيڪو يقينن پراڻو آهي۔ پر اندازو اهو آهي ته ڪا شئي انهي علاقي ۾ ڪري آهي۔
وڌيڪ الله جا راز الله بهتر ڄاڻي ۽ هر ڪنهن کي پنهنجي امان ۾ رکي۔ آمين

- سڄي علائقي ۾ روشني ته ساڳي وقت ڏٺي وئي پر ڌماڪي ٻڌڻ جو وقت مختلف هيو۔
- شهر نئون ڪوٽ (جيڪو ميرپورخاص ضلعي جو آخري شهر آهي ۽ ان کان پو ٿر شروع ٿئي ٿو) ان ۾ اهو آواز روشني ٿيڻ کان ٻه کان ٽي منٽ بعد ٻڌو ويو۔
- جڏنهن ته مٺي شهر ۾ اهو ڌماڪو روشني ڏسن کان هِڪ منٽ بعد ٻڌو ويو۔
- جڏهن ته اربابن جي ڳوٺ ۾ اهو ڌماڪو ڪجهه ئي سيڪنڊن ۾ ٻڌو ويو۔
- جڏهن انهي کان ڏکڻ طرف رهندڙ ماڻهن کان پڇيو ويو ته انهن ٻڌايو ته انهن اهو ڌماڪو اوڀر طرف کان ٻڌو۔