تماشو

سنڌي نور

سينيئر رڪن

نامعلوم شاعره
نظم
تماشو.....!!!
هر دور جو تماشو
هي عورت
هڪڙن کي مون تي اعتراض
۽ هڪڙا منهنجا حماعتي
پر آئون عورت
سدائين اڪيلي ۽
تماشي جي بازار جو وکر
منهنجي پوڄا ٿئي يا
سنگسار ٿيان
جو بـ آهي
ان ۾ مون کان ڪڏهن بـ
رضا معلوم نـ ڪئي وئي آ
سڀ ڪجهـ انهن ئي تـ ڪيو آ
جيڪي چيلهن تي تلوارون ٻڌي هلن ٿا
جنگ جي ميدان ۾گھوڙا ڊوڙائي
جڏهن موٽن ٿا تـ
زرهـ ۽ وار کولي
پيشاني تان پسينو اگھي
صراهي مان وٽو ڀري
مون کي تڏي وانگر وڇائي
پنهنجو ٿڪـ ڀڃي
ڪجهـ سوچين ٿا
منهنجي ان قسمت جي باري ۾
جنهن جي مون کي ڪا بـ خبر ناهي
ڇو جو آئون عورت آهيان
۽ انهن کي سڀ خبر آهي
ڇو تـ هو مرد سمجهن ٿا پاڻ کي.....
 
جواب: تماشو

عورت جا احساس ۽ درد بيان ڪيل آهن ۔۔۔۔۔۔

پر مان اڪثر اهو به ڏٺو آهي ته عورت تي تشدد ڪرڻ ۾ عورتون به شامل رهيون آهن۔

۽ ڪڏهن ڪڏهن وري عورتون طاقت ۾ اچي مردن ، خاص ڪري مڙسن سان به واهه جو حشر ڪنديون آهن۔ اهڙن متاثر مردن مان هڪ اسان جو هردلعزيز چاچو ڪريم به آهي۔
 
جواب: تماشو

منهنجي ان قسمت جي باري ۾
جنهن جي مون کي ڪا بـ خبر ناهي
ڇو جو آئون عورت آهيان
۽ انهن کي سڀ خبر آهي
ڇو تـ هو مرد سمجهن ٿا پاڻ کي.....
۔،۔۔،۔،۔،۔،۔،۔،۔،۔،۔،۔،۔،۔،۔،۔،۔،۔،۔،۔،۔،۔،۔،۔،۔۔،۔۔،۔
ماشاءَالله هڪ معصوم عورت جي جذبن کي خوب سُٺي نموني سان اُڀاريو ۽ منظر ڪشي
ڪئي وئي آهي۔۔۔۔۔۔ زبردست شيئرنگ۔۔۔۔ واااااااااااه۔۔۔۔۔
 
Back
Top