غلام مصطفي ميمڻ
سينيئر رڪن
اسلام ۾ عدليه جو مقام۔
اسلام ۾
الله تعالئ
جي ذاتمقتدراعلئ
آهي ۽ حڪمران ان جو نمائندو جنهن کي عوامي نمائيندا منتخب ڪندا آهن۔پر پوء به ان کي ڪو خاص امتياز حاصل نه آهي ۽ عام مسلمانن جهڙا حق رکندو آهي،ان حڪمران کي ڪنهن به قسم جياستثني
حاصل نه آهي۔اسلامي تعليمات جي مطابق حڪومت جا معاملات هلائڻ لاء"قانون جي حڪمراني" ۽ "انصاف" بنيادي شرط آهن،اهئي وٍجھ هئي ته جڏهن مدينه منوره ۾ پهرين اسلامي مملڪت جي بنياد رکي ويئي ته تاريخ اسلام جو پهريون جج يا قاضي پاڻ نبي سڳورا حضرت محمد مصطفي صلي الله عليه وسلم جن هئا۔الله جو پيارو رسول سڳورو مسلمانن کان علاوه عيسائين ۽ يهودين جي وچم به فيصلاء ڪندا هئا۔بعد ۾ جڏهن اسلامي مملڪت جون حدون پکڙجي ويون ته حضور اڪرم صلي الله عليه وسلم جن مختلف علائقن ڏانهن حضرت علي ڪرم الله وجھ،، حضرت معاذ رح بن جبل رح،۽ حضرت ابو موسئ اشعري رح جن کي قاضي / جج جي حثيت سان موڪليو۔پوء حضرت عمر فاروق رضي الله تعالئ عنه جن باقائده طور تي عدليه جو نظام وڌو ۽ مختلف علائقن ۾ قاضي مقرار ڪيا۔
خليفائي راشدين قانون جو تمام گهڻو احترام ڪندا هئا ۽ ان ڳالھ کان واقف هئا ته معاشري جي ترقي ؤ تعمير ۾ انصاف جي فراهمي پاڙ/بنياد جهڙو ڪردار ادا ڪندي آهي۔انهي ڪري هنن معتبر هستين ڪڏهن به ڪنهن جج/قاضي تي اثر انداز ٿيڻ جي ڪوشش نه ڪئي۔انهن جي دور ۾ عدليه کي مثالي آزادي حاصل هئي۔اهئي وجھ هئي ته ڪجھ ڪيسن ۾ خليفائي راشدين به عدالت ۾ پيش ٿيا، انهن جي خلاف فيصلاء ٿيا،ان کي هنن خوشي خوشي قبول ڪيو،حالائنڪ،فيصلو ڪندڙ قاضي/جج هنن جو پنهنجون مقرر ٿيل هو۔
جڏهن مورثي بادشاهي آئي ته انهن چاهيو ته عدليه کي پنهنجي زير اثر آڻن۔ايئن عدليه ۽ حڪومت جي درميان تصادم جو آغاز ٿيو۔تاريخ اسلام ۾ ايترا ڪيترائي ديانتدار،دلير ۽ حق گوء جج/قاضي آيا جن بادشاه وقت جو اثر قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري انصاف جي مطابق فيصلاء ڪيا۔۔انهن کي ڪنهن قسم جو خوف ۽ انتهائي پرڪشش لالچ به حق ۽ انصاف ڪرڻ جي راه کان نه هٽائي سگهي۔اسلامي جج جون حيرت انگيز ۽ قابل مثال داستانون ڪتب تاريخ ۾ محفوظ آهن۔
حضرت امام يوسف رح(وفات 798 عيسوي) اسلامي دنيا جو پهريون چيف جسٽس(قاضي القضات) هو۔ان جي عدالت ۾ هڪ غريب شخض اها درخواست پيش ڪئي ته بادشاه وقت،خليفه هارون رشيد هن جي هڪ باغ تي قبضو ڪيو آهي۔چيف جسٽس پنهنجي زماني جي سپر پاور ملڪ جي حڪمران کي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو۔خليفه هارون رشِد بغير ڪنهن دير جي پيش ٿيا۔
خليفه هارون رشيد مطالبو ڪيو ته سائل(درخواست ڏيڻ وارو شخص)" باغ جي ملڪيت جو ڪو ثبوت پيش ڪري"۔سائل، امام يوسف رح(قاضي القضات) جي خدمت ۾ عرض ڪيو ته:"خليفه هارون رشيد جي والد(خليفه المهدي) زوري زبردستي باغ مون کان ڦريو هئو،پر مون وٽ ان جو ڪو ثبوت نه آهي،خليفه هارون رشيد کي چيو وڃي ته هو قسم کائي اقرار ڪري ته باغ انهن جو آهي"
خليفه هارون رشيد چيو" اهو باغ منهنجو آهي ۽ منهنجي پيء ان کي خريد ڪيو هئو،پر مون وٽ ان جو ڪو دستاويز يا ڪاغذي ثبوت نه آهي"
مٿين حالتن کي مدنظر رکندي امام يوسف رح(قاضي القضات) خليفه هارون رشيد کي حڪم ڏنو ته هو ٽي دفعا قران پاڪ تي هٿ رکي قسم کڻي ته اهو باغ هن جو آهي۔خليفه هارون رشيد مودبانه انداز ۾ قسم کڻڻ کان معذرت ظاهر ڪئي/انڪار ڪيو۔ان تي حضرت امام يوسف رح(قاضي القضات) باغ غريب ماڻهون جي حوالي ڪيو ۽ خليفه وقت اهو فيصلو دل وجان سان قبول ڪيو۔
محترم ميمبرس حلائنڪ اسان به هڪ اسلامي مملڪت ۾ رهو ٿا ڇا اسان جي ملڪ جي ڪورٽن جا فيصلاء طاقتور ۔بااثر ماڻهون پنهنجي خلاف دل وجان سان قبول ڪن ٿا ؟ جواب توهان پنهنجي مشاهدي سان ڏيو ته سچ سامهون اچي ويندو۔