ڊاڪٽر بشير احمد شاد صاحب جو نالو سنڌي ادب ۾ ڪنهن کان به لڪل ناهي۔ رضوان گُل ۽ احسان دانش، سائين بشير احمد شاد صاحب جا فرزند آهن۔ مون سندس ڪالم، مضمون ، مقالا، ترجما ۽ ترتيب ڏنل ڪتاب پڙهيا آهن۔ ڪالهه ٽماهي مهراڻ 1985ع جي ڊسمبر واري شماري کي پڙهندي شاد صاحب جو هي بهترين غزل پڙهڻ لاء مليو، جيڪو سڀني سان ونڊ ڪجي ٿو۔
غزل : بشير احمد شاد
جدائي جا سهبا زخم ڪيستائين
اهي يار رهندا ڪرمَ ڪيستائين
خدا ڏوهه انسان جا بخشي ڇڏيندو
قطاريندين انسان جُرمَ ڪيستائين
زماني جون نظرون بلاخيز آهن
محبت جا رهندا ڀرمَ ڪيستائين
جوانيءَ تي نازان نه ٿيءُ حُسن وارا
اهي زلف ۾ رهندا خمَ ڪيستائين
اجهو سج سکن جو هو اڀريو ڪي اڀريو
سدا رهندا رنج و الم ڪيستائين
سردار منصور چڙهندا ئي رهندا
ڀلا تون ڪندين سر قلم ڪيستائين
نه دارا سڪندر رهيو ڪو دنيا ۾
اهي رهندا جاه و حشم ڪيستائين
ڇڏي مال دولت کي نيڪي ڪمايو
خبر ناهي آدمَ جا دَمَ ڪيستائين
اجهو “ شاد ” چاهت سندو چنگ چوريو
مٺا مور ٿيندا ستم ڪيستائين

ٽِماهي مهراڻ جي 1985 واري شماري تان ورتل