افتخار علي چوهاڻ
سينيئر رڪن
پاڪستان طرفان بيلسٽڪ ميزائل حتف 3 غزنوي جو ڪامياب تجربو
راولپنڊي(اي پي پي) پاڪستان خميس تي مختصر وڇوٽي تائين هدف کي نشانو بڻائيندڙ بيلسٽڪ ميزائل حتف 3 (غزنوي) جو ڪامياب آزمائشي تجربو ڪري ورتو. اهو ميزائل 290 ڪلوميٽر جي وڇوٽي تائين روايتي ۽ ايٽمي وارڊ هيڊ کڻي وڃڻ جي سگهه رکي ٿو. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري کاتي آءِ ايس پي آر طرفان هتي جاري ڪيل پريس پڌرائي مطابق ميزائل تجربو آرمي اسٽريٽجڪ فورس ڪمانڊ جي سالياني تربيتي مشق دوران ڪيو ويو. ان ميزائل تجربي جو مقصد اسٽريٽجڪ ميزائل گروپ جي آپريشنل صلاحيت جو اندازو لڳائڻ آهي. جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي چيئرمين جنرل خالد شميم وائين، اسٽريٽجڪ پلان ڊويزن جي ڊائريڪٽر جنرل ليفٽيننٽ جنرل خالد احمد قدوائي (ر)، آرمي اسٽريٽجڪ فورس ڪمانڊ جي ڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل طارق نديم گيلاني، ڪمانڊر ڪراچي ڪور ليفٽيننٽ جنرل محمد اعجاز چوڌري، چيئرمين نيسڪام محمد عرفان برني، اعليٰ فوجي عملدارن ۽ سائنسدانن ميزائل جي تجربي جي مشق ڏٺي. جنرل خالد شميم وائين ان موقعي تي فوجين کي خطاب ڪندي ڄاڻايل ميزائل جي ڪامياب تجربي تي انهن جي ساراهه ڪئي. هن چيو ته پاڪستان جون هٿياربند فوجون ڪنهن به اڳرائي خلاف پاڪستان جي سلامتي جو تحفظ ڪرڻ جي ڀرپور صلاحيت رکن ٿيون. صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني ميزائل جي ڪامياب تجربي تي فوجي عملدارن ۽ جوانن کي مبارڪون ڏنيون آهن.
عبرت اخبار جي ٿورن سان
ڪجه ڏينهن اڳ پڻ ڪامياب تجربو ڪيو ويو
جنهن هتي ڪلڪ ڪري ڏسو سگهو ٿا

عبرت اخبار جي ٿورن سان
ڪجه ڏينهن اڳ پڻ ڪامياب تجربو ڪيو ويو
جنهن هتي ڪلڪ ڪري ڏسو سگهو ٿا