عجب ڪرپشن جي غضب ڪهاڻي

'مختلف موضوع' فورم ۾ غلام مصطفي ميمڻ طرفان آندل موضوعَ ‏6 مئي 2012۔

  1. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    [JUSTIFY]عجب ڪرپشن جي غضب ڪهاڻي[/JUSTIFY]

    [JUSTIFY]ملڪ جي اعلي عدالتون ۽ نيب ۾ وڏن وڏن ڪرپشن جي معاملات جي ڇان بين ۽ مقدمن واري ڪاروائي جون خبر عالم آشڪار ٿي رهيون آهن۔ان حوالي سان اندروني سنڌ ۾ تيل ۽ گيس جي قومي ڪارپوريشن(OGDC)،محڪم خوراڪ سنڌ ۽ تعليمي محڪمي ۾ اربن رپين جي ڪرپشن ٿي آهي۔
    [/JUSTIFY]

    [JUSTIFY]قادرپورگيس فليڊ،گهوٽڪي[/JUSTIFY] [JUSTIFY]،ملڪ جو ٽيون وڏو گيس ۽ تيل پيدا ڪرڻ وارو ادارو آهي،جنهن جو افتتاح 1996 ۾ شهيد محترم بينظير ڀٽو ڪيو هئو۔تازو هڪ رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته ان اداري ۾ ڪمپريسر جي خريداري ۾ ساڍن ٽن ارب رپين کان وڌيڪ رقم جي ڪرپشن ڪئي ويئي آهي،جڏهن ته سول ورڪس ۾ ٻه ارب روپيا خرچ ڪرڻ جي باوجود گيس جو پريشر وڌائڻ ۾ ڪا مدد نه ملي۔قادرپور گيس فليڊ مان 1996 کان پوء  روزانه اوسطن 450 ملين مڪعب فٽ گيس سنڌ ۽ پنجاب جي اهم منصوبن لاء فراهم ڪئي ويندي هئي۔4 سال اڳ تيل ۽ گيس جي پيدوار گهٽجڻ جي وٍجه زير زمين پريشر جو گهٽ ٿيڻ ٻڌايو ويو،انڪري ڪمپريسر لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو۔پر 2010 تائين ڪجه سپلائر سان معاملات طئي ٿي نه سگهيا انڪري ڪمپريسر لڳائڻ جو مامعلو کٽئي ۾ پئجي ويو۔ڪجه وقت کانپوء هڪ غير ملڪي فرم کي مهنگي قيمت تي اهو ٺيڪو ڏنو ويو،جنهن اصلي معاهدي جي ابتڙ ناقص ڪمپريسر ڏنا۔اهو معاملو بلڪل پاڪستان ريلوي وانگر هئو۔جٿي ڪجه سال اڳ غير معياري انجڻون۔محض ڪميشن جي عيوض چين کان درآمد ڪيون ويون هيون،جيڪي ڪجه عرصو هلڻ کانپوء ڪم وبيش اسڪريپ ٿئي ويون آهن۔اندروني معاملات جي مطابق۔ڪجه همدرد ڪارڪنن تمام تفصيلات نيب ۽ عزت مابه چيف جسٽس آف پاڪستان ڏي روانه ڪيون آهن۔تاڪي نه رڳو اربون روپين جي ڪرپشن ۾ شامل ماڻهن جي خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي پر آئنده ان عظيم گيس پلانٽ کي تباهي کان بچائي سگهجي۔

    هڪ ٻئي رپورٽ[JUSTIFY] محڪمي خوراڪ سکر ريجن[/JUSTIFY] جي باري ۾ منظر عام تي آئي آهي۔جٿي ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولر پنهنجي ٽن ماتحت فوڊ انسپڪٽر جي مدد سان پوين سال جي ڪڻڪ جون هڪ لک ٻوريون ڪجه مقامي فلور مل جي مالڪن کي في ٻورتي ٽي سوء رپيا ڪميشن جي عيوض غير قانوني طور سپلائي ڪيون تاڪي هو نئين فصل جي اچڻ کان اڳ اهو اسٽاڪ مهانگي اگھ تي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ وڪڻي سگهن۔اهو اسڪينڊل منظر عام تي اچڻ کانپوء فوڊ ڪنٽرولر هڪ فوڊ انسپڪٽر کي ٽن گودامن جو انچارج ٺاهي،هڪ لک ڪڻڪ جون ٻوريون نئين ڪڻڪ مان وٺي۔وڪڻيل ٻورين جي جڳه تي اسٽاڪ ڪرڻ جو حڪم ڏنو۔جيڪڏهن تحقيقاتي ٽيم ڪڻڪ جي ان ٻورين جو نيڪ نيتي سان معائنو ڪري ته پراڻين ۽ نئين ٻورين جي ڪڻڪ جو فرق صاف ظاهر ٿي ويندو۔هڪ انداز مطابق ان معاملي ۾ حڪومتي خزاني کي 30 ڪروڙ جو نقصان پهچايو ويو آهي۔اهو به ٻڌايو ٿو وڃي ته مخصوص مقامات تي ڪڻڪ جي خريداري لاء من پسند فوڊ انسپڪٽرن جو تقرر نيلامي واري انداز ۾ ٿي رهيو آهي۔ان ڪم ۾ مٿي تائين محڪمي جي افيسرن جا هٿ رنگيل آهن۔
    هڪ ٻئي واقعي ۾ [JUSTIFY]سنڌ لوڪل گورنمنٽ[/JUSTIFY] جي طرفان جاري ڪيل ڇھ اپائنٽمينٽ آرڊر جعلي ثابت ٿيا۔جڏهن متعلق ماڻهون اپائنٽمينٽ آرڊار سان گڏ جوائن ڪرڻ آيا ته اهئي اپائنٽمينٽ آرڊار تصديق لاء ڪراچي موڪليا ويا۔جٿان خبر پئي ته اهئي جعلي آهن۔آرڊار تمام مهارت سان ٺاهيا وييا هئا پر دستخط ۾ ڪجه خاميون هيون۔هاڻي متعلق ماڻهون اسيڪنڊل ظاهر ٿيڻ کانپوء پنهنجي جان بچائڻ لاء بااثر سياسي شخصيات جي پناه جي ڳولهاء ۾ آهن۔معلوم ٿيو آهي ته اهئي نوڪري جا آرڊار ٻن کان پنجن لک وٺڻ کانپوء گريڊ 4 کان 14 جي نوڪرين لاء ڪڍيا ويا آهن۔

    ڪرپشن جي حوالي سان هڪ خبر هي به آهي ته خيرپور جو هڪ تعليم يافته نوجوان [JUSTIFY]حنيف ميمڻ[/JUSTIFY] حڪومتي جماعت جي هڪ بااثر سياسي شخصيات کي پنهنجي آباڻي زمين وڪڻي 6 لک رپيا رشوت طور ڏنا ته هن کي ليڪچرار جي نوڪري وٺي ڏئي۔هڪ سال گذرڻ کانپوء به اهو سياسي اهلڪار هن کي واعدن تي ٽاريندو رهيو۔بد دل ٿي ڪري ۽ گهريلو مالي حالتن کان مجبور ٿي ڪري حنيف ميمڻ زهريلي دوا پي خودڪشي ڪري ڇڏي۔مرحوم جي ڀاء صحافين کي ٻڌايو ته هن جي ڀاء سان ڏهن لکن ۾ ڍيل ٿئي هئي،جنهن مان ڇھ لک ايڊوينس ۾ ڏنا ويا ۽ اپائٽمينٽ آرڊر ملڻ کانپوء باقي پسئا ڏيڻا هئا۔پر نوڪري نه ملي۔ڪافي عرصي تائين مرحوم پنهنجا ڇھ لک رپيا واپس گهروندو رهيو ان سياسي شخصيت کان پر ڪو نه مليس،انڪري حالت کان بدظن ٿي ڪري هن خودڪشي ڪئي۔مرحوم جي ڀاء اڪرم ميمڻ وزير اعلئ سنڌ کي گذارش ڪئي آهي ته مرحوم جا ڇھ لک رپيا ان سياسي سخصيت کان واپس ڏياريا وڃن ۽ هن سياسي شخصيت جي خلاف قدم کنيو وڃي تاڪي اڳتي ڪوبه معصوم ماڻهون ٺڳجڻ کان بچي پوي۔
    [/JUSTIFY]

    [JUSTIFY]بشڪريه :خواجه جاويد احمد۔
    اخبار جهان شماره7_13 مئي 2012[/JUSTIFY]


    [JUSTIFY]محترم ميمبرس هن ليک جو هت ونڍ ڪرڻ جو اهم مقصد اهو آهي ته نوڪري جي لالچ ۾ اسان کي ڪنهن کي به پيسئا رشوت طور نه ڏيڻ گهرجي نه ته اسانجو حشر به حنيف ميمڻ جهڙو ٿي سگهي ٿو۔حڪومت جا ڪرپشن جا مٿيان قصا ٻڌي اسان کي ڏاڊي تڪليف پهچي ٿي ۽ به اختيار دل مان دعا نڪري ٿي ته الله سائين اسان تي رحم ڪر ۽ هن ڪرپشن سان گڏ ناهليت واري دور مان اسان جي جان آزاد ڪرائي۔اسان جي حڪمرانن ۽ ٻين صاحب اقتدار کي نيڪ هدايت ڏئي تاڪي هو رشوت جي لعنت کي پري ڦٽي ڪري ،سچي دل سان توبه تائب ٿي ڪري پنهنجي ملڪ ۽ قوم جي سچي خدمت ڪري سگهن۔ اهليت جي بيس تي ماڻهن کي نوڪريون ڏين نه ڪئي وري رشوت جي وٍجه سان ۔[/JUSTIFY]
     
  2. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: عجب ڪرپشن جي غضب ڪهاڻي

    سائين هر طرف ڪرپشن ئي ڪرپشن آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڪهڙا سور پٽيون پنجاب وارا به ڪرپشن ڪن ٿا پر ڪجهه پنهنجي صوبي کي به ٺاهن ٿا ء پان وارا ڀنگائي ٽولو آهي ئي گهوريو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    پوء سائين نثار چوي تو ته تون حڪومت جي لاء جوتو لاهيون بيٺو آهين ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ منهنجو وس هلي ته سڀني کي چوراهي تي الٽو لٽڪائي ء ڪٽڻ شروع ڪريان ء 99 تي ڀلجي پوان
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: عجب ڪرپشن جي غضب ڪهاڻي

    سائين ڇا ڪجي ۔۔۔۔۔۔۔ معاشري ۾ اهڙيون ته اڻ برابريون ٿي ويون آهن جنهن انصاف جون به ڌڄيون اڏايون آهن ۔۔۔۔۔۔۔۔

    هر طرف ڪرپشن نظر پئي اچي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ هاء ڙي انسان
     
  4. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: عجب ڪرپشن جي غضب ڪهاڻي

    هر طرف ڪرپشن نظر پئي اچي
     
  5. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: عجب ڪرپشن جي غضب ڪهاڻي

    سائين غلام مصطفى ميمڻ صاحب تمام اهم ڳالھ ڏي توجه ڇڪرائي آهي ، نوڪرين جي حاصلات لاءِ انسان مجبور ٿي ڪري پيسه ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويندا آهن جيڪا ڳالھ هن مضمون جو اهم ٽاپڪس آهي ، اسين يقينن اهڙا ماڻهو ڏٺا آهن جنهنن پيسن عيوض نوڪري لاءِ هٿ پير هنيا ۽ هاڻي جڏهن ناڪامي اڳيان آئي ته پيسه واپس وٺڻ لاءِ هٿ پير هڻي رهيا آهن ، هن دجالي دور ۾ وري يقين به اهڙن ماڻهن مٿان ڪيو ٿو وڃي جنهنن جو ڪو قبلو ئي ناهي ، اسين سنڌي به صفا ڪي ساده آهيون پنهنجي پرائي ۾ اصل ئي پهچان ڪون ٿا ڪريون ، نقصان کائي پوءِ بس هٿ مليندا رهندا آهيو ، الله رحم ڪري سڀنن تي
     
  6. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: عجب ڪرپشن جي غضب ڪهاڻي

    سڀ کان اول ته معاف ڪجو جو مون هي موضوع ڏسي ڪن لاٽار ان ڪري ڪئي ته سنڌ ۾ يا کڻي چئجي ته پوري پاڪستان ۾ اها ڪا نئين ڳالهه آهي؟ ” ڪرپشن جي هن سماج ۾ ڄاوان سون، ۽ هاڻ ماشاء الله اڌ صدي پوري ڪري، موت جي تياري ڪري رهيا آهيون، ڪجهه پاڻ سٽياسون ڪجهه سنگت ساٿ کي ۽ ڪجهه ويجهن عزيزن اقارب کي اصل قيمون قيمون ٿيندي ڏٺو آهي، ٻين جا سور ڪهڙا سليون پاڻ ئي ڪيترن هنڌن تي ٻه ٽنگا ڦاسي نڪتا آهيون“ انڪري هاڻ ڪرپشن جي ڳالهه سنڌ ۾ ايئن آهي جيئن پراڻي دور ۾ ” ڪڪڙن جي ميل جون ڳالهيون“

    عدالت جي ادارن ۾ ڪٺاسون
    صحت جي ادارن ۾ کل لهارائيسون
    تعيلم جي ادارن ۾ منهن ڪارو ڪيوسون
    انتطامي ادارن کان پنهنجا ڪپڙا لهرايوسون
    نوڪري لا ڌڪا کائي سڀ آسرا آزمائي، مک جيئان مٿو پٽيوسون
    ۽ مذهبي ماڻهن کي گونهن کائيندي ڏٺوسون

    سڀ ذاتي تجربو آهي، پنهنجن پٺاڙن تي ان جا نشان آهن

    پر هن سڄي ماجرا ۾ جيڪا سهڻي ڳالهه لڳي ته غلام مصطفيى ميمڻ صاحب شايد پهريون دفعو هن قسم جو ليک لکيو آهي، جنهن ۾ حڪومت وقت جي ادارن تي ٽيڪا ٽپڻي ٿيل آهي“ ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ايترو صابرين ۽ ايذاوَ سهڻ وارو انسان به آخر رڙ ڪري ويٺو، ڄڻ ته اسانجي ڪيل ماضي جي رڙين جو ڪو پڙاڏو هجي۔

    کل آئي عرس پريي جي ڳالهه تي، جيڪو هاڻ جڏهن به حڪومتي ادارن کي چڪ پائيندو ته منهنجو نالو کڻي، مونکي ثواب ۾ شامل ڪندو رهندو، يار عرس هڪ پاسي تون جوتا کڻ ۽ ڳڻت ۾ غلطي ڪر ته ٻي پاسي مان به ائين ڪريان ۽ جي سموري قوم ائين ڪري ته هوند جان ئي ڇٽي پوي۔

    اي مصطفيى جا غلام ! ڪهڙا سور ڳائي ڪهڙا ڳايون، هاڻ ته اهي ڳالهيون ڪندي پاڻ کي شرم ٿو اچي جو اهي شيون آخر آهن ته اسان عوام جي ڪري ئي قائم ئي دائم ۔۔۔۔ جهڙو عوام تهڙو حڪمران

    جيستائين اسانجو عوام سڌي راهه تي نه ايندو تيستائين، هڪ پهاڪو آهي ته ” جت لوڀي هجن تت ٺوڳي بک نه مرن“

    اسانجي پنهنجي لوڀ ۽ انا آهي جيڪا اسانکان ظلم ڪرائي ٿي۔

    لک ٿورا، اوهان تمام سهڻو ليک ونڊ ڪيو آهي، ته جيئن سنڌي سهڻا ٺڳن کان بچي سگهن۔

    لک سلام
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو