لطيف جا فقير، طنبوري جي تارن جي آواز ۾ جڏهن پنهنجا سر ملائي لطيف کي ڳائيندا آهن ته هڪ عجيب عبادتي اثر پئدا ٿي پوندا آهن ۽ سالڪ وڃي محبوب سان ملاقات ڪري ايندو آهي
سنڌين جي گهرن ۾ پينگهي يا هندوري جو استعمال جڳن کان پيو ٿئي، پراڻي زماني ۾ خاص ڪري هر گهر ۾ پينگهو هوندو هو، پينگهي ۾ سمهڻ جو وڏو سبب هوندو هو گرميءَ کان نجات ۽ لوڏي سبب ننڊ جو اچڻ ،،،، انڪري ننڍا وڏا ڪوشش ڪري منجهند جي ننڊ پينگهي ۾ ڪندا هيا
رلهيءِ جو ڪم به سنڌ ۾ تمام ڀلو ٿيندو آهي، اسانجا هنڌ ۽ کٽون جيستائين رلهيءَ سان سجايل نه هجن ته ائين لڳندو ناهي ته ڪنهن سنڌيءَ جو گهر هجي، رلهي سنڌ جي هر گهر ۾ خاص ۽ دنيا جي هر سنڌيءَ جي گهر ۾ عام ڪري موجود هجي ٿي
هن دفعي سنڌ جو سير ڪندي سکر کان خيرپور واري روڊ تي ڪيترا اهڙا دڪان سجايل نظر آيا جت رلهين جا تهه کپڻ لاءِ پيا هيا، رنگبرنگي مختلف نمونن جون رلهيون ڏسي دل خوش ٿي وئي