بي چئي دل جو انجام

'مختلف موضوع' فورم ۾ عمران درويش سومرو طرفان آندل موضوعَ ‏15 مئي 2012۔

  1. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    بي چئي دل جو انجام
    اڄ اونداهي رات آهي مان، تنهائي ۽ يادون اسان ٽئي هڪ بلڪل سانت واري ماحول ۾ موجود آهيون ....
    گهڻو وقت جاري رهڻ کانپو خاموشيءَ جو سلسلو ٽٽي ٿو۔۔ ان خاموشي کي ٽوڙيندڙ آواز منهنجي آس پاس کان نه پر دل اندران سڏڪن جو آواز گونجي رهيو هيو۔۔۔۔ هي بي وس دل جي سڏڪن جو آواز هيو جيڪا پنهنجي تباهي مٿان گريو ڪري رهي هئي ۽ کيس ڪوئي به سهارو ڏيڻ وارو ڪو نه هيو. ايسيتائين جو هن وٽ مونکي به دانهن ڏيڻ جو حوصلو نه آهي ... ڇو ته دل شرمسار آهي.... ۽ وٽس مون کا شڪوي شڪايت جو ڪوئي جواز ئي نه آهي..........
    اهو شڪايت جو جواز دل وڃا ئي ڇڏيو هيو........... جڏهن دل ڪنهن کي ڏٺو ۽ اکڙيون اٽڪائي ويهي رهي... مون کيس گهڻو سمجايو..... گهڻو ئي سمجهايو..... پر........ . . . . ..

    هڪ سال اڳ

    اي دل تون پاڻ مٿان رحم ڪر..... ڪٿي تون... ۽ ڪٿي هو....
    مڃان ٿو ته ڪنهن کي چاهڻ ڪنهن جي اختيار ۾ نه آهي پر پاڻ ڏاڍن سان اکڙيون اٽڪائڻ ڄڻ تڪليفن جي هڪ نه ختم ٿيندڙ دور کي هٿ سان دعوت ڏيڻ جي برابر آهي. مڃيو سين ته ڪوئي ڪنهن کي وڻي وڃڻ کان روڪي نه ٿو سگهي پر ڇا توکي خبر آهي ته تون جنهن کي چاهڻ شروع ڪيو آهي ڇا اهو منهنجي زندگي ۾ ڍلجي ويندو ۔ ۔ ۔ ؟ ڇا تون ڄاڻين ٿي ته ان جي زندگيءَ ۾ ڪو ٻيو ته ڪونهي.........!!!! ۽ بلڪل تون نه ٿي ڄاڻين ته ان جي زندگي ۾ ڪو ٻيو به آهي۔۔۔

    اي نادان دل مڙي وڃ....... مڙي وڃ............................. تنهنجا اهڙا جذبات ۽ خوشفهمي هڪ ڏينهن تو لاءِ هيڏي ساري دنيا کي تنگ بڻائي ڇڏينديون۔۔ اهڙي تنگ دنيا جنهن ۾ هڪ پل به هڪ صديءَ مثل هوندو.. ڇا تون ان تڪليف کي برداشت ڪري سگهنديءَ......؟؟؟ ايترو ٻڌا ته ڇا تون جنهن شخص جي ملڪيت آهين ان جي بي ڏوهي انجام مان واقف آهين....؟؟
    تنهنجي هيءَ نئين چاهت جڏهن محبت ۾ تبديل ٿي ويندي هي دنيا تون لاءِ ته خوشنما ۽ رنگين هوندي... پر اهو فقط تنهنجي نظرن جو دوکو هوندو.... هڪ ڪچي ننڊ جو خواب هوندو.. جيڪو ڇرڪ ڀرڻ سان ئي ٽٽي ويندو... ان خواب جي ٽٽڻ سان تون اهڙي عذاب۾ مبتلا ٿي وينديءَ جنهن جو احساس توکي فقط ان وقت ئي ٿيندو.... ڇوته اهڙي عذاب جو مثال نه هوندو آهي..

    دل سندس خاموشيءَ جو روزو ٽوڙيندي پڇيو ته ڇو ڀلا اهڙو ڪهڙو عذاب آهي جنهن جو ڪو مثال نه آهي....؟؟ ڇا اهڙي عذاب جي شروعات مونکان ٿيندي..؟؟ دل طنزيه انداز آڻيندي سوال ڪيو.....

    دل کي جواب مليو ته شايد ان سموري سمجهاڻي کي ڪنهن به قسم جي توجهه ناهي ملي... پر خير ان عذاب جو مثال ان ڪري موجود نه آهي ته جيڪي ماڻهون ان عذاب مان گذرندا آهن اهن جي چهري تي مسڪراهٽ هوندي آهي جنهن کي هو هٿيار طور استعمال ڪندا آهن ۽ ان مسڪراهٽ جي مدد سان پنهنجي اندر جا اڌما چهري تي آڻڻ نه ڏيندا آهن.....

    هي سڀ ڪهاڻين جو ڳالهيون آهن... ماڻهون اهڙي غم کي برداشت ڪري مسڪرائي به سگهن ٿا.همهممههههم.... دل جو هڪ ڀيرو ٻيهر طنزيه لهجي ۾ چيل جملو....

    مون جواب ڏنو ته عذاب مان گذرندڙ ماڻهن جي مسڪراهٽ فقط ماڻهن جي اڳيان ڪم ايندي آهي.. پر جڏهن تنهائي ۾ هو يادن جا ورق اٿلائيندو آهي ته اهو عذاب کيس رت جا نير روئاريندو آهي. وقت جي گذرڻ سان گڏ و گڏ ان ماڻهون جي مسڪراهٽ به سندس ساٿ ڇڏي ڏيندي آهي ۽ هو دنيا کان ويڳاڻن واري ۽ پنهنجي وجود کان بي بيضار زندگي گذارڻ لڳندو آهي..............

    ڳالهه کي مختصر ڪندي دل کي ٻيهر نصيحت ڪئي ته ڇا تون جنهن شخص جي اندر آهين ان جو اهڙو حشر ٿيندي ڏسي سگهنديءَ....؟؟؟؟؟ جيڪڏهن نه؟؟ ته اهڙي رنگين خواب ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ اهو نه وسار ته هي رنگين خواب نه پر هڪ نه کٽندڙ عذاب آهي......
    افسوس.................... سد افسوس ..............
    هيڏي سمجهاڻيءَ دوران به دل گهڻو وقت ان خوابِ بد تعبير ۾ گم رهي.. ۽ ڪنهن به ڳالهه کي سمجهي نه سگهي۔۔۔۔۔۔۔۔ دل فقط منجهائڻ لاءِ طنزيه سوال ڪيا.. پر انهن جي سوالن جي ڏنل جوابن تي غور نه ڪيو..... مون کيس آخر پاڻ بي معيار ڪندي اهو چئي ڏنو ته جڏهن تون ان عذاب جي شدت مان گذرندڙ هونديءَ ان وقت مونکي شڪايت نه ڪجان ته مون تو کي آگاهه نه ڪيو ...

    عمران درويش سومرو
     
  2. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: بي چئي دل جو انجام

    خوبصورت احساس لفظن جي روپ ۾
     
  3. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    جواب: بي چئي دل جو انجام

    وڏي مهرباني مائٽ سائين
     
  4. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: بي چئي دل جو انجام

    ادا عمران درويش سومرو صاحب اسلام عليڪم۔دل ۽ دماغ جي وچم ۾ محبت جي حصول واري ڪشمڪش ۽ ڪجھ ڊپ واري ڪفيت ته غربت جي ڪري محبت جا ادهم دل ۾ نه رهجي وڃن واري احساسن ۽ نازڪ خيالن تي مشتمل اوهان جو ليک پڙهي اسان کي اوهان جي دل ۽ قلم جي وسيع وسعت جو اندازو ٿئي ويو آهي۔توهان ساڪن پاڻي وانگر پنهنجي اندر علم جو هڪ تمام وڏو "ڪن "رکو ٿا،جنهن جي گهرائي جو انداز لڳائڻ ڏاڍو مشڪل آهي۔توهانجي تحرير جي سنجيدگي،ذهني پختگي جو احساس ڏياري ٿي۔توهان جي ليک اسانجي دل کي موهي وڌو آهي۔هميشه خوش رهو۔
     
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: بي چئي دل جو انجام

    هڪ دفعو هيءَ وارتا پڙهي ورتي، وري پڙهندس، ممڪن ٽيهر پڙهڻي پئي، انلاءِ نه ته ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي يا وري ان لاءِ نه ته اڪيلائيءَ ۾ پاڻ سان ڳالهائيندي ماڻهون ڪهڙا ڪهڙا انگل ڪندو آهي، پر انلاءِ پڙهندس ته اسانجي سهڻي دوست کي ڇا ٿي ويو آهي ؟؟؟ ڪنهن سان دل لڳائي اٿس؟؟؟ ڪٿي اٽڪيو آهي؟؟؟ جت دل جي زورآوري اکين جي آب کان به اڳتي نڪري وئي آهي، وري سوچيان ٿو ته اکين جو آب دل کان جدا ڪيئن ٿيو

    چوٽ دل تي پاڻي اکين ۾ ،،،، يا وري هي ڪا عجيب نرالي آکاڻي آهي جو دل اڃان ڪنهن شخص جي پرفريب عشق ۾ مست آهي ۽ اکيون درويش پاڻ ئي روئڻ لڳيون آهن ،،، يا وري دماغ ۽ دل جو جهيڙو آهي، دل مطمئن آهي ۽ دماغ کي کٽڪا آهن ؟؟؟

    درويش ڪڏهن ڪڏهن لکندو آهي پر اسانکي مٿي تي هٿ رکرائي ڇڏيندو آهي

    سهڻا سائين خئير ته آهي ؟؟؟ عرصي کانپوِءِ اچڻ تي ڀليڪار

    اميدن تي جهان قائم آهي، پنهنجي دل کي قابو ڪريو، ائين نه ته وري مون جيئان ڪنڪور جو گوريون کائڻيون پون ،،،

    جيئڻ ڪارڻ جيڏيون مون وڏا وس ڪيا

    لک قرب
     
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: بي چئي دل جو انجام

    درويش سائين سلام

    ڪالهه کان وٺي پڙهي رهيو آهيان ۽ ڇا جواب لکان اهو ويٺو سوچيان ته هي ڪنهن جي وارتا آهي، ڇو ته سوچيان پيو ته هاڻي اهي زلف ڪونه رهيا جنهن جا اسير رشيد جهڙا به هيا، سوچيان پيو ته ڪٿي ڳالهه آهي يا ڪا سچي وارتا۔ پيارا دل کي سمجهائڻ وس ۾ ناهي هوندو، خاص ڪري جڏهن عشق جو معاملو هوندو آهي۔ اهڙن معملن ۾ دل صفا چري ٿي پوندي آهي ۽ هن شعر جهڙي حالت هوندي آهي:

    تسليون ڏئي گهڻو ئي پاڻ کي سمجهايو مون ليڪن!
    دلِ رنجور کي ۽ چشم تر کي ڪير سمجهائي.


    يا وري محمد شريف طالب جي هن شاعري جهڙي حالت هوندي آهي:

    مٺا محب جاني وري آ وري آ،
    سندم دل ته تولئه چري آ چري آ.

    نٿو يار وسري سڄڻ پيار تنهنجو،
    تنهنجي ڪيئن پيارا سري آ سري آ.

    سدا يار تنهنجي اچڻ جون اميدون،
    کُلي تو لئه دل جي دري آ دري آ.

    سدا تن اندر ۾ آهي تات تنهنجي،
    بره باه ڏاڍي ٻري آ ٻري آ.

    سوا يار تنهنجي حياتي گذارڻ،
    سڄڻ ڳالهه ڏاڍي ڳري آ ڳري آ

    ڏکن يار ”طالب“ آ ڏاڍو ستايو،
    ويو ڏيل منهنجو ڏري آ ڏري آ.


    پر پوء به جي دل ڪٿي لڳي آ ته واهه واهه ٿي وئي، مطلب دهل شرنايون ۽ ڀت جي تياري شروع ڪيون ۔۔۔۔۔۔۔۔

    سدا خوش رهو
     
  7. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    جواب: بي چئي دل جو انجام

    ادا توهان جي وسيع دلي آهي جو درويش کي الائي ڪاٿي پڄائي ڇڏيو۔
    درويش فقط ناقص ڪوششون ڪندو آهي ۽ جيڪي دل چوندي آهي لکندو آهي۔
    دوستن کي پسند اچڻ درويش جي خوشقسمتي آهي۔

    مهرباني دعا ۾ ياد


     
  8. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    جواب: بي چئي دل جو انجام

    سائين درويش عرصي کانپوءِ اچڻ لاءِ معذرت خواهه آهي بس مڙئي دنيا جي مصروفيتن سبب ڀيرا ڀرڻ ۾ تاخير ٿي وڃي ٿي۔ ۔۔
    مون ته الائجي ڇا لکيو آهي مونکي پاڻ کي خبر ڪونهي بس مڙئي ڪجهه وقت لا ماحول پيدا ٿي ويندو آهي ۽ لفظ پاڻ ئي پيا نڪرندا ويندا آهن۔ انهن لفظن تي درويش جو اختيار نه هوندو آهي۔ ۽ ليک پورو ٿيندو آهي۔
    دروِيش جڏهن هوش ۾ ايندو آهي تڏهن لفظن جي جوڙ جڪ کي هيٺ مٿي ڪندو آهي باقي مفهوم مان مطمئن هجڻ يا نه هجڻ درويش جي اختيار ۾ نه هوندو آهي۔
    ۽ الله خير ڪندو نه عشق اڃان تائين آيو آ جو ننڊ ڦٽائيدو منهنجي۔۔۔۔

    اوهان جو درويش ساڳيو ئي درويش آهي الله کيس عشق جي اڌمن کان محفوظ رکي۔۔۔۔۔

    پسند ڪري ڪمينٽس جي قابل سمجهڻ جي مهرباني۔۔۔

    دعا ۾ ياد
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو