افتخار علي چوهاڻ
سينيئر رڪن
تعجب جي ڳالھ آهي ته اڄ ڪل فيس بوڪ تي ڪجه هندو برادري جي ميمبرن کان فريال شاه سابقه رنڪل بابت ڪوڙيون ڳالھيون ۽ عجيب قسم جون ڳالھيون هلائي رهيا آهن ، هن کي زور زبردستي مسلمان بڻايڻ جي ڳالھ ڪن ٿا افسوس وري هن ڳالھ جو آهي ته اسان جا مسلمان سنڌي ڀائر هنن جي پوئواري ڪندي ساڳي قسم جو راڳ الاپيندا وتن پيا ، مجال آهي جو اندر جو مسلمان ڄاڳي بس ڇڙو هندو برادري سان انڌي قسم جي همدردي جو مظاهرو نظر اچي ٿو جنهن ۾ ٻنهن ڌرين جا ذاتي اغراض کان سواءِ ڪجه به ناهي ، ڪجه سنڌي قومپرست ذهن رکندڙ مسلمان جيڪي هندن جي همدردي وٺن چاهن ٿا جنهن سان هنن کي افرادي قوت حاصل ٿي وڃي ٻي طرف هندو برادري اهڙن قومپرستن سان پان کي ڄوڙي اقليت مان جان ڇڏائي ملڪ اندر پنهنجو اثر رسوخ وڌائڻ جي چڪر ۾ آهن ، ڳالھ برابر آهي ٻئي جانب اغراض ۽ مفاد جي تڪميل گهرجي ڀل اسلام تي حرف اچي عالمن مٿان بيهوده قسم جي ڪوڙي پروپيڳينڊا ۽ عالمن جون تصويرن کي جانورن سان ملائي ڏاڙهي وارن جي تذليل ڪئي پئي وڃي ۽ اهڙيون ڪڌيون ڳالهين جي ترديد نظر نه ٿي اچي الٽو هنن تي اهڙا تبصرا پيا اچن جنهن مان هندو برادري اسان مسلمانن جا حال ڏسي ضرور اسان جي مٿان کندا هوندا ۽ سوچيندا هوندا ته اهي ڪهڙي قسم جا مسلمان آهن جنهنن ۾ ضمير نالي جي ڪا شئي ڪانهي ، بس رب ڏڻي کان دعا آهي ته اسان جي دلين مٿان جيڪي پردا اچي ويا آهن ، جيڪو ” غلف“ اچي ويا آهن هنن کي هٽائي ۽ حق سچ جي واٽ تي هلائي ، آمين
دوستو هي اخبار ڪٽنگ ڪالوڪي ڪاوش اخبار جو آهي جنهن ۾ فريال شاه بابت ڪوڙي ڳالھين جي ترديد آهي
