عجيب ڳالھ آهي !!!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ افتخار علي چوهاڻ طرفان آندل موضوعَ ‏7 مئي 2012۔

  1. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    تعجب جي ڳالھ آهي ته اڄ ڪل فيس بوڪ تي ڪجه هندو برادري جي ميمبرن کان فريال شاه سابقه رنڪل بابت ڪوڙيون ڳالھيون ۽ عجيب قسم جون ڳالھيون هلائي رهيا آهن ، هن کي زور زبردستي مسلمان بڻايڻ جي ڳالھ ڪن ٿا افسوس وري هن ڳالھ جو آهي ته اسان جا مسلمان سنڌي ڀائر هنن جي پوئواري ڪندي ساڳي قسم جو راڳ الاپيندا وتن پيا ، مجال آهي جو اندر جو مسلمان ڄاڳي بس ڇڙو هندو برادري سان انڌي قسم جي همدردي جو مظاهرو نظر اچي ٿو جنهن ۾ ٻنهن ڌرين جا ذاتي اغراض کان سواءِ ڪجه به ناهي ، ڪجه سنڌي قومپرست ذهن رکندڙ مسلمان جيڪي هندن جي همدردي وٺن چاهن ٿا جنهن سان هنن کي افرادي قوت حاصل ٿي وڃي ٻي طرف هندو برادري اهڙن قومپرستن سان پان کي ڄوڙي اقليت مان جان ڇڏائي ملڪ اندر پنهنجو اثر رسوخ وڌائڻ جي چڪر ۾ آهن ، ڳالھ برابر آهي ٻئي جانب اغراض ۽ مفاد جي تڪميل گهرجي ڀل اسلام تي حرف اچي عالمن مٿان بيهوده قسم جي ڪوڙي پروپيڳينڊا ۽ عالمن جون تصويرن کي جانورن سان ملائي ڏاڙهي وارن جي تذليل ڪئي پئي وڃي ۽ اهڙيون ڪڌيون ڳالهين جي ترديد نظر نه ٿي اچي الٽو هنن تي اهڙا تبصرا پيا اچن جنهن مان هندو برادري اسان مسلمانن جا حال ڏسي ضرور اسان جي مٿان کندا هوندا ۽ سوچيندا هوندا ته اهي ڪهڙي قسم جا مسلمان آهن جنهنن ۾ ضمير نالي جي ڪا شئي ڪانهي ، بس رب ڏڻي کان دعا آهي ته اسان جي دلين مٿان جيڪي پردا اچي ويا آهن ، جيڪو ” غلف“ اچي ويا آهن هنن کي هٽائي ۽ حق سچ جي واٽ تي هلائي ، آمين

    دوستو هي اخبار ڪٽنگ ڪالوڪي ڪاوش اخبار جو آهي جنهن ۾ فريال شاه بابت ڪوڙي ڳالھين جي ترديد آهي

    [​IMG]
     
  2. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: عجيب ڳالھ آهي !!!

    عجب جي ڳالھ آهي
     
  3. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: عجيب ڳالھ آهي !!!


    دين مڃائڻ ۾ ڪا زبردستي نه آھي، (ڇوته) بيشڪ گمراھيءَ کان ھدايت (جدا ٿي) پڌري ٿي آھي، تنھنڪري جيڪو طاغوت (يعني خُدا کان سواءِ ٻـين معبودن) کي نه مڃي ۽ الله کي مڃي تنھن بيشڪ اھڙي محڪم ڪڙي کي ورتو، جنھن کي ڇڄڻ نه آھي، ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي. الله مؤمنن جو سنڀاليندڙ آھي کين اونداھين مان سوجھري ڏانھن ڪڍندو آھي، ۽ جيڪي ڪافر آھن تن جا مددگار (خُدا کان سواءِ جن جي عبادت ڪن ٿا سي) بت آھن کين سوجھري مان اونداھين ڏانھن ڪڍندا آھن، اُھي دوزخي آھن، اُھي منجھس سدائين رھڻ وارا آھن. (سورة البقرة ...257)

    ادا هي ڏسو ته قرآن اسان کي ڇا ٿو چوي،۔۔۔ قرآن ۾ به صاف صاف لکيل آهي ته دين ۾ ڪا به زبردستي نه آهي پر ادا جيڪڏهن زبردستي هجي به نه ۽ ان کي زبردستي چيو وڃي ته ان کي ڇا ؟ ڪجي،۔۔۔۔ ادا هڪ ٻه ڏينهن پهرين به اسان جي سنڌ سلامت جي هڪ دوست محترم رضوان جمالي صاحب هي جمله لکيا هئا ( هندو نياڻين کي زوري مسلمان ڪري انهن سان شاديون ڪري هندن کان اڃا تائين اُن بي عزتي جو بدلو ورتو پيو وڃي ۔۔۔،۔ رضوان جمالي ) سو ادا مون ته ان دوست کي به اهيو عرض ڪيو هو ته ادا ان ڳالهه جي پهرين پوري طرح تحقيق ڪريو تنهن کانپوء ئي فتوا جاري ڪريو، ۽ مون ان دوست کي موضون جي حساب سان ڪافي دليل به ڏنا هئا، ۽ ان موضون کي ڏسڻ لاء توهان هت۔۔ بدلي وٺڻ جو انداز ڪلڪ ڪري اهو موضون ڏسي سگهو ٿا، ادا مون اهيا به ڪوشش ڪئي هئي ته حق سامهون اچي ۽ ڪوڙ به پڌرو ٿئي، جنهن لاء مون ڪجهه وڊيوز به پيش ڪيا هئا، جيڪي مان هت به پيش ڪيان ٿو، ادا مان ته سنڌ جي سڀني دوستن هندو توڙي مسلمانن کي اهيو ئي عرض ڪندس ته سچ ۽ ڪوڙ کي سامهون آڻڻ لاء تحقيق ڪريو، سچ ته بيٺو نچ، ڪوڙ جي منهن ۾ ڌوڙ




     
  4. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: عجيب ڳالھ آهي !!!

    ادا ممتاز الله اوهان کي هر مشڪل ۾ ڪامياب ڪري ، اوهان جي استقامت ۽ حوصله افزائي ، حق گويائي ، دليلن سان جوابات ڏيڻ لاءِ هميشه دعاگو رهندو آهيان اوهان جهڙن دوستن جي ڪري اسين به مايوسي کي ڪڏهن ويجهي اچڻ ڪون ڏنو آهي

    جيتوڻيڪ اوهان جي ڏنل لنڪ وارو مضمون نظر مان ڪون گذريو هو پر جڏهن پڙهيم ته دل باغ باغ ٿي وئي جو ماشاء الله اوهان جي قلم ۽ زبان جي طاقت ڏسي حوصلي جي چڻگ ڄاگي ٿي ،

    اسان جهڙن ناڪارن لاءِ به دعا ڪندا ته رب سائين حق سچ چوڻ ۽ استقامت جي توفيق عطا فرماءِ هر ظلم ۽ ناحق آڏو ديوار بڻجڻ جي سگه عطا فرماءِ ،

    سدا خوش رهو ، ڪا بري نظر نه لڳي اوهان کي ، آمين

     

هن صفحي کي مشهور ڪريو