عمران درويش سومرو
سينيئر رڪن
بي چئي دل جو انجام
اڄ اونداهي رات آهي مان، تنهائي ۽ يادون اسان ٽئي هڪ بلڪل سانت واري ماحول ۾ موجود آهيون ....
گهڻو وقت جاري رهڻ کانپو خاموشيءَ جو سلسلو ٽٽي ٿو۔۔ ان خاموشي کي ٽوڙيندڙ آواز منهنجي آس پاس کان نه پر دل اندران سڏڪن جو آواز گونجي رهيو هيو۔۔۔۔ هي بي وس دل جي سڏڪن جو آواز هيو جيڪا پنهنجي تباهي مٿان گريو ڪري رهي هئي ۽ کيس ڪوئي به سهارو ڏيڻ وارو ڪو نه هيو. ايسيتائين جو هن وٽ مونکي به دانهن ڏيڻ جو حوصلو نه آهي ... ڇو ته دل شرمسار آهي.... ۽ وٽس مون کا شڪوي شڪايت جو ڪوئي جواز ئي نه آهي..........
اهو شڪايت جو جواز دل وڃا ئي ڇڏيو هيو........... جڏهن دل ڪنهن کي ڏٺو ۽ اکڙيون اٽڪائي ويهي رهي... مون کيس گهڻو سمجايو..... گهڻو ئي سمجهايو..... پر........ . . . . ..
هڪ سال اڳ
اي دل تون پاڻ مٿان رحم ڪر..... ڪٿي تون... ۽ ڪٿي هو....
مڃان ٿو ته ڪنهن کي چاهڻ ڪنهن جي اختيار ۾ نه آهي پر پاڻ ڏاڍن سان اکڙيون اٽڪائڻ ڄڻ تڪليفن جي هڪ نه ختم ٿيندڙ دور کي هٿ سان دعوت ڏيڻ جي برابر آهي. مڃيو سين ته ڪوئي ڪنهن کي وڻي وڃڻ کان روڪي نه ٿو سگهي پر ڇا توکي خبر آهي ته تون جنهن کي چاهڻ شروع ڪيو آهي ڇا اهو منهنجي زندگي ۾ ڍلجي ويندو ۔ ۔ ۔ ؟ ڇا تون ڄاڻين ٿي ته ان جي زندگيءَ ۾ ڪو ٻيو ته ڪونهي.........!!!! ۽ بلڪل تون نه ٿي ڄاڻين ته ان جي زندگي ۾ ڪو ٻيو به آهي۔۔۔
اي نادان دل مڙي وڃ....... مڙي وڃ............................. تنهنجا اهڙا جذبات ۽ خوشفهمي هڪ ڏينهن تو لاءِ هيڏي ساري دنيا کي تنگ بڻائي ڇڏينديون۔۔ اهڙي تنگ دنيا جنهن ۾ هڪ پل به هڪ صديءَ مثل هوندو.. ڇا تون ان تڪليف کي برداشت ڪري سگهنديءَ......؟؟؟ ايترو ٻڌا ته ڇا تون جنهن شخص جي ملڪيت آهين ان جي بي ڏوهي انجام مان واقف آهين....؟؟
تنهنجي هيءَ نئين چاهت جڏهن محبت ۾ تبديل ٿي ويندي هي دنيا تون لاءِ ته خوشنما ۽ رنگين هوندي... پر اهو فقط تنهنجي نظرن جو دوکو هوندو.... هڪ ڪچي ننڊ جو خواب هوندو.. جيڪو ڇرڪ ڀرڻ سان ئي ٽٽي ويندو... ان خواب جي ٽٽڻ سان تون اهڙي عذاب۾ مبتلا ٿي وينديءَ جنهن جو احساس توکي فقط ان وقت ئي ٿيندو.... ڇوته اهڙي عذاب جو مثال نه هوندو آهي..
دل سندس خاموشيءَ جو روزو ٽوڙيندي پڇيو ته ڇو ڀلا اهڙو ڪهڙو عذاب آهي جنهن جو ڪو مثال نه آهي....؟؟ ڇا اهڙي عذاب جي شروعات مونکان ٿيندي..؟؟ دل طنزيه انداز آڻيندي سوال ڪيو.....
دل کي جواب مليو ته شايد ان سموري سمجهاڻي کي ڪنهن به قسم جي توجهه ناهي ملي... پر خير ان عذاب جو مثال ان ڪري موجود نه آهي ته جيڪي ماڻهون ان عذاب مان گذرندا آهن اهن جي چهري تي مسڪراهٽ هوندي آهي جنهن کي هو هٿيار طور استعمال ڪندا آهن ۽ ان مسڪراهٽ جي مدد سان پنهنجي اندر جا اڌما چهري تي آڻڻ نه ڏيندا آهن.....
هي سڀ ڪهاڻين جو ڳالهيون آهن... ماڻهون اهڙي غم کي برداشت ڪري مسڪرائي به سگهن ٿا.همهممههههم.... دل جو هڪ ڀيرو ٻيهر طنزيه لهجي ۾ چيل جملو....
مون جواب ڏنو ته عذاب مان گذرندڙ ماڻهن جي مسڪراهٽ فقط ماڻهن جي اڳيان ڪم ايندي آهي.. پر جڏهن تنهائي ۾ هو يادن جا ورق اٿلائيندو آهي ته اهو عذاب کيس رت جا نير روئاريندو آهي. وقت جي گذرڻ سان گڏ و گڏ ان ماڻهون جي مسڪراهٽ به سندس ساٿ ڇڏي ڏيندي آهي ۽ هو دنيا کان ويڳاڻن واري ۽ پنهنجي وجود کان بي بيضار زندگي گذارڻ لڳندو آهي..............
ڳالهه کي مختصر ڪندي دل کي ٻيهر نصيحت ڪئي ته ڇا تون جنهن شخص جي اندر آهين ان جو اهڙو حشر ٿيندي ڏسي سگهنديءَ....؟؟؟؟؟ جيڪڏهن نه؟؟ ته اهڙي رنگين خواب ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ اهو نه وسار ته هي رنگين خواب نه پر هڪ نه کٽندڙ عذاب آهي......
افسوس.................... سد افسوس ..............
هيڏي سمجهاڻيءَ دوران به دل گهڻو وقت ان خوابِ بد تعبير ۾ گم رهي.. ۽ ڪنهن به ڳالهه کي سمجهي نه سگهي۔۔۔۔۔۔۔۔ دل فقط منجهائڻ لاءِ طنزيه سوال ڪيا.. پر انهن جي سوالن جي ڏنل جوابن تي غور نه ڪيو..... مون کيس آخر پاڻ بي معيار ڪندي اهو چئي ڏنو ته جڏهن تون ان عذاب جي شدت مان گذرندڙ هونديءَ ان وقت مونکي شڪايت نه ڪجان ته مون تو کي آگاهه نه ڪيو ...