• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

محترم شمشيرالحيدريء سان هڪ شام آرٽس ڪائونسل ڪراچيء ۾

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
2wnqlia.jpg


سنڌي ادب، صحافت ، شاعري ۽ سماجي تنظيمن جي حوالي سان هڪ امر شخصيت محترم شمشيرالحيدريء سان هڪ شام 19 مئي شام جو 6 بجي آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان پاران ملهائي پئي وڃي۔

ان موقعي تي شمشيرالحيدري جي ٽن ڪتابن جي مهورت پڻ ٿيندي ۽ سندس زندگيء ۽ جاکوڙ تي برک اديب، شاعر ۽ ڏاها پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندا۔ جڏهن ته تقريب هلندي فنڪار پنهنجي سرن جا آلاپ پيش ڪندا۔ دوستن کي شرڪت جي دعوت ڏجي ٿي۔

t4u149.jpg

 
جواب: محترم شمشيرالحيدريء سان هڪ شام آرٽس ڪائونسل ڪراچيء ۾

ابا سليمان يار! پاڻ ته شامل ڪون ٿي سگهنداسون، پر اسانجو روح اوهان دوستن سان گڏ هوندو، اميد ته اکين ڏٺو احوال، ڪجهه تصويرون، ڪجهه وڊيوز ضرور ونڊ ڪجو ته جيئن اسان به ان تقريب ۾ شامل ٿي سگهون

خوشي ان ڳالهه جي آهي ته هاڻ سنڌي قوم پنهنجن حيات اثاثن جو قدر ڪرڻ شروع ڪيو آهي، نه ته روايت آهي ته ”مرڻ کان پوءِ هاٿي ڪروڙ جو“ پهاڪي ته عمل ڪيو ويندو آهي

سائين جي انهن ڪتابن جو ڪو سيٽ هٿ ٿي سگهي ته واه واه، ممڪن ته منهنجي گهر تائين اهو سيٽ پهچي پر يقين ناهي انڪري اوهانکي پارت ڪري ٿو ڇڏيان

محترم شمشير پوري ڄمار سنڌ ۽ سنڌيت لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي، پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ سنڌي ٻوليءَ جي ٻاچ جهلي هر اداري ۽ هر هنڌ تي رسائڻ جا جتن ڪيا اٿس

سنڌي ٽي وي
سنڌي ريڊيو
سنڌي اخبارون
سنڌي رسالا ۽ ڪتاب
سنڌي محفلون
سنڌي تنظيمون

اها ڪرت محترم شمشير ڄمار ساري نڀائي آهي، بغير ڪنهن لالچ ۽ لوڀ جي، بغير ڪنهن شخصي فائدي وٺڻ جي، اڄ به کيسي ۾ دعائون، تمنائون ۽ سنڌ سان چاهه ته ملندو پر کڙڪندڙ نوٽ ڪون ملندو، نظر ختم ٿيڻ، جسم مان ساه ست جي ڪمزوري به سندس ذهن کي ڪمزور ڪري ناهي سگهي

سلام ڪريانٿو آءُ هن ڏاهي بزرگ شخص کي، سنڌ ۾ اهڙن سچن ماڻهن جي گهڻائي ٿي وڃي ته هوند سنڌ سنورجي وڃي

لک قرب

سنڌ سلامت ساٿ سلامت

 
جواب: محترم شمشيرالحيدريء سان هڪ شام آرٽس ڪائونسل ڪراچيء ۾

شڪرالحمدالله هاڻي اسان جون ثقافتي ۽ ادبي تنظيمون پنهنجي راڄ دُلارن ، تاريخ جا رُخ موڙڻ وارن کي محبتي مڃتا ڏين پيون سائين شميشيرالحيدري اسان جي سنڌ ڌرتي جو کاهوڙي دودو پُٽ آهي جنهن ساري عمر سنڌي ٻولي، سنڌي ادب ۽ سموري سنڌ ڌرتي لا پاڻ پتوڙيو آهي، جاکوڙيو آهي، ان عظيم شاعر سان شام ملهائڻ ۽ ان تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ منهنجي لا ته عبادتن ۾ شمار آهي، الله سائين اسان سنڌ واسين مٿان سائين شمشير الحيدري جوسايو سدا سلامت رکي ۔ آمين۔ محترم سليمان وساڻ جون مهربانيون جو هن اهم ترين ادبي تقريب جو نيوتو(نياپو) سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ تان ساري دنيا جي سنڌين کي ونڊيو آهي۔ لک لائق سندس۔
 
جواب: محترم شمشيرالحيدريء سان هڪ شام آرٽس ڪائونسل ڪراچيء ۾

اميد ته وڌ کان وڌ دوست هن تقريب ۾ شامل ٿي سائين شمشير کي ڀيٽا پيش ڪندا۔
 
جواب: محترم شمشيرالحيدريء سان هڪ شام آرٽس ڪائونسل ڪراچيء ۾

نوابشاهه ۾ هڪ ضروري ڪم هجڻ ڪري ممڪن آهي ته 18 مئي تي ڪراچي نه پهچي سگهجي۔۔۔ پر 19 مئي تي وقت جو شيڊيول ٻڌايل مطابق رهيو ته هن يادگار ۽ ليجنڊس کي ڀيٽا ڏيندڙ پروگرام ۾ شرڪت ڪبي انشاء الله۔۔۔
 
جواب: محترم شمشيرالحيدريء سان هڪ شام آرٽس ڪائونسل ڪراچيء ۾

ان شا الله ضرور شرڪت ڪبي ۽ محترم ليجنڊ سنڌ جي سرمايي ۽ سنڌ جي فخر کي ضرور ڀيٽا پيش ڪبي۔۔۔
 
جواب: محترم شمشيرالحيدريء سان هڪ شام آرٽس ڪائونسل ڪراچيء ۾

ادا سليمان وساڻ صاحب اسلام عليڪم۔ادا توهان جا لک لائق جو هڪ محترم هستي کي ڀيٽاء ڏيڻ واري پروگرام جي اسان کي نه رڳو ڄاڻ ڏني اٿئو پر شرڪت جو به حڪم ڪيو اٿئو۔انشاالله اسان اوهان سان ان پروگرام ۾ ملاقات ڪنداسين ۽ اوهان جي حڪم جي پورائو ڪيو ويندو۔
 
Back
Top