• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٽنڊو محمد خان جي تاريخي شِوِ مندر مان لکين روپين چوري هندو برادري ۾ غم ۽ غصي جي لهر

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ نثارناز
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

نثارناز

سينيئر رڪن
ٽنڊومحمد خان جي تاريخي شِوِ مندر مان لکين روپين جي چوري، مندر جي بي حُرمتي هندوبرادري ءَ برادريءَ ۾ تاءُ، انهي واقعي خلاف شهر جي مختلف سماجي ادبي سياسي ۽ سول سوسائٽيءَ جي ماڻهن جي شديد مذمت.

رپورٽ ۽ تصويرون : نثاراحمدناز سنڌ سلامت ڊاٽ​

گُذريل رات نامعلوم چورن ٽنڊو محمد خان شهر جي تاريخي شيو مندر مان لکين روپين جي چوري ڪري مندر جي بي حرمتي ڪري ويا، هن مندر ۾ رکيل مختلف هندو ڌرم جي مذهبي مورتين کي پاتل سونا زيور، ڀنڊاري واري پيتين مان لکين روپين جو دان، مندر ۾ رکيل ٿانوَ پليٽون پاڻي جون ٻه موٽرون چوري ڪري ويا، انهي چوريءَ جي خلاف شهر جي سموري هندو برادري۾ ڏک سان گڏ تاوَ پکڙي ويو، سموري پوليس انتظاميه فوري طور مندر ۾ پهچي وئي ، انهي موقعي تي هندو پنچائت جي اڳواڻ ڊاڪٽر جي ايم گُل ڏُک ۽ غم سان چيو ته اسان جي مذهبي مقامن جي توهين ڪڏهن به برادشت ڪانه ڪئي ويندي ڪير سمجهي ٿو ته اسان جي مذهبي دل آزاري ڪرڻ سان اسان سنڌ ڌرتي کي ڇڏي وينداسين ته اها انهن تنگ نظر ماڻهن جي ڀُل آهي ، جن به هي گهنائونو عمل ڪيو آهي انهن هن شهر سميت سموري سنڌ جي ماحول ۾ مذهبي تنگ نظري ڦهيلائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، سنڌ ۾ رهندڙ لکين هندن جي دل آزاري ڪئي آهي ، هن سنڌ حڪومت ۽ مرڪز ۾ ويٺل اقتداري ڌُرين کان مطالبو ڪيو ته في الفور انهن ماحول جي ناسور ماڻهن کي گرفتار ڪري هن مندر جي نقصان جو ازالو ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ اسان پنهنجي احتجاج کي وسيع ڪرڻ جو حق محفوظ رکون ٿا، هندو پنچائت جي ڊاڪٽر چمن لال غم ۽ غصي جو اظهار ڪندي چيو ته ٽنڊومحمد خان شهر امن ۽ ڀائچاري جو شهر آهي هتي جا هندو سنڌي مسلم سڀ ڀائرن وانگر رهندا آيا آهيون پنهنجي خوشين غمين ۾ شريڪ ٿيندا آيا آهيون گُذريل چند ڏينهن کان نامعلوم شرپسند اسان کي هن تاريخي مندر کي ڊاهڻ جون ڌمڪيون ڏيئي رهيا هُئا ۽ هينئر هن مندر مان لکين روپين جي چوري ۽ اسان جي ديوي ديوتائن جي مورتين ۾ سجايل زيورن کي لاهي چوري ڪرڻ ثابت ٿو ڪري ته انتها پسندي سان اسان سنڌي هندوئن کي هتان لڏائڻ ٿا چاهين مگر اسان هن جيجل سنڌ جي مهراڻ جو پاڻي پيتو آهي اسان هن سنڌ جا پُٽ آهيون اسان سنڌ کي هر گز ڪونه ڇڏينداسين ، جنهن به اهڙي منافاقانه سازش ڪئي آهي ان کي چتاءُ ڏيڻ سان گڏ انتظاميه کان مطالبو ٿا ڪريون ته مندر جي چوري ۽ توهين جي اصل سازشن کي وائکو ڪري ملزمن کي گرفتار ڪري انهن کي قرار واقعي سزا ڏني وڃي ٻي صورت اسان سڀئي هندو سنڌ جي سانڃهه وند ماڻهن سان گڏجي پنهنجي احتجاج جو دائرو پوري سنڌ ۾ ڦهيلائي ڇڏينداسين. ان موقعي تي سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جو سيڪريٽري نثاراحمد ناز شيو مندر ۾ پهچي هندو ڀائرن سان سندن احتجاج ۾ باقائده شريڪ ٿي ويو، هن چيو ته سنڌ صدين کان امن جو گهوارو رهي آهي دنيا جو ڪو به مذهب تنگ نظري جي تعليم ڪونه ٿو ڏي هندن جي هن مندر مان چوري ۽ ان مندر جي بي حرمتي جي ڪري هتان جي ماحول ۾ مذهبي منافقت جو ٻج ڇٽيو پيو وڃي، هن مُلڪ جي آئين ۾ باقائده هر مذهب کي پنهنجي مذهبي عبادت گاهن ۾ وڃي عبادت ڪرڻ جو پورو پورو حق ڏنو ويو آهي ۽ هر مذهب جي عبادت گاهن جي حفاظت جي ذمون کنيل آهي ان هوندي به هتي جي سنڌي هندوئن جي عبادت گاهن کي نشانو بنائي انهن جي عبادت گاهن جي بي حُرمتي ڪرڻ مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته هن مڪروه واقعي ۾ شريڪ دهشت گردن جي ذهنن ۾ هتي جي سنڌو هندوئن کي ذهني مذهبي ٽارچر ڏيئي سنڌ جي حقي مالڪن کي سنڌ مان لڏائڻ آهي ۽ ان سازش کي عملي جامون اهڙيون مدي خارج حرڪتون ڪري پهرائڻو آهي هن سنڌي ادبي سنگت ٽنڊومحمد خان جي سموري سٿ پاران ۽ سنڌي ادبي سنگت مرڪز پاران هن واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته فوري طور تي اهڙن ناپاڪ ارادا رکندڙن کي گرفتار ڪري، هن شوِ مندر جي نقصان جو ازالو ڪيو وڃي ۽ هندو ڀائرن سان انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سموري سنڌي ادبي سنگت جا اديب شاعر، پنهنجي هندو ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏجي سنڌ جي ڪُنڊ ڪُڙڇ ۾ مظاهرا ۽ احتجاج ڪنداسين.​

525646_10150878691873216_794048215_9838058_722101138_n.jpg

ٽنڊومحمدخان جا هندو ڀائر شو مندر ۾ ٿيل چوري خلاف سراپا احتجاج آهن

528932_10150878694018216_794048215_9838064_1433601702_n.jpg

شِوِ مندر جي دان چي پيتي مان لکين روپين جي ماليت جو ڀنڊارو پيتي ٽوڙي چورايو ويو

528923_10150878695143216_794048215_9838070_130927081_n.jpg

شوِ مندر ۾ رکيل ديوي ۽ ديوتائن جي مورتين مان لکين روپين جي ماليت جا سونا زيور لاهي چوري ڪيا ويا۔
385666_10150878694198216_794048215_9838065_1876505266_n.jpg

شو مندر ٽنڊو محمدخان مان ياترين کي ماني کارائڻ جا سمورا ٿانو هي پيتي ٽوڙي چوري ڪيا ويا

389764_10150878695968216_794048215_9838071_998061121_n.jpg

هندو پنچائت ٽنڊو محمد خان جو اڳواڻ ڊاڪٽر جي ايم گُل ڪي ٽي اين تي پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائي رهيو آهي

546324_10150878702033216_794048215_9838091_942915281_n.jpg

هندو پنچائت ٽنڊو محمد خان جو نوجوان عهديدار منورلال پڻ ڪي ٽي اين سامهون پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائي رهيو آهي

577427_10150878703738216_794048215_9838094_1897141169_n.jpg

سنڌ سلامت جو جهونو سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جو سيڪريٽري نثاراحمدناز پڻ هندو ڀائرن جي هن ڏُک واري گهڙي ۾ فوري پهچي ويو ۽ شِوِ مندر مان ٿيل لکين روپين جي چوري ۽ مندر جي بي حرمتي خلاف سنڌي ادبي سنگت پاران ڪي ٽي اين تي پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائي رهيو آهي

319851_10150878688008216_794048215_9838041_354601429_n.jpg


528684_10150878698078216_794048215_9838078_1234894253_n.jpg


554421_10150878697638216_794048215_9838075_113076815_n.jpg

هندو پنچائت جا ٻيا ميمبر پڻ هن واقعي خلاف پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائي رهيا آهن​
 
جواب: ٽنڊو محمد خان جي تاريخي شِوِ مندر مان لکين روپين چوري هندو برادري ۾ غم ۽ غصي ج

هن واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا ۔۔۔۔۔۔۔

حڪومت کان مطالبو ٿا ڪيون ته هندو ڪميونٽي جي هن شڪايت ۽ هن واقعي جي جاچ ڪري اصل ماڻهن کي پڪڙي انهن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي۔
 
Back
Top