• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ جي هڪ نوجوان پاران پاڻيء تي گاڏيون ۽ مشينون هلائڻ واري ڪٽ تيار

مون کي اميد آهي ته سنڌ جي هن محنتي نوجوان (جيڪو اڳ ۾ پڻ ڪيترائي تجربا ڪندو رهيو آهي) جي هن ايجاد مان اسان جي عوام کي ڪجهه فائدو رسندو، جيتوڻيڪ پاڻيءَ مان انجڻ هلائڻ ڪا نئين ايجاد ناهي پر ان ايجاد کي بهتر بڻائيندي هن دوست سٺو ڪم ڪيو آهي،
هتي ذهن ۾ هڪ سوال ٿو اڀري ته هن ڪار ۾ صاف منرل واٽر وارو پاڻي کپندو يا اهو ميرو گدلو شاخ وارو پاڻي
 
يار مري ويا سين ڪم ته ڀلو ٿيو پر هڪ ٻي مصيبت هاڻي جي اه گاڏي ٿي مارڪيٽ ۾ اچي ته پاڻي لائي ڪيتري ۾ ليٽر وڪامندو۔ هر مهيني پاڻي جا نوان اگھ الائي ڪير مقرر ڪندو ۔ وسلام
 
يار مري ويا سين ڪم ته ڀلو ٿيو پر هڪ ٻي مصيبت هاڻي جي اه گاڏي ٿي مارڪيٽ ۾ اچي ته پاڻي لائي ڪيتري ۾ ليٽر وڪامندو۔ هر مهيني پاڻي جا نوان اگھ الائي ڪير مقرر ڪندو ۔ وسلام

هاهاهاها ۔۔۔۔۔ سائين پاڻي جي کوٽ ته اڳ ئي آهي پر ها هڪ ڳالهه ته اها گاڏي ڪٿي فلٽر واري پاڻيء تي ته نه هلندي ۔۔۔۔۔۔
 
يار مري ويا سين ڪم ته ڀلو ٿيو پر هڪ ٻي مصيبت هاڻي جي اه گاڏي ٿي مارڪيٽ ۾ اچي ته پاڻي لائي ڪيتري ۾ ليٽر وڪامندو۔ هر مهيني پاڻي جا نوان اگھ الائي ڪير مقرر ڪندو ۔ وسلام

هاهاهاها ۔۔۔۔۔ سائين پاڻي جي کوٽ ته اڳ ئي آهي پر ها هڪ ڳالهه ته اها گاڏي ڪٿي فلٽر واري پاڻيء تي ته نه هلندي ۔۔۔۔۔۔


هاها سائين پوءِ ته مزا ٿي ويندا يعني اسان جو ڪم ٻارنهن مهينا ئي چالو۔
 
539708_10151149401728793_746711282_n.jpg
 
سائنسدانن طرفان آغا وقار جو پاڻي تي گاڏيون هلائڻ جو تجربو
درست قرار،26 جولاءِ تي سڀني سامهون تجربو ڪري ڏيکاريندو
18-Khp2.jpg
اسلام آباد(رپورٽ:ايم بي سومرو) پاڻي تي گاڏيون هلائڻ جو تجربو ڪندڙ سنڌ جو نوجوان سائنسدان آغا وقار پٺاڻ وزارتي ڪاميٽي آڏو پيش، تجربي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني، ڪاميٽي پاران 26 جولاءِ تي عوام ۽ سائنسدانن آڏو عملي تجربو ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، آغا وقار کي اسلام آباد جي ريڊزون ۾ رهائش ڏيڻ جي آڇ به ڪئي وئي، تفصيل موجب وزير اعظم راجا پرويز اشرف پاران وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه پاران آگاهي ڏيڻ بعد پاڻي تي گاڏي هلائڻ جو تجربو ڪندڙ سنڌ جي خيرپور ضلعي سان تعلق رکندڙ آغا وقار پٺاڻ جي مامري تي جوڙيل وزارت ڪاميٽي جو سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي وزارت ۾ سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جي وفاقي وزير چنگيز جمالي جي صدارت ۾ اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ پيٽروليم جي وفاقي وزير ڊاڪٽر عاصم حسين ۽ مذهبي مامرن جي وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه کانسواءِ سيڪريٽري پيٽروليم، سيڪريٽري سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي سائنس فائونڊيشن ۽ ائٽامڪ انرجي جي سائنسدانن شرڪت ڪئي، اجلاس دوران پاڻي تي گاڏي هلائڻ جو تجربو ڪندڙ آغا وقار پٺاڻ کان ڄاڻايل ڪاميٽي ۽ سائنسدانن مختلف سوال ڪري جواب ورتا، ڪاميٽي اڳيان آغا وقار پٺاڻ تفصيلي بريفنگ ڏيندي دعويٰ ڪئي ته حڪومت تعاون ڪري ته 2012ع ۾ ئي جهاز، ٽرينون، وڏيون ننڍيون گاڏيون، هر قسم جو فبريئر ۽ هر قسم جي آٽوز مشينري پاڻي تي هلائي سگهان ٿو، جنهن بعد ڪاميٽي فيصلو ڪيو ته 26 جولاءِ تي آغا وقار پٺاڻ سائنسدانن ۽ عوام سامهون پاڻي تي گاڏي هلائڻ جو تجربو ڏيکاريندو، ان ۾ ميڊيا به موجود هوندي، جنهن بعد رپورٽ ڪابينا ۾ پيش ڪئي ويندي، آغا وقار پٺاڻ ڪالهه وزارت ڪاميٽي کي ٻڌايو ته تجربي لاءِ ڪو به تعاون نٿو ڪيو وڃي، پاڻي تي گاڏي هلائڻ لاءِ گاڏي فراهم ڪئي وڃي، جنهن تي سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جي وفاقي وزير کيس گاڏي تجربي لاءِ ڏيڻ سوڌو آغا وقار پٺاڻ کي ريڊزون ۾ موجود سرڪاري گيسٽ هائوس ۾ رهائش ڏيڻ جي پيشڪش ڪئي، هوڏانهن آن لائن موجب آغا وقار بريفنگ ۾ ڪاميٽي کي ٻڌايو ته اها منهنجي ٽيڪنالاجي رڳو گاڏين لاءِ نه پر فيڪٽرين ۽ ڪارخانن لاءِ به توانائي ٺاهيندي، جنهن سان ملڪ کي ڪافي ناڻو بچائي سگهجي ٿو، اها ماحول دوست ٽيڪنالاجي آهي ۽ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جو به ڪو اخراج نه آهي، پاڻي تي گاڏي هلائڻ جو تجربو ڪندڙ آغا وقار پٺاڻ چيو آهي ته وزارتي ڪاميٽي اجلاس دوران مون کان پاڻي تي گاڏي هلائڻ واري تجربي بابت مختلف سوال ڪيا ۽ 26 جولاءِ تي کليل نموني سائنسدانن ۽ عوام جي موجودگي ۾ پاڻي تي گاڏي هلائڻ جو تجربو ڪري ڏيکاريندس، هن چيو ته هڪ ٽي وي شو پروگرام ۾ ملڪ جي ائٽمي سائنسدان ڊاڪٽر ثمر مبارڪ، ڊاڪٽر پرويز شوڪت منهنجو ڪيل تجربي کي عمل جوڳو قرار ڏنو آهي، هن چيو ته حڪومت وسيلا فراهم ڪري ڊسمبر تائين ٻه ٽي لک گاڏيون پاڻي تي هلائڻ لاءِ ڪٽون تيار ڪري سگهان ٿو، هن چيو ته ملڪ اندر پاڻي تي گاڏي هلائڻ واري سهولت عام ڪرڻ لاءِ صنعت جي ضرورت پوندي، جنهن لاءِ پلانٽ لڳائڻا پوندا، جنهن لاءِ سرڪار اگر بنيادي طور تي 5 ارب رپيا به لڳائي ته ان حوالي سان شروعات ٿي سگهي ٿي، هن چيو ته اگر حڪومت سعودي ، يو اي اي ۽ ٻين تيل وارن ملڪ جي دٻاءُ ۾ نه اچي ته پاڻي تي گاڏيون هلائڻ وارو تجربو ڪامياب ٿي سگهي ٿو، هن وقت تائين ته حڪومت جو ارادو بهتر لڳي ٿو، هن چيو ته سمنڊ جي پاڻي کي به مٺو ڪري گاڏيون هلائڻ طور استعمال ڪري سگهجي ٿو، هن چيو ته ان مان ملڪ اندر انقلابي تبديلي اچي سگهي ٿي، هن چيو ته پاڪستان دنيا جو چوٿون ملڪ آهي، جتي پاڻي تي گاڏيون هلائڻ جو تجربو ڪيو ويو آهي، هن چيو ته ڪالهوڪي حڪومتي ڪاميٽي جي ڳالهين مان مطمئن آهيان ۽ ڪاميٽي منهنجي تجربي بابت خاطري ڪرائي آهي، 26 جولاءِ تي سائنسدانن ۽ عوام آڏو تجربو ڪري ڏيکاريندس ۽ انشاءِ الله تعاليٰ سائنسدان منهنجي ان تجربي کي قبول ڪندا.

خيرپور سان تعلق رکندڙ آغا وقار جي بي ٽيڪ ۽ ائسوسيئيٽ انجنيئرنگ ۾ ڊپلوما ٿيل، ڪافي سالن کان گاڏين تي تجربا ڪندو رهيو، ڪجهه مهينا اڳ کيس ڪاميابي ملي

خيرپور(رپورٽ: خان محمد) واٽر ڪِٽ ايجاد ڪري دنيا کي حيران ڪندڙ سنڌ جي نوجوان آغا وقار پٺاڻ جو تعلق خيرپور شهر جي ڏٻر پاڙي سان آهي ميرن جي صاحبي دوران سندس والد واحد بخش خان پٺاڻ ان وقت جي وڏي وزير قزل باش جو سيڪريٽري هو. جنهن جي گهر ۾ هن باصلاحيت نوجوان جنم ورتو. هن پنهنجي ميٽرڪ تائين تعليم خيرپور جي مشهور ۽ قديمي ناز پائليٽ هائير سيڪنڊري مان ورتي. بعد ۾ هن گورنمينٽ ٽيڪنيڪل ڪاليج خيرپور مان 1990ع ۾ ايسوسيئيٽ انجنيئرنگ ۾ ڊپلوما ۽ بي ٽيڪ ڪئي، جڏهن ته 1993ع ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي مان بي ٽيڪ ۽ 1995ع ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان ايم اي انگلش ڪئي، هن نوجوان ڪيترن ئي سالن کان مختلف گاڏين تي ڪيترائي تجربا ڪيا پر کيس اهڙي قسم جي ڪاميابي نه ملي، مسلسل جدوجهد کان پوءِ هاڻي ڪجهه مهينا اڳ آغا وقار هڪ ڀيرو واٽر ڪِٽ ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.
تيل مافيائن مان خطرا محسوس ٿيندا آهن پرخوف ناهي، دنيا ۾
 
سنڌ ڌرتي تي اڻ ميا اهڙا موتي موجود آهن، بس ڌڻي در دعا آهي ته اسان سنڌين کي پنهنجي قومي سرماين جي حفاظت ڪرڻ جي سگهه اچي وڃي۔
 
اسان سڀني سنڌ واسين جو دعائون هن سنڌي سائنسدان سان گڏ آهن، شل ڪوسو واءُ نه لڳندس، هر ميدان ۾ ڪاميابي ماڻيندو۔ انشاءِ الله
 
هن خبر دل خوش ڪري ڇڏي .... سنڌي ماڻهن جي ٽيلنٽ تي اسان کي ناز آهي، حڪومت کي گهرجي ته نام نهاد سائنسدانن جي جاء تي آغا وقار کي ترجيهي بنيادن تي سهولتون ۽ مان مرتبو ڏئي.​
 
هن خبر دل خوش ڪري ڇڏي .... سنڌي ماڻهن جي ٽيلنٽ تي اسان کي ناز آهي، حڪومت کي گهرجي ته نام نهاد سائنسدانن جي جاء تي آغا وقار کي ترجيهي بنيادن تي سهولتون ۽ مان مرتبو ڏئي.​
ڏاڍي خوشي ٿي پر اردو ميڊيا جي ڪوريج نه ڪرڻ تعصب وارو رويو پيش ڪري ٿو۔۔۔۔۔۔۔۔۔
 
دوستو آ هن موضوع طرف اوهان جو ڌيان ڇڪرايان ٿو ته هي دوست ڪيڏاهن ويو ڇا هي غلط هو يا هن جو تجربو غلط هو ڪيڏاهن ويو هو نوجوان ان باري ۾ ڪجھ تفصيل ٻڌائيندا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
 
سائين اها ڪار هلائڻ واري پلان کي حڪومت ڌر اڌورو ڪري اڳتي وڌڻ نه ڏنو ڇاڪاڻ ته انهن جو ذخيرو ڪيل تيل ڪاڏي وڃي ها جيڪو هنن وٽ اربين خربين روپين جي ماليت ۾ آهي...
 
Back
Top