غلام مصطفي ميمڻ
سينيئر رڪن
عجب ڪرپشن جي غضب ڪهاڻي
ملڪ جي اعلي عدالتون ۽ نيب ۾ وڏن وڏن ڪرپشن جي معاملات جي ڇان بين ۽ مقدمن واري ڪاروائي جون خبر عالم آشڪار ٿي رهيون آهن۔ان حوالي سان اندروني سنڌ ۾ تيل ۽ گيس جي قومي ڪارپوريشن(OGDC)،محڪم خوراڪ سنڌ ۽ تعليمي محڪمي ۾ اربن رپين جي ڪرپشن ٿي آهي۔
قادرپورگيس فليڊ،گهوٽڪي
،ملڪ جو ٽيون وڏو گيس ۽ تيل پيدا ڪرڻ وارو ادارو آهي،جنهن جو افتتاح 1996 ۾ شهيد محترم بينظير ڀٽو ڪيو هئو۔تازو هڪ رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته ان اداري ۾ ڪمپريسر جي خريداري ۾ ساڍن ٽن ارب رپين کان وڌيڪ رقم جي ڪرپشن ڪئي ويئي آهي،جڏهن ته سول ورڪس ۾ ٻه ارب روپيا خرچ ڪرڻ جي باوجود گيس جو پريشر وڌائڻ ۾ ڪا مدد نه ملي۔قادرپور گيس فليڊ مان 1996 کان پوء روزانه اوسطن 450 ملين مڪعب فٽ گيس سنڌ ۽ پنجاب جي اهم منصوبن لاء فراهم ڪئي ويندي هئي۔4 سال اڳ تيل ۽ گيس جي پيدوار گهٽجڻ جي وٍجه زير زمين پريشر جو گهٽ ٿيڻ ٻڌايو ويو،انڪري ڪمپريسر لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو۔پر 2010 تائين ڪجه سپلائر سان معاملات طئي ٿي نه سگهيا انڪري ڪمپريسر لڳائڻ جو مامعلو کٽئي ۾ پئجي ويو۔ڪجه وقت کانپوء هڪ غير ملڪي فرم کي مهنگي قيمت تي اهو ٺيڪو ڏنو ويو،جنهن اصلي معاهدي جي ابتڙ ناقص ڪمپريسر ڏنا۔اهو معاملو بلڪل پاڪستان ريلوي وانگر هئو۔جٿي ڪجه سال اڳ غير معياري انجڻون۔محض ڪميشن جي عيوض چين کان درآمد ڪيون ويون هيون،جيڪي ڪجه عرصو هلڻ کانپوء ڪم وبيش اسڪريپ ٿئي ويون آهن۔اندروني معاملات جي مطابق۔ڪجه همدرد ڪارڪنن تمام تفصيلات نيب ۽ عزت مابه چيف جسٽس آف پاڪستان ڏي روانه ڪيون آهن۔تاڪي نه رڳو اربون روپين جي ڪرپشن ۾ شامل ماڻهن جي خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي پر آئنده ان عظيم گيس پلانٽ کي تباهي کان بچائي سگهجي۔
هڪ ٻئي رپورٽ
هڪ ٻئي واقعي ۾
ڪرپشن جي حوالي سان هڪ خبر هي به آهي ته خيرپور جو هڪ تعليم يافته نوجوان
هڪ ٻئي رپورٽ
محڪمي خوراڪ سکر ريجن
جي باري ۾ منظر عام تي آئي آهي۔جٿي ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولر پنهنجي ٽن ماتحت فوڊ انسپڪٽر جي مدد سان پوين سال جي ڪڻڪ جون هڪ لک ٻوريون ڪجه مقامي فلور مل جي مالڪن کي في ٻورتي ٽي سوء رپيا ڪميشن جي عيوض غير قانوني طور سپلائي ڪيون تاڪي هو نئين فصل جي اچڻ کان اڳ اهو اسٽاڪ مهانگي اگھ تي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ وڪڻي سگهن۔اهو اسڪينڊل منظر عام تي اچڻ کانپوء فوڊ ڪنٽرولر هڪ فوڊ انسپڪٽر کي ٽن گودامن جو انچارج ٺاهي،هڪ لک ڪڻڪ جون ٻوريون نئين ڪڻڪ مان وٺي۔وڪڻيل ٻورين جي جڳه تي اسٽاڪ ڪرڻ جو حڪم ڏنو۔جيڪڏهن تحقيقاتي ٽيم ڪڻڪ جي ان ٻورين جو نيڪ نيتي سان معائنو ڪري ته پراڻين ۽ نئين ٻورين جي ڪڻڪ جو فرق صاف ظاهر ٿي ويندو۔هڪ انداز مطابق ان معاملي ۾ حڪومتي خزاني کي 30 ڪروڙ جو نقصان پهچايو ويو آهي۔اهو به ٻڌايو ٿو وڃي ته مخصوص مقامات تي ڪڻڪ جي خريداري لاء من پسند فوڊ انسپڪٽرن جو تقرر نيلامي واري انداز ۾ ٿي رهيو آهي۔ان ڪم ۾ مٿي تائين محڪمي جي افيسرن جا هٿ رنگيل آهن۔هڪ ٻئي واقعي ۾
سنڌ لوڪل گورنمنٽ
جي طرفان جاري ڪيل ڇھ اپائنٽمينٽ آرڊر جعلي ثابت ٿيا۔جڏهن متعلق ماڻهون اپائنٽمينٽ آرڊار سان گڏ جوائن ڪرڻ آيا ته اهئي اپائنٽمينٽ آرڊار تصديق لاء ڪراچي موڪليا ويا۔جٿان خبر پئي ته اهئي جعلي آهن۔آرڊار تمام مهارت سان ٺاهيا وييا هئا پر دستخط ۾ ڪجه خاميون هيون۔هاڻي متعلق ماڻهون اسيڪنڊل ظاهر ٿيڻ کانپوء پنهنجي جان بچائڻ لاء بااثر سياسي شخصيات جي پناه جي ڳولهاء ۾ آهن۔معلوم ٿيو آهي ته اهئي نوڪري جا آرڊار ٻن کان پنجن لک وٺڻ کانپوء گريڊ 4 کان 14 جي نوڪرين لاء ڪڍيا ويا آهن۔ڪرپشن جي حوالي سان هڪ خبر هي به آهي ته خيرپور جو هڪ تعليم يافته نوجوان
حنيف ميمڻ
حڪومتي جماعت جي هڪ بااثر سياسي شخصيات کي پنهنجي آباڻي زمين وڪڻي 6 لک رپيا رشوت طور ڏنا ته هن کي ليڪچرار جي نوڪري وٺي ڏئي۔هڪ سال گذرڻ کانپوء به اهو سياسي اهلڪار هن کي واعدن تي ٽاريندو رهيو۔بد دل ٿي ڪري ۽ گهريلو مالي حالتن کان مجبور ٿي ڪري حنيف ميمڻ زهريلي دوا پي خودڪشي ڪري ڇڏي۔مرحوم جي ڀاء صحافين کي ٻڌايو ته هن جي ڀاء سان ڏهن لکن ۾ ڍيل ٿئي هئي،جنهن مان ڇھ لک ايڊوينس ۾ ڏنا ويا ۽ اپائٽمينٽ آرڊر ملڻ کانپوء باقي پسئا ڏيڻا هئا۔پر نوڪري نه ملي۔ڪافي عرصي تائين مرحوم پنهنجا ڇھ لک رپيا واپس گهروندو رهيو ان سياسي شخصيت کان پر ڪو نه مليس،انڪري حالت کان بدظن ٿي ڪري هن خودڪشي ڪئي۔مرحوم جي ڀاء اڪرم ميمڻ وزير اعلئ سنڌ کي گذارش ڪئي آهي ته مرحوم جا ڇھ لک رپيا ان سياسي سخصيت کان واپس ڏياريا وڃن ۽ هن سياسي شخصيت جي خلاف قدم کنيو وڃي تاڪي اڳتي ڪوبه معصوم ماڻهون ٺڳجڻ کان بچي پوي۔
بشڪريه :خواجه جاويد احمد۔
اخبار جهان شماره7_13 مئي 2012
اخبار جهان شماره7_13 مئي 2012
محترم ميمبرس هن ليک جو هت ونڍ ڪرڻ جو اهم مقصد اهو آهي ته نوڪري جي لالچ ۾ اسان کي ڪنهن کي به پيسئا رشوت طور نه ڏيڻ گهرجي نه ته اسانجو حشر به حنيف ميمڻ جهڙو ٿي سگهي ٿو۔حڪومت جا ڪرپشن جا مٿيان قصا ٻڌي اسان کي ڏاڊي تڪليف پهچي ٿي ۽ به اختيار دل مان دعا نڪري ٿي ته الله سائين اسان تي رحم ڪر ۽ هن ڪرپشن سان گڏ ناهليت واري دور مان اسان جي جان آزاد ڪرائي۔اسان جي حڪمرانن ۽ ٻين صاحب اقتدار کي نيڪ هدايت ڏئي تاڪي هو رشوت جي لعنت کي پري ڦٽي ڪري ،سچي دل سان توبه تائب ٿي ڪري پنهنجي ملڪ ۽ قوم جي سچي خدمت ڪري سگهن۔ اهليت جي بيس تي ماڻهن کي نوڪريون ڏين نه ڪئي وري رشوت جي وٍجه سان ۔