عبدالرحيم
سينيئر رڪن
ڪراچي (بيورو رپورٽ) سنڌ سرڪار 150 ميگاواٽ ونڊ پاور جي پيداوار لاءِ چين جي هڪ ڪمپني کي ٺٽي ۽ ڄامشوري ضلعن ۾ 126 ايڪڙ زمين ڏئي ڇڏي آهي. زمين الاٽ ڪرڻ واري تقريب ڪالهه وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿي جنهن ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ۽ چائينيز يونائيٽيڊ انرجي گروپ جي عملدارن شرڪت ڪئي. گروپ جي چيئرمين زيانگ هونگ وئي چيو ته يو اِي جو بنيادي مقصد تيل ۽ گيس جي پيداوار ۽ تحقيق ڪرڻ آهي. ڪمپني جي سنڌ جي 8 ضلعن تي سيڙپڪاري لاءِ نظر آهي. يونائيٽيڊ انرجي گروپ ٺٽي ۽ ڄامشورو ۾ 150 ميگاواٽ ونڊ پاور پراجيڪٽ تي ڪم ڪرڻ چاهي ٿي جنهن لاءِ زمين الاٽ ڪئي وئي آهي. پراجيڪٽ ۾ 5 سئو ميگاواٽ تائين اضافو ڪيو ويندو. وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو ته پاڪستان ۽ چين دوست ملڪ آهن ٻنهي ملڪن وچ ۾ سماجي ۽ معاشي تعاون ماڻهن لاءِ فائديمند آهي. هن وفد کي ٻڌايو ته سنڌ حڪومت چيني ٻولي سکڻ لاءِ ڪلاسز شروع ڪري ڇڏيا آهن جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي جديد ٽيڪنالاجيز کان ڀرپور طريقي سان فائدو ملڻ ۾ مدد ملندي.مليل ڄاڻ موجب ڪمپني کي ٽوٽل 240 ايڪڙ زمين الاٽ ڪئي ويندي، پهرين فيز ۾ 126 ايڪڙ زمين الاٽ ڪئي وئي آهي. (ذريعو ڪاوش)
مون اڄ اها خبر پڙهي ته تمام خوشي ٿي ته هاڻ اسان وٽ شايد بجلي جو بهران ختم ٿي ويندي۔ ڇو ته چائنا جيڪو به ڪم پاڪستان ۾ ڪيو آهي تمام بهترين انداز ۾ ڪيو آهي ۽ ان مان اسان عوام ڪافي فائدو به ورتو آهي۔ منهنجي دعا آهي اهو پروجيڪٽ جلد شروع ٿي پورو به ٿئي۔