ڪنهن زماني ۾ هڪ پئسي ۽ پاولي به هئي ۔۔۔۔ !!!!

'دلچسپ ۽ عجيب' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏11 مئي 2012۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    بس اڄ نيٽ تي گهمندي پاڪستان جي سِڪن جي هڪ تصوير ملي۔ ڪو زمانو هو جڏهن هڪ پئسو، ٽڪو ۽ پاوليون به هلنديون هيون۔ هاء زمانا ۔۔۔۔۔۔ ان وقت اڌ آني، پاولي جي وڏي اهميت هوندي هئي ۔۔۔

    [​IMG]
     
  2. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: ڪنهن زماني ۾ هڪ پئسي ۽ پاولي به هئي ۔۔۔۔ !!!!

    ڏه پئسا ته ڏٺاسين پر هڪ پئسو ڪو ن ڏٺو هو سين ٻڌندا هئاسين ،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،، ان وقت هڪ پئسي جي به اهميت هئي هاڻ هزارن جي به اهميت ڪون آهي

    وقت وقت جي ڳالهه آهي اڳتي لکن جي به اهي اهميت هوندي

     
  3. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ڪنهن زماني ۾ هڪ پئسي ۽ پاولي به هئي ۔۔۔۔ !!!!

    بلڪل ادا عرس وقت وقت جي ڳالھ آ ، سائين سليمان وساڻ اسان کي ماضي ۾ وٺي وڃڻ جو پڪو په ڪيو آ تڏهن ته اهي پراڻا سڪه اسان کي ديدار ڪرائي پيو ، واه سليمان واه ، اصل ننڍپڻ جو دور ياد ڪرائي ڇڏيو اٿو ، مهرباني سائين

    اهي ڪجه ويڊيوز ۽ لنڪ اوهان جي خدمت ۾ پيش ڪجن ٿا




    پراڻن نوٽن جي ديدار لاءِ هت ڪلڪ ڪندا
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڪنهن زماني ۾ هڪ پئسي ۽ پاولي به هئي ۔۔۔۔ !!!!

    محترم دوست، ننڍڙي لاءِ وارا ڀانڊارا ياد اچي ويا ،،،، مختلف مقصدن لاءِ پئسا گڏ ڪندا هياسون، هڪ دفعي مونکي هڪ جوتو پسند اچي ويو شايد 25 روپين جو هو، هاڻ سائين پئسا ڪٿان اچن ان زماني ۾ 25 روپيا گهٽ پئسا ڪون هيا، خئير مون به همٿ نه هاري، روزاني خرچيءَ مان ڪجه پئسا بچائي ڀنڊاري ۾ وجهندو هيس ۽ وري روزانا ڳڻيندو به هيس ته منزل ڪيتري ويجهي ٿي آهي ،،،، خئير الله الله ڪري پئسا گڏ ڪيا ۽ جوتو وٺي آيس ،،،، پر افسوس

    اهو جوتو پهرين ڏينهن ئي مسجد ۾ جمع جي نماز تي ڪو ڇوڪرو چوري ڪري ويو ،،،،

    پئسن جو قدر اڃان به انهن ملڪن ۾ آهي جتي ڪيتريون ئي مشينون انهن سڪن تي هلن ٿيون، رستي ويندي سگريٽ، ڪولڊ ڊرنڪ، اخبارون، فون ۽ ٻيون ڪافي مشينون آهن جن ۾ اهي سڪا ڪم اچن پر اسانجي ملڪ ۾ هاڻ ڪنهن جي اهميت آهي ته اهو آهي 50 يا سئو جو نوٽ، باقي 5 يا 10 روپيا ته اصل فقير وٺندي به ڪيٻائن ٿا، سڪا ته يادگار نسل ٿي ويو آهي

    ڀلو ونڊ
     
  5. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: ڪنهن زماني ۾ هڪ پئسي ۽ پاولي به هئي ۔۔۔۔ !!!!

    ادا سليمان وساڻ اسلام عليڪم،توهان ته اسان کي ننڍپڻ واري دور جون يادون تازا ڪرئي ڇڏيون ۔جڏهن ٻه آنا اسان کي بابا سائين خرچي ڏيندو هو ۽ اسان سوچيندا هئاسين ته ان پسئن سان ڪيتريون شيون وٺجن۔ان زماني ۾ آني ۽ ٻه آني جو وڏو قدر هو ۽ ڪافي ساريون شيون انهن پيسئن ۾ اينديون هيون۔اهو امن ۽ سستائي وارو دور وري اسان جي زندگي ۾ موٽي نه ايندو نه ئي وري اهئي عظيم هستيون(والدين) وري واپس موٽندا۔ماضي کي ياد ڪندي ۽ والدين جي محبت جو اندازو لڳائيندي سچ مچ ته اسان جي اکين مان ڳوڙها نڪري پيا۔
     
  6. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    جواب: ڪنهن زماني ۾ هڪ پئسي ۽ پاولي به هئي ۔۔۔۔ !!!!

    دوستن جا مختلف رايا پڙهي خيال سان سهمت هئس سو جواب ڏيڻ جي ضرورت نه پئي محسوس ٿي پر پوءِ به موضوع ايترو دلچسپ آهي جو دل چيو ته حصو وٺي ڪجهه پنهنجا تجربا شيئر ڪجن مون کي ياد آهي ته آئون 1991 ۾ پاڪستان آيس انهي وقت ۾ 10 پئسي جو سڪو هيو 10 پئسي ۾ ان وقت هڪ ٽافي ملندي هئي اڄ اها ٽافي رپئي جي آهي هر شئي سان گڏ اگهه وڌندا ويا ۽ سڪو ڪرندو ويو اڃان به الائي ڪٿي پهچندو پر لڳي ٿو اهو قصو گهٽ ۾ گهٽ هن مُلڪ ۾ ايئن ئي هلڻو آهي
     
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڪنهن زماني ۾ هڪ پئسي ۽ پاولي به هئي ۔۔۔۔ !!!!

    دوستن جون مهربانيون

    ڀاء افتخار چوهاڻ پاران ونڊ ڪيل ڄاڻ به هن ليک کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو