شهيد روپلو جي وني

'سنڌ جون سرتيون' فورم ۾ سنڌي نور طرفان آندل موضوعَ ‏6 مئي 2012۔

  1. سنڌي نور

    سنڌي نور
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 نومبر 2011
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    408
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ديس واسين سان محبتون ونڊڻ
    ماڳ:
    سنڌ جي مٽي
    روپلي جي وَني روپلي سان مُلاقات ڪرڻ کان پوءِ
    ڪئپٽن تروٽ کي جواب ڏيندي

    گورا! تون ڀل ته اسان جا مڙس مارائي ڇڏ، آئون به ڏسنديس ته توھان ڪارونجھر ۾ گھڻا ڏينھن ٿا جُڃ ڪريو. ڪولھياڻين جا پيٽ اڃا سڪا ڪونھن، ڪٿي حلالي ڪٿي حرامي ڦر ڄڻي اوهان کي مارئي نه وجھون. اھي ڀاڙيا لاڌو سنگھه ۽ روپا ھئا جن کان ميگھواڙن جي ڇوڙن ۾لڪي پاڻ بچائي ويو ھئين، اسان جا ٻار توکي نرڳ ۾ به ڪونه ڇڏيندا، شاھ بيگڙي وانگر ڀڄي وڃ نه ته مري ويندين.!
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. صنم

    صنم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏26 مارچ 2011
    تحريرون:
    73
    ورتل پسنديدگيون:
    124
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: شهيد روپلو جي وني

    ڀيڻ سنڌي نور۔اسان کي به روپلي جي وني واري جرائت جو مظاهر ڪرڻو پوندو نه ته هي مرد جي ڊاميننسي وارو دور اسان کان ته جيئڻ جو به حق کسي وٺندو۔ڪٿي زمين ڦاٻئڻ جي لالچ ۾ عورت کي قران پاڪ سان شادي ڪرائي هن جو استحصل ٿو ڪيو وڃي ته وري ڪٿي دشمنن کان بدلو وٺڻ لاء عورت کي ڪاري قرار ڏئي۔ان دشمن کي مارڻ سان گڏ عورت جو ناحق رت وهايو ٿو وڃي۔ ڪاٿي مرحوم ڀاء جي وني کي جائيداد ۾ حصو نه ڏيڻو پوي جي ڪري زهر ڏئي ان کا ماريو ٿو وڃي۔عورت ڪنهن به باوقار پيشئه سان مسلڪ ٿي ڪري جيڪڏهن پنهنجي ڪليگ مرد سان ٿورو مسڪرائي ۽ هڪ سٺي ماحول ۾ ڪم ڪري ٿي ته ان کي شڪ جي نگاه سان ڏٺو ٿو وڃي پر جيڪڏهن مرد پنهنجي ڏهن ڪليگ عورتن سان ان انداز ۾ ڳالهيندو ته ان کي ڪير به غلط نه ٿو سمجهي۔هر نوڪري پيشئه عورت يا ڇوڪري کي مرد عجيب نظرن سان ڏسن ٿا ۽ انهن جي ڪردار جي باري ۾ نازياب جملاء ڳالهائن ٿا،پر هو ڪڏهن به هو اهو نه ٿا سوچين ته اهئي ڪهڙيون حالتون آهن جنهن ان عورت کي گهر جي دهليز پار ڪري ماڻهون سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڪم ڪرڻ تي مجبور ڪيو آهي۔توهان ٻهراڙين ۾ ڏسندا ته عورتون هڪ پوڙهي مرد سان ٻني ۾ ڪم ڪنديون آهن جڏهن ته انهن جا جوان مرد هوٽلن ۾ ويهي ڪيبل تي فلمون ڏسندا آهن ۽ شام جو گهر اچي ان سڄي ڏينهن جي پورهي کان ٿڪل زال کي ڪنهن ننڊي ڳاله تي مارڪٽ ڪندا آهن۔ان جو ذڪر آل پاڪستان ويمن آيسئوسيشن هڪ معلوماتي تجزيه کان پوء پنهنجي پويئن سال جي ساليانه رپورٽ ۾ ڪيو آهي۔
     
  3. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: شهيد روپلو جي وني

    ڀيڻ صنم توهان جون ڳالهيون بجا آهن، پر ادي اسان جنهن معاشري ۾ رهندا آهيون ان معاشري ۾ عورت ئي مرد جو غُرور ۽ عزت آهي، ۽ جڏهن به ڪٿي اها عزت ۽ غرور پائمال ٿيندي نظر ايندو ته اهو ئي مرد ڪڏهن به برداشت نٿوڪري سگهي، اڄ به جتي سڌريل طبقو آهي اتي عروتن کي وڏو مان ۽ مرتبو مليل آهي اهي پنهنجا خيال آزادانه طور تي ونڊ ڪن ٿيون۔ ۽ آزادانه پنهنجن صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻن ٿيون، پر ادي جيڪڏهن اهي اسان جون ڀينرون اسان جي ان آزادي واري ماحول مان ناجائز فائدو وٺندي ته مرد يقينن پنهنج غُرور کي مرندي محسوس ڪندو، پو تڏهن اهو ساڳيو مرد سختيون ۽ پابنديون مُڙهي ٿو۔۔پر ادي اها ڳالهه مڃڻ جهڙي آهي ته اڻ پڙهيل طبقي ۾ اڄ به ويچارين عورتن جو استحصال ٿي رهيو آهي، انهن جا بنيادي مسئلا مرد پنهنجي انا پرستي ۾ دٻايون ويڍو آهي، مان سلام پيش ڪيان ٿو انهن عورتن کي جيڪي راتان ڏينهان پنهنجي جان کي عتاب ۾ رکي انهن مردن جي خدمتن ۾ رڌل آهن ۽ ٻڻڪ به ٻاهر نٿيون ڪڍن، شرم اچڻ گهرجي انهن مردن کي جيڪي عورت جهڙي صنف نازڪ تي ايترا ظلم ڪن ٿا۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو