اڄوڪو ڏينهن 17 مئي تاريخ جي دريءَ مان

'مئي' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏17 مئي 2012۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڄوڪي ڏينهن 17 مئي تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون
    جنم ڏينهن:
    17 مئي 1545ع هالا سان تعلق رکندڙ صوفي شاعر ۽ بزرگ مخدوم امين محمد (اول) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    17 مئي 1804ع ٽالپر حڪمران مير نصير خان (حيدرآباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    17 مئي 1810ع رياست ميرپور خاص جي اڳوڻي حڪمران مير شير محمد خان ٽالپر (ميرپورخاص) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    17 مئي 1924ع ليکڪ سيد منظور نقوي جوجنم ڏينهن آهي.
    17 مئي 1934ع چانڊيا قبيلي جي سردار نواب احمد سلطان چانڊيو (غيبي ديرو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    17 مئي 1938ع مذهبي اسڪالر هدايت الله آريجو جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    17 مئي 1950ع سگهڙ عبدالحڪيم ناريجو جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    17 مئي 1963ع اداڪاره جيوتي مهتا (احمد آباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    17 مئي 1967ع شاعر غلام حيدر شاهه حيدر جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    وڇوڙو:
    17 مئي 1958ع موسيقار آسر فقير خواجه جو انتقال ٿيو.
    17 مئي 2012ع ٿر جي سماج سڌارڪ ۽ کاهوڙي انسان فقير مقيم ڪنڀار جو لاڏاڻو ٿيو۔
    _______
    اڄوڪي ڏينهن 17 مئي جا ڪجهه اهم واقعا
    [​IMG]
    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ ۽ ڪاوش جي مهربانين سان
    _______
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سيٺ نائونمل ۽ منشي غلام حسين انگريزن جي سنڌ تي قبضي ڪرڻ واري منصوبه بندي ۾ برابر جا شريڪ هيا۔ پر جڏهن سنڌ تي انگريزن جو نڪمل قبضو ٿي ويو ته اڄوڪي ڏينهن يعني 17 مئي 1849ع تي انگريز گورنر ٻنهي کي نوڪري مان فارغ ڪري ڇڏيو۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو