
اڄوڪي ڪاوش ۾ ڪلهه پلاننگ ڪميشن جي ڪيل مٿين فيصلي بابت تفصيل پڙهو
ٿر ڪول بابت ثمر مبارڪ جو منصوبو ناڪام قرار : فنڊ بند
اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) پلاننگ ڪميشن ٿر جي ڪوئلي مان گئس ٺاهڻ بابت مشهور سائنسدان ڊاڪٽر ثمر مبارڪ مند جي منصوبي کي ناقابل عمل ۽ ناڪام قرار ڏئي ڇڏيو آهي، پلاننگ ڪميشن جي توانائي شعبي بابت ميمبر شاهد ستار چيو آهي ته ٿر ڪول مان گئس ٺاهڻ جو پائلٽ منصوبو ناڪام ٿي ويو آهي، منصوبي جي آڊٽ مڪمل ڪئي وئي آهي، پلاننگ ڪميشن منصوبي لاءِ فنڊ جاري ڪرڻ واري عمل کي روڪي ڇڏيو آهي، جڏهن ته ائٽمي سائنسدان ڊاڪٽر ثمر مبارڪ مند چيو آهي ته ٿر ڪول مان گئس ذريعي بجلي پيدا ڪرڻ جو ڏيڍ سئو سيڪڙو يقين ڏياريان ٿو، گئسيفڪيشن جو منصوبو ڪامياب ٿيو، شاهد ستار جي بيان بعد ايندڙ هفتي گئسيفڪيشن جا چار فائر ڪيا ويندا، ڪالهه تيل ۽ گئس بابت هڪ غير سرڪاري تنظيم پاران ٿيل پروگرام بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي پلاننگ ڪميشن جي توانائي سيڪٽر بابت ميمبر شاهد ستار انڪشاف ڪندي چيو ته ٿر ڪول گئس ٺاهڻ وارو ائٽمي سائنسدان ڊاڪٽر ثمر مبارڪ مند جو منصوبو ناقابل عمل آهي، ڊاڪٽر ثمر مبارڪ مند جو ٿر ڪول مان گئسيفڪيشن جو 10 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪرڻ وارو پائلٽ منصوبو ناقابل عمل ۽ ناڪام ٿي ويو آهي، منصوبي جو شعلو 4 ڪلاڪ ٻرڻ بعد بند ٿي ويو، پلاننگ ڪميشن ان منصوبي جي آڊٽ مڪمل ڪري ورتي آهي ۽ ان منصوبي لاءِ وڌيڪ فنڊ جاري ڪرڻ واري عمل کي روڪيو ويو آهي، ان منصوبي لاءِ وڌيڪ رقم جاري ڪرڻ جو عمل پئسي جو زيان هوندو، هن چيو ته ٿر ڪول مان زير زمين گئسيفڪيشن جو عمل ممڪن نه آهي، ٿر ڪول ۾ زير زمين پاڻي جو درياهه بڻجي ويو آهي، هن چيو ته آسٽريليا ۾ به ان منصوبي کي بند ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته ڊاڪٽر ثمر مبارڪ مند ”ڪاوش“ سان پنهنجي رهائشگاهه تي ڳالهائيندي چيو ته دنيا ۾ گئسيفڪيشن ذريعي 80 هزار ميگاواٽ بجلي تيار ڪئي وڃي ٿي، اهي انگ اکر آمريڪي اداري پاران تازو جاري ڪيل رپورٽ ۾ به ڏنل آهن، جيڪو شخص (شاهد ستار) چوي ٿو ته گئسيفڪيشن ذريعي بجلي پيدا نٿي ٿي سگهي، ان مامري جو کيس نه علم آهي ۽ نه ئي وري ان ٿر ڪول ۾ ان منصوبي جي سائيٽ تي وڃڻ جي زحمت ڪئي آهي، هن چيو ته شاهد ستار پلاننگ ڪميشن جو بعد ۾ ميمبر ٿيو، مان ان کان اڳ ميمبر آهيان، ٿر ڪول مان گئس نڪرڻ جو منصوبو ڪامياب ٿي چڪو آهي، رڳو بجلي ٺاهڻ جو پلانٽ ٻاهريان امپورٽ ڪرڻو آهي، جنهن لاءِ 8 ڪروڙ ڊالرن جي ضرورت آهي، جنهن بعد هڪ سئو ميگاواٽ بجلي پيدا ٿي سگهندي، هن چيو ته ٿر ڪول ۾ گئسيفڪيشن جي منصوبي جي ڪامياب ٿيڻ بعد گئس کي پاڻ بند ڪيو، ڇو ته جيڪڏهن بجلي پيداوار نه ٿيندي هجي ته گئس هلڻ نه گهرجي، هن چيو ته مون ٿر ڪول پراجيڪٽ ۾ ڪم ڪندڙ پنهنجي ٽيم کي هدايت ڪئي آهي ته ايندڙ هفتي وڌيڪ چار گئسيفڪيشن جا فائر ڪيا وڃن، هن چيو ته ٻين ذريعن مان بجلي پيداوار مهانگي ۽ ٿر ڪول ذريعي بجلي جو في يونٽ چار رپيا پوندو، ان ڪري ان منصوبي جي مخالفت برداشت ڪرڻي پوندي، هن چيو ته بيجنگ ۾ ٿيل ڪانفرنس ۾ گئسيفڪيشن منصوبي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني، ماهرن ان منصوبي کي پاڪستان جي گيم چينجر جي حيثيت رکندڙ منصوبو قرار ڏنو، هن چيو ته ڪوئلو ڪڍي بجلي پيدا ڪرڻ سان ماحول ۾ آلودگي جو مامرو ٿيندو پر گئسيفڪيشن ذريعي بجلي جي پيداوار ماحول دوست هوندي، شاهد ستار کي منصوبي ڪامياب ٿيڻ بابت ٻڌايو هو، کيس تصويرون به ڏيکاريون هيون، هن چيو ته ٿر ۾ 9600 ڪلوميٽر ايريا تي ڪوئلو پکڙيل آهي، ڪل 175-ارب ٽن ڪوئلو ٿر ڪول ۾ ذخيرو آهي، ٿر جي ڪوئلي مان 50 هزار ميگاواٽ روزانو 10 ڪروڙ بيرل ڊيزل سال ۾ 5 سئو سالن تائين حاصل ڪري سگهجي ٿو، ٿر ۾ دنيا جا وڌ ۾ وڌ ڪوئلي جا ذخيرا آهن، جنهن خزاني جو احساس ڪرڻو پوندو، هن چيو ته پاڪستان 15-ارب ڊالرن جو تيل ساليانو ٻاهريان گهرايو وڃي ٿو، جيڪو ٿر مان بجلي پيدا ٿيڻ سان نه گهرائي سگهبو، ڊيزل به امپورٽ ڪرڻ بدران دنيا کي ايڪسپورٽ ڪري سگهنداسين، بجلي به ٻين کي ايڪسپورٽ ڪرڻ جي صورتحال ۾ اچي وينداسين، هن چيو ته ٿر جي ڪوئلي مان سڪون سان بجلي پيداوار ڪرڻ ڏني وڃي.