تنهنجو وڇڙڻ عذاب جيان لڳو۔۔ شاعر مصطفي ا آڪاش

غلام مصطفي ا

سينيئر رڪن
تُنهنجو وِڇڙڻ عَذاب جِيان لڳو،
سَهندي سَهندي مِهتاب جِيان لڳو.
نَه ڪنهن سَان شِڪايت دَردن جي
هَر وَيلي هَر پل ثواب جِيان لڳو.
زندگي جي هَر راهه ۾ هَمسفر ،
گذاريل وقت به خُواب جِيان لڳو.
اَسان توهان جي عِشق ۾ مَدهوش ،
دُنيا کي ڇو اثر شَراب جِيان لڳو.
پَنهنجو پِيار ته ٻِن لفظن جو جُڙيل ،
ايڏو وَسيع هو جو بَابُ جِيان لڳو.
تُنهجو مُونسان چَاهه آ اِهو سوال .
مُصطفي ا اهو پُڇڻ به جَواب جِيان لڳو.
 
جواب: تنهنجو وڇڙڻ عذاب جيان لڳو۔۔ شاعر مصطفي ا آڪاش

زندگي جي هَر راهه ۾ هَمسفر ،
گذاريل وقت به خُواب جِيان لڳو


ادا شاعري وڻي ۔۔۔ اميد ته سلسلو جاري رکندا
 
جواب: تنهنجو وڇڙڻ عذاب جيان لڳو۔۔ شاعر مصطفي ا آڪاش

ادا غلام مصطفي اسلام عليڪم۔توهان جي شاعري جو ذوق ڏاڍو سٺو ٿو لڳي،ان کي جاري رکندا۔
 
Back
Top