سنڌي اديبا ۽ شاعرا
بانو محبوب جوکيو۔۔

شاعره ۽ ليکڪا بانو محبوب جوکيو ، 25 سيپٽمبر 1969ع تي محراب پور ، ضلعي نوشهري فيروز ۾ ڄائي . سندس اصل نالو غلام بتول آهي . هن 1987ع ۾ ميٽرڪ محرابپور هاءِ اسڪول مان ڪئي . 1994ع ۾ ايم . اي سنڌي ۽ M . Sc اسٽيٽسٽڪس ۾ 1995ع ۾ شاه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڪيائين. سنڌ جي مشهور استاد ۽ اديب محبوب علي جوکيي جي نياڻي، نامياري آرٽسٽ اياز جوکيي، صحافي اخلاق جوکيي ۽ اديب تعليمي ماهر الطاف جوکيي جي ڀيڻ آهي . ادبي دنيا ۾ پاڻ کي شاعره ۽ افسانه نگار طور متعارف ڪرايائين . سندس ڪلام سگهڙين سٿ ۽ ’ سرتيون ‘ رسالي کان سواءِ مختلف اخبارن ۾ به ڇپجندو رهيو آهي . گورنمينٽ ڪاليج خيرپور ۾ اسٽيٽسٽڪس ۾ ليڪچرار آهي . سنڌي ڪهاڻيءَ تي نسيم کرل ايوارڊ به کڻي چڪي آهي .