• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پاڪستان طرفان بيلسٽڪ ميزائل حتف 3 غزنوي جو ڪامياب تجربو

افتخار علي چوهاڻ

سينيئر رڪن
پاڪستان طرفان بيلسٽڪ ميزائل حتف 3 غزنوي جو ڪامياب تجربو
2d7al5g.jpg
راولپنڊي(اي پي پي) پاڪستان خميس تي مختصر وڇوٽي تائين هدف کي نشانو بڻائيندڙ بيلسٽڪ ميزائل حتف 3 (غزنوي) جو ڪامياب آزمائشي تجربو ڪري ورتو. اهو ميزائل 290 ڪلوميٽر جي وڇوٽي تائين روايتي ۽ ايٽمي وارڊ هيڊ کڻي وڃڻ جي سگهه رکي ٿو. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري کاتي آءِ ايس پي آر طرفان هتي جاري ڪيل پريس پڌرائي مطابق ميزائل تجربو آرمي اسٽريٽجڪ فورس ڪمانڊ جي سالياني تربيتي مشق دوران ڪيو ويو. ان ميزائل تجربي جو مقصد اسٽريٽجڪ ميزائل گروپ جي آپريشنل صلاحيت جو اندازو لڳائڻ آهي. جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي چيئرمين جنرل خالد شميم وائين، اسٽريٽجڪ پلان ڊويزن جي ڊائريڪٽر جنرل ليفٽيننٽ جنرل خالد احمد قدوائي (ر)، آرمي اسٽريٽجڪ فورس ڪمانڊ جي ڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل طارق نديم گيلاني، ڪمانڊر ڪراچي ڪور ليفٽيننٽ جنرل محمد اعجاز چوڌري، چيئرمين نيسڪام محمد عرفان برني، اعليٰ فوجي عملدارن ۽ سائنسدانن ميزائل جي تجربي جي مشق ڏٺي. جنرل خالد شميم وائين ان موقعي تي فوجين کي خطاب ڪندي ڄاڻايل ميزائل جي ڪامياب تجربي تي انهن جي ساراهه ڪئي. هن چيو ته پاڪستان جون هٿياربند فوجون ڪنهن به اڳرائي خلاف پاڪستان جي سلامتي جو تحفظ ڪرڻ جي ڀرپور صلاحيت رکن ٿيون. صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني ميزائل جي ڪامياب تجربي تي فوجي عملدارن ۽ جوانن کي مبارڪون ڏنيون آهن.
عبرت اخبار جي ٿورن سان


ڪجه ڏينهن اڳ پڻ ڪامياب تجربو ڪيو ويو

جنهن هتي ڪلڪ ڪري ڏسو سگهو ٿا
 
جواب: پاڪستان طرفان بيلسٽڪ ميزائل حتف 3 غزنوي جو ڪامياب تجربو

سائين افتخار چوهاڻ صاحب۔هن قسم جي ميزائل جي تجربي سان گهٽ ۾ گهٽ اهئي پڙوسي ملڪ جيڪي پنهنجون نظرون هن پياري وطن جي سالميت تي لڳايو ويٺا آهن ۽ سازشون ڪري رهيا آهن ته اسان جي ملڪ تي ڪاھ ڪن۔پنهنجي انهن حرڪتن کان باز اچي ويندا نه ته هنن جا شهر ان ميزائل جي رينج کان ٻاهر نه هوندا۔اسان جي طرفان به پنهنجي فوجي جوانن کي ڪامياب تجربو حتف 3 غزنوي تي لک لک مبارڪون هجن۔توهان جون مهربانيون جو هميشه دين ۽ ملڪ جي سالميت جي حوالي سان معلوماتي ليک هن محبتي اڳڻ تي ونڊ ڪندا رهندا آهيو۔
 
جواب: پاڪستان طرفان بيلسٽڪ ميزائل حتف 3 غزنوي جو ڪامياب تجربو

پاڪستاني قوم ۽ فوج کي مبارڪون ۔۔۔۔۔

هٿيارن جي ڊوڙ ۾ اسان جا ٻئي ملڪ اڻ کُٽ ناڻو وڃائي رهيا آهن، جڏهن ٻنهي ملڪن ۾ غربت عروج تي آهي ۔۔۔۔۔ ڪاش اهي رقمون به تعليم جي حصول ۽ ترقي سان گڏ تحقيقي تي صرف ڪجن ته بهتر ٿئي ها۔ پر اهڙا هٿيار به ڪهڙي ڪم جا جڏهن ايبٽ آباد جهڙا واقعا ٿي وڃن ۽ اسان جي جوانن کي ڪا کُڙڪ ئي نه پوي ۔۔۔۔
 
Back
Top