جواب: سڀني ماروئڙن کي سڪ ڀريو سلام ڪنڌڪوٽ جي سهڻي دوست، مصطفي جي غلام کي دل جي گهراين سان ڀليڪار دوست، اوهان دعائن جي گهر ڪئي آهي، اسان ته ٻاهر ۽ اندر سنڌ سلامتيءَ جي حب سان ڀريل آهيون ۽ هميشه هيءَ دعا دل تي آهي ته؛ سائين سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار اوهانکي هي اوطاق ۽ هي اڱڻ ڪيئن لڳو؟ هت اسين سڀ سنڌي دوست گڌ ٿي پنهنجا دلي احوال ونڊيندا آهيون ۽ هڪٻئي جي رهنمائي ڪندا آهيون، اميد ته اوهان به ساٿ ۾ ساٿ ڏئي سرخرو ٿيندا اوهان هيٺ جواب ۾ هي چيو آهي ؛ سمجه ۾ نه آيو ته اوهان ڪهڙي طرف اشارو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي اميد ته اوهانکي هي فورم لکڻ ۽ استعمال ڪرڻ ۾ آسان لڳو هوندو، جي ڪا تڪليف هجي ته سنڌ سلامت جي سکيا واري ڪمري ۾ ويندا ته اوهانکي ات ڪيترائي ليک پيل ملندا جن سان اوهان هن فورم جي استعمال جا طريقا سکي سگهندا يا وري، پڇڻا نه منجهڻا، واري ڪمري ۾ وڃي سوال ڪندا ته سنڌ سلامت جا دوست ڪوشش ڪري اوهانکي آگاهي ڏيندا لک قرب، هڪ دفعو ٻيهر ڀليڪار سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: سڀني ماروئڙن کي سڪ ڀريو سلام اسان محترم غلام مصطفى کي سنڌ سلامت جي سهڻي فورم تي ڀليڪار ٿا ڪيون تمام گهڻي خوشي ٿي جو اوهان سنڌ سلامت فورم جا ساٿي بڻيا آهيو جيڪو اسان سڀني سنڌين جو گڏيل فورم آهي ۽ اها اميد ته اوهان سٺا ليک ۽ نيون نيون ڳالهيون فورم تي شيئر ڪندا رهندا۔سنڌ سلامت انٽر نيٽ تي سنڌي ٻوليء جي ترقي لاء ڪوشان آهي۔ سنڌي ٻوليء جي ترقي ۽ واڌاري لاء اسان کي ئي ڪوششون ڪرڻيون آهن۔ اميد ته سنڌ سلامت اوهان جي اعتماد تي پورو لهندي ۽ سنڌي ادب جي نماء سان گڏ سنڌ جي مسئلن کي نمايان ڪندي رهندي۔ اها آس اٿم ته اوهان پنهنجي قيمتي وقت مان ڪجهه وقت ڪڍي پنهنجي لکڻين، پنهنجي خيالن ۽ بهترين راين سان فورم جي سونهن ۾ اضافو ڪندا رهندا۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
ادا غلام مصطفي صاحب اسلام عليڪم۔اسان به اوهان کي هن اڳڻ تي باقائدي پير پائڻ تي دل جي گهرائين سان ڀليڪار ٿا چئون۔ادا اوهان اڳئيم ئي هن اڳڻ جي مختلف حصن جو معائنو ڪيو آهي،توهان ٻڌائيندا ته اوهان کي محترم ميمبرس جي اڻٿڪ محنتن سان سجايل هي اڳڻ ڪيئن لڳو۔هر موضوع تي اوهان کي انيڪ ليک ملندا،جيڪي سٻاجهڙا ميمبرس معلومات جي سمنڊ ۾ گهراء غوطا لڳائي،کڻي اچي هن فورم جي ڪينئوس تي چٽي هن جي سونهن ۽ زينت ۾ اضعافو ڪندا آهن۔اسان کي اميد آهي ته اوهان جا به معلوماتي ليک تمام جلدي اسان کي پڙهڻ جو موقعو ملندو۔هميشه خوش رهو۔

دوست غلام مصطفى کي هن فورم تي ڀليڪار ڪريون ٿا۔ ميمبر ٿيڻ شرط ڀا تي لازمي ٿي پيو آهي ته پنهنجي ٽهي کي به هي گس ڏيکارين ته جيئن ملي جلي ڪري اونداهين ۾ گهيرجي ويل سست، ڪاهل، پاڻ پڏائڻ واري قوم لا ڪو دڳ ڳولي ڪڍون ۽ پاڻ به حقيقي معنائن ۾ ٻين قومن وانگر هڪ سولائيزڊ قوم سڏجون جيڪا پاڻ پڏائي پاڻ کي ست هزار سالن جو وارث ته سمجهي ٿي پر عملي ميدان ۾ هڪ نانگ وانگر پنهنجو پاڻ پنهنجا ٻچا کائي ٿي۔ اهو سمجهڻ لا ڀا کي مُهنجو هي چُڀندڙ مضمون پڙهڻو به پوندو ۽ ٻين کي به دعوت ڏئي پڙاهڻو پوندو جنهن جي جواب جو آئون طلبگار آهيان۔ مضمون پڙهڻ لا هتي ڪلڪ ڪريو۔