جواب: ڪنهن زماني ۾ هڪ پئسي ۽ پاولي به هئي ۔۔۔۔ !!!!
محترم دوست، ننڍڙي لاءِ وارا ڀانڊارا ياد اچي ويا ،،،، مختلف مقصدن لاءِ پئسا گڏ ڪندا هياسون، هڪ دفعي مونکي هڪ جوتو پسند اچي ويو شايد 25 روپين جو هو، هاڻ سائين پئسا ڪٿان اچن ان زماني ۾ 25 روپيا گهٽ پئسا ڪون هيا، خئير مون به همٿ نه هاري، روزاني خرچيءَ مان ڪجه پئسا بچائي ڀنڊاري ۾ وجهندو هيس ۽ وري روزانا ڳڻيندو به هيس ته منزل ڪيتري ويجهي ٿي آهي ،،،، خئير الله الله ڪري پئسا گڏ ڪيا ۽ جوتو وٺي آيس ،،،، پر افسوس
اهو جوتو پهرين ڏينهن ئي مسجد ۾ جمع جي نماز تي ڪو ڇوڪرو چوري ڪري ويو ،،،،
پئسن جو قدر اڃان به انهن ملڪن ۾ آهي جتي ڪيتريون ئي مشينون انهن سڪن تي هلن ٿيون، رستي ويندي سگريٽ، ڪولڊ ڊرنڪ، اخبارون، فون ۽ ٻيون ڪافي مشينون آهن جن ۾ اهي سڪا ڪم اچن پر اسانجي ملڪ ۾ هاڻ ڪنهن جي اهميت آهي ته اهو آهي 50 يا سئو جو نوٽ، باقي 5 يا 10 روپيا ته اصل فقير وٺندي به ڪيٻائن ٿا، سڪا ته يادگار نسل ٿي ويو آهي
ڀلو ونڊ