پاڪستاني عوام ته غريب آهي، پر پاڪستان غريب ملڪ نه آهي، هي جملو سوئس بينڪ جي هڪ ڊائريڪٽر جو آهي، هن چيو ته 97 ارب ڊالر پاڪستاني پئسا سوئس بينڪ ۾ جمع ٿيل آهن، ان رقم سان 30 سالن جي بجيٽ بنا ڪنهن ٽيڪس جي پيش ڪري سگهجي ٿي، 6 ڪروڙ نوڪريون ڏئي سگهجن ٿيون، ڪنهن به ڳوٺ کان اسلام آباد تائين 4 ٽريڪ روڊ جڙي سگهي ٿو، مفت بجلي هميشه لا ڏئي سگهجي ٿي، 500 جي لڳ ڀڳ معاشري جي بهتري جا مرڪز قائم ڪري سگهجن ٿا جن مان هر فرد 20،000 رپيا ماهوار 60 سالن تائين ڪمائي سگهي ٿو، ورلڊ بينڪ يا آئي ايم ايف کان قرض وٺڻ جا ڪا به ضرورت پيش نٿي اچي سگهي۔
اها معلومات ايس ايم جي وسيلي مون وٽ پهتي، سوچيم توهان سان ونڊ ڪجي۔۔جيڪڏهن واقعي ايترا پئسا هتان جي ماڻهن جا سوئس بينڪ ۾ ڊيپازٽ ٿيل آهن ته پو واقعي اهو سڀ ڪجهه ممڪن ٿي سگهي ٿو، جيڪڏهن اهي حڪمران ملڪ سان سچا ٿي پون۔
ادا اها ڳالهه پڙهي دل چوي ٿي ته سڀني سياستدانن کي اسيمبلي حال ۾ ويهاري ايٽم به هڻجين ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اهو پئسو غريب عوام جو آهي هتي عوام سان همدردي ڪنهن به سياستدان جي نه آهي
سهڻا بيشڪ سنڌو نديءَ جا ٻئي پاسا هماليه کان وٺي سنڌي سمنڊ تائين خوشحال، سر سبز ۽ قدرتي نعمتن سان مالا مال آهن، خاص ڪري سنڌ ملڪ ته ايترو امير ۽ ٻين علائقن کان ڪجه ڳالهين ۾ وڌيڪ اهميت وارو آهي جو صرف سنڌ جي آمدني ئي ايمانداريءَ سان قوم تي خرچ ڪئي وڃي ته اسين سڀ دبئي، سنگاپور يا برطانيا کان وڌيڪ خوشحال زندگي گهاري سگهونٿا
اهي ڳالهيون سنڌ جو ڏاهو مفڪر سائين جي ايم سيد اڄ کان 50 سال اڳ چوندو رهيو پر اسان جي ڪنن ۾ ڪپهه جا به نه سيهي جا ٻوڙا پيل آهن، اهي ڳالهيون ڪير ٿو سمجهي ۽ ڪير ٿو ٻڌي
ادا اها ڳالهه پڙهي دل چوي ٿي ته سڀني سياستدانن کي اسيمبلي حال ۾ ويهاري ايٽم به هڻجين ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اهو پئسو غريب عوام جو آهي هتي عوام سان همدردي ڪنهن به سياستدان جي نه آهي
ادا منهنجو هي لکڻ قطعي به سياستادانن يا گورنمنٽ جي وڪالت ڪرڻ ناهي پر افسوس سان چوڻو ٿو پئي ته ايس ايم ايس (خاص ڪري جيڪي ايس ايم ايس اسان جي پسند وٽان) اڳتي موڪلڻ ۾ اسان دير ئي نه ٿا ڪريون۔ ڪڏهن ڪڏهن ته اسلامي ڳالهين ۾ بليڪ ميلنگ جي حد تائين قسمون ڏيئي ڪي ايس ايم ايس فارورڊ ڪيا وڃن ٿا۔ ۽ اهو عمل وڌ کان وڌ اسان جو پڙهيو لکيو طبقو ڪري ٿو پيو۔
هي ايس ايم ايس به بِنا تصديق جي اڳتي موڪليو ويندڙ ميسيجز مان هڪ آهي۔ پهرين ڳالهه ته ڪو به ثبوت ناهي ته اهي لفظ انهي بئنڪ جي ڊائريڪٽر جا آهن۔ ڇو ته اها دعوا رُڳو انهي ايس ايم ايس ۾ ئي پڙهي وئي آهي۔ انهي کان اڳتي ڪجهه به نه۔ پر هلو مڃي به وٺجي ته اهو صحيح آهي ته به جيڪي ڪم انهي جي عيوض ٿيڻ جي جيڪا بلند بانگ دعوا آهي اها به ڪجهه سوائي ئي آهي۔
پاڪستان جي بجيٽ (ياد رکو ته ڪرپشن عروج تي آهي) جو ڪل حجم2012 ۾ 34 بلين هو۔ جيڪو هر سال 10 فيصد وڌي ٿو۔ پر جي اهو ئي رکجي ته به 30 سالن جي بجيٽ لا 1024 بلين رپيا کپن۔ معني 97 بلين ڊالر جيڪي 900 بلين رپين جي برابر آهن سو نا ڪافي آهن۔ ۽ انهي کان علاوه جيڪا چار ٽريڪ روڊ جي دعوا ڪئي وئي آهي اها به کِل جوڳي آهي۔ ڇو ته گذريل سال ميرپورخاص ۽ حيدرآباد جي روڊ (جيڪو ٻه ٽريڪ آهي) انهي جي لاڳت پوڻا ڇهه بلين رپيا آهي۔ ۽ ميرپورخاص حيدرآباد وچ ۾ فاصلو 100 ڪلوميٽر کان به گهٽ آهي۔ پر جي 100 ڪلوميٽر به مڃجي ۽ حساب لڳائجي ته 100 ڪلوميٽر ڊبل ٽريڪ روڊ لا پوڻا 6 بلين رپيا کپن۔ ڪراچي اسلام آباد جو فاصلو 1500 ڪلوميٽر آهي۔ مطلب ته 86 بلين رپيا رڳو انهي روڊ لا سو به 2010 جي ايسٽيميٽ مطابق ۽ ڊبل ٽريڪ روڊ لا۔
هاڻي حساب لڳايو ته هر ڳوٺ مان چار ٽريڪ روڊ جو ڪاٿو لڳائجي ته قصو ڪٿي وڃي پهچندو۔ ۽ ڇو ته اسان اڳي ئي انهن پئسن ۾ ڊيفيسٽ ۾ آهيون سو نوڪرين جو حساب نه ٿا لڳايون۔!
حفيظ صاحب جي ڳالهه درست هجي به سهي پر حالات جي سڀني کي خبر آهي ته پاڻ وارا سياستدان عوام سا ڪيترا سچا آهي هتي ته نظام اهڙو آهي ته جيڪو جيتر وڏي ڪرپشن ڪري ٿو ان کي اوترو وڏو عهدو ڏنو وڃي ٿو ان ڪري اهڙ ماڻهن جي حق لاء هڪ لفظ به نه چئجي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ جيڪر ايس ايم ايس ۾ ڪا صداقت نه به سهي پر اهي سڀ چور ضرور آهن
منهنجا ڀا اهڙن سياستدانن لا ايٽم بم ڇو زيان ڪجي، جيڪڏهن اسان جي عوام هن ڀيري اهو پڪ ڪري ڇڏن ته اهڙن ملڪ دشمن سياستدانن کي ووٽ نه پر پادرن جون ڪنڍيون ڏجن ته يقينن اهي اڳتي لا سڌا ٿي ويندا۔۔۔۔اهو تجربو عوام کي ڪرڻ گهرجي ته نتيجو سامهون اچي ويندو
ادا اسان جي مت مري وئي آهي اسان وٽ به نفس ڪون آهي اسان وري به انهن کي ئي ووٽ ڏينداسين ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ هنن اهڙو نظام بيهاري ڇڏيو آهي جو ڪو صحيح ماڻهون سياست ۾ اچي نه ٿو سگهي
ادا حفيظ صاحب ۽ عرس پريو صاحب توهان درست چيو آهي، پر مون ان ڳالهه جي وضاحت به ڪئي آهي ته ممڪن هجي اهو ايس ايم ايس غلط هجي، پر اها ڳالهه درست آهي ته پاڪستاني سرمائيدارن توڙي سياستدانن جا اربين ڊالر سوئس بينڪن ۾ ڊپازٽ رکيل آهن، پر جي اهي کڻي پاڪستان جي تقدير گهڻي حد تائين نه به بدلائي سگهن پر ايتري رقم جيڪڏهن پاڪستان ۾ استعمال ڪئي وڃي ۽ ان رقم سان ڪيئي ڪارخانا جوڙجن وري ان رقم مان ڪيترائي ڪاروبار ڪري ان ئي رقم کي ٻيڻو، ٽيڻو ڪري سگهجي ٿو، پو روڳو 4 ٽريڪ روڊ ته ٺهيو پر هر ڳوٺ ڳوٺ پڪو بڻجي سگهي ٿو، اسان جي رڳو سنڌ وٽ ئي ايترا وسيلا آهن انهن جي آمدني کي صحيح نموني استعمال ڪجي ته يقينن هر هڪ ماڻهو روزگار وارو ٿي سگهي ٿو۔