جواب: قمرالدين ادا قمرالدين صاحب اسلام عليڪم۔اسان توهان کي دل جي گهرائين سان هن فورم تي باقائيد پير پائڻ تي ڀليڪار ٿا چئون،ادا توهان کي هن محبتي اڳڻ تي پنهنجي پياري ٻولي ۾ هر موضوع تي انيڪ ليک ملندا،جيڪي هر محترم ميمبر جي محنتن جي طفيلي آهن۔هت اوهان کي پنهنجائپ جو احساس ٿيندو ڇاڪاڻ ته هر ميمبر محبت ۽ خلوص جي لڙي ۾ هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهي۔توهانجي ليکن جو انتظار رهندو۔
جواب: قمرالدين سهڻا دوست قمرالدين ڪنڀر صاحب، اوهانکي سنڌ سلامت جي اوطاق تي اچڻ جي ڀليڪار اميد ته اوهانکي هيءَ اوطاق يا فورم سٺو لڳو هوندو، اوهانجي مڪمل تعرف ۽ لکڻين جو انتظار رهندو، ميرپور خاص جي آس پاس جا احوال ۽ تاريخي تصويرون ۽ شهر جي تاريخ جا ڪي ليک وغيره ملن ته ونڊ ڪجو سڄڻ آيا ڀلي آيا، سهڻن جو سلامي ٿيان سنڌ سلامت ساٿ سلامت
دوست قمرالدين ڪنڀر کي هن فورم تي ڀليڪار ڪريون ٿا۔ ميمبر ٿيڻ شرط ڀا تي لازمي ٿي پيو آهي ته پنهنجي ٽهي کي به هي گس ڏيکارين ته جيئن ملي جلي ڪري اونداهين ۾ گهيرجي ويل سست، ڪاهل، پاڻ پڏائڻ واري قوم لا ڪو دڳ ڳولي ڪڍون ۽ پاڻ به حقيقي معنائن ۾ ٻين قومن وانگر هڪ سولائيزڊ قوم سڏجون جيڪا پاڻ پڏائي پاڻ کي ست هزار سالن جو وارث ته سمجهي ٿي پر عملي ميدان ۾ هڪ نانگ وانگر پنهنجو پاڻ پنهنجا ٻچا کائي ٿي۔ اهو سمجهڻ لا ڀا کي مُهنجو هي چُڀندڙ مضمون پڙهڻو به پوندو ۽ ٻين کي به دعوت ڏئي پڙاهڻو پوندو جنهن جي جواب جو آئون طلبگار آهيان۔ مضمون پڙهڻ لا هتي ڪلڪ ڪريو۔