نثارناز
سينيئر رڪن
ٽنڊومحمد خان جي تاريخي شِوِ مندر مان لکين روپين جي چوري، مندر جي بي حُرمتي هندوبرادري ءَ برادريءَ ۾ تاءُ، انهي واقعي خلاف شهر جي مختلف سماجي ادبي سياسي ۽ سول سوسائٽيءَ جي ماڻهن جي شديد مذمت.
رپورٽ ۽ تصويرون : نثاراحمدناز سنڌ سلامت ڊاٽ
گُذريل رات نامعلوم چورن ٽنڊو محمد خان شهر جي تاريخي شيو مندر مان لکين روپين جي چوري ڪري مندر جي بي حرمتي ڪري ويا، هن مندر ۾ رکيل مختلف هندو ڌرم جي مذهبي مورتين کي پاتل سونا زيور، ڀنڊاري واري پيتين مان لکين روپين جو دان، مندر ۾ رکيل ٿانوَ پليٽون پاڻي جون ٻه موٽرون چوري ڪري ويا، انهي چوريءَ جي خلاف شهر جي سموري هندو برادري۾ ڏک سان گڏ تاوَ پکڙي ويو، سموري پوليس انتظاميه فوري طور مندر ۾ پهچي وئي ، انهي موقعي تي هندو پنچائت جي اڳواڻ ڊاڪٽر جي ايم گُل ڏُک ۽ غم سان چيو ته اسان جي مذهبي مقامن جي توهين ڪڏهن به برادشت ڪانه ڪئي ويندي ڪير سمجهي ٿو ته اسان جي مذهبي دل آزاري ڪرڻ سان اسان سنڌ ڌرتي کي ڇڏي وينداسين ته اها انهن تنگ نظر ماڻهن جي ڀُل آهي ، جن به هي گهنائونو عمل ڪيو آهي انهن هن شهر سميت سموري سنڌ جي ماحول ۾ مذهبي تنگ نظري ڦهيلائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، سنڌ ۾ رهندڙ لکين هندن جي دل آزاري ڪئي آهي ، هن سنڌ حڪومت ۽ مرڪز ۾ ويٺل اقتداري ڌُرين کان مطالبو ڪيو ته في الفور انهن ماحول جي ناسور ماڻهن کي گرفتار ڪري هن مندر جي نقصان جو ازالو ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ اسان پنهنجي احتجاج کي وسيع ڪرڻ جو حق محفوظ رکون ٿا، هندو پنچائت جي ڊاڪٽر چمن لال غم ۽ غصي جو اظهار ڪندي چيو ته ٽنڊومحمد خان شهر امن ۽ ڀائچاري جو شهر آهي هتي جا هندو سنڌي مسلم سڀ ڀائرن وانگر رهندا آيا آهيون پنهنجي خوشين غمين ۾ شريڪ ٿيندا آيا آهيون گُذريل چند ڏينهن کان نامعلوم شرپسند اسان کي هن تاريخي مندر کي ڊاهڻ جون ڌمڪيون ڏيئي رهيا هُئا ۽ هينئر هن مندر مان لکين روپين جي چوري ۽ اسان جي ديوي ديوتائن جي مورتين ۾ سجايل زيورن کي لاهي چوري ڪرڻ ثابت ٿو ڪري ته انتها پسندي سان اسان سنڌي هندوئن کي هتان لڏائڻ ٿا چاهين مگر اسان هن جيجل سنڌ جي مهراڻ جو پاڻي پيتو آهي اسان هن سنڌ جا پُٽ آهيون اسان سنڌ کي هر گز ڪونه ڇڏينداسين ، جنهن به اهڙي منافاقانه سازش ڪئي آهي ان کي چتاءُ ڏيڻ سان گڏ انتظاميه کان مطالبو ٿا ڪريون ته مندر جي چوري ۽ توهين جي اصل سازشن کي وائکو ڪري ملزمن کي گرفتار ڪري انهن کي قرار واقعي سزا ڏني وڃي ٻي صورت اسان سڀئي هندو سنڌ جي سانڃهه وند ماڻهن سان گڏجي پنهنجي احتجاج جو دائرو پوري سنڌ ۾ ڦهيلائي ڇڏينداسين. ان موقعي تي سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جو سيڪريٽري نثاراحمد ناز شيو مندر ۾ پهچي هندو ڀائرن سان سندن احتجاج ۾ باقائده شريڪ ٿي ويو، هن چيو ته سنڌ صدين کان امن جو گهوارو رهي آهي دنيا جو ڪو به مذهب تنگ نظري جي تعليم ڪونه ٿو ڏي هندن جي هن مندر مان چوري ۽ ان مندر جي بي حرمتي جي ڪري هتان جي ماحول ۾ مذهبي منافقت جو ٻج ڇٽيو پيو وڃي، هن مُلڪ جي آئين ۾ باقائده هر مذهب کي پنهنجي مذهبي عبادت گاهن ۾ وڃي عبادت ڪرڻ جو پورو پورو حق ڏنو ويو آهي ۽ هر مذهب جي عبادت گاهن جي حفاظت جي ذمون کنيل آهي ان هوندي به هتي جي سنڌي هندوئن جي عبادت گاهن کي نشانو بنائي انهن جي عبادت گاهن جي بي حُرمتي ڪرڻ مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته هن مڪروه واقعي ۾ شريڪ دهشت گردن جي ذهنن ۾ هتي جي سنڌو هندوئن کي ذهني مذهبي ٽارچر ڏيئي سنڌ جي حقي مالڪن کي سنڌ مان لڏائڻ آهي ۽ ان سازش کي عملي جامون اهڙيون مدي خارج حرڪتون ڪري پهرائڻو آهي هن سنڌي ادبي سنگت ٽنڊومحمد خان جي سموري سٿ پاران ۽ سنڌي ادبي سنگت مرڪز پاران هن واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته فوري طور تي اهڙن ناپاڪ ارادا رکندڙن کي گرفتار ڪري، هن شوِ مندر جي نقصان جو ازالو ڪيو وڃي ۽ هندو ڀائرن سان انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سموري سنڌي ادبي سنگت جا اديب شاعر، پنهنجي هندو ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏجي سنڌ جي ڪُنڊ ڪُڙڇ ۾ مظاهرا ۽ احتجاج ڪنداسين.

ٽنڊومحمدخان جا هندو ڀائر شو مندر ۾ ٿيل چوري خلاف سراپا احتجاج آهن

شِوِ مندر جي دان چي پيتي مان لکين روپين جي ماليت جو ڀنڊارو پيتي ٽوڙي چورايو ويو

شوِ مندر ۾ رکيل ديوي ۽ ديوتائن جي مورتين مان لکين روپين جي ماليت جا سونا زيور لاهي چوري ڪيا ويا۔

شو مندر ٽنڊو محمدخان مان ياترين کي ماني کارائڻ جا سمورا ٿانو هي پيتي ٽوڙي چوري ڪيا ويا

هندو پنچائت ٽنڊو محمد خان جو اڳواڻ ڊاڪٽر جي ايم گُل ڪي ٽي اين تي پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائي رهيو آهي

هندو پنچائت ٽنڊو محمد خان جو نوجوان عهديدار منورلال پڻ ڪي ٽي اين سامهون پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائي رهيو آهي

سنڌ سلامت جو جهونو سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جو سيڪريٽري نثاراحمدناز پڻ هندو ڀائرن جي هن ڏُک واري گهڙي ۾ فوري پهچي ويو ۽ شِوِ مندر مان ٿيل لکين روپين جي چوري ۽ مندر جي بي حرمتي خلاف سنڌي ادبي سنگت پاران ڪي ٽي اين تي پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائي رهيو آهي



هندو پنچائت جا ٻيا ميمبر پڻ هن واقعي خلاف پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائي رهيا آهن