• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ جي سهڻي ثقافت جا رنگ

سنڌ ۾ ڀرت جو ڪم به انتهائي سهڻو ۽ موهيندڙ هوندو آهي، سنڌي گج ۽ ڳيچيون ۽ مردن جا پهرياڻ پائڻ سان هڪ عجيب قسم جو سرور پئدا ٿيندو آهي ۽ ماڻهون پاڻ کي سنڌ جي تاريخ جو ڪو سورمو سمجهڻ لڳندو آهي۔
430105_373484842730159_1161696529_n.jpg
36310_10151243008225040_1852280598_n.jpg
 
سنڌجي ثقافت ۾ هٿ سان ٺهيل استعمال جي شين جي پوري سنڌ توڙي ملڪ ۽ سموري دنيا ۾ وڏي هاڪ آهي، ڪالهه ڪراچي ۾ ايڪسپو سينٽر ۾ لڳل مصالحه ٽي وي جي نمائش ۾ وڃڻ ٿيو ته اتي ڪيترائي سنڌ جي ثقافت ۽ هٿ سان ٺهيل استعمال جي شين جا اسٽال پڻ هئا، ڪجهه تصويرون دوستن سان ونڊ ڪيان ٿو اميد ته پسند اينديون،، اسٽال ته ڪافي هئا، پر گهمڻ ڦرڻ جي مزي ۾ گهڻيون تصويرون نه ڪڍي سگهيس بس چند تصويرون اوهان جي نظر ڪيان ٿو۔۔۔​
 
سنڌ جي زراعتي ثقافت به تمام سهڻي ۽ دنيا جي قديم ترين زراعتي نظامن کان جيڪڏهن اڳري نه ته برابر ضرور آهي، مصر جي نيل ندي جي زراعت هجي يا دجله فرات جي زراعت يا چائنا جي ڦڪي درياهه يا وري گنگا جمنا جي زراعتي ثقافت ،،، سڀني سان سنڌو درياهه جي زراعتي ثقافت پڻ ڪلهو ڪلهي سان ملائي هلندي رهي آهي ۔۔۔
429561_10150642391728774_464119658_n.jpg
599179_10151144102458495_1615752729_n.jpg
29791_10151138579673495_2102500245_n.jpg

248923_254500784675886_249796938_n.jpg
 
سنڌ جون رانديون يا کيل
ملهه يا ملاکڙو سنڌ جي سورهيائي واري راند آهي، جنهن ۾ جسم جي سگهه، ڦڙتي ۽ ڏاهپ ڪم اچي ٿي۔
255431_408374725872388_1827546940_n.jpg
 
جي ڀائين جوڳي ٿيان ته، سڱ سڀيئي ٽوڙ،
جي ڄاوا نه ڄاپندا، جي تنين سان جوڙ،
ته تون پهچين توڙ، محبت جي ميدان ۾۔
575444_296609880450938_901509624_n.jpg
 
Back
Top