دوستو اوهان اڪثر ڪري سنڌي پهاڪا ٻڌندا ۽ استعمال ڪندا رهندا آهيو ۽ انهن مان ئي هڪ آهي اڪ جي ماکي، اهو پهاڪو ان وقت استعمال ٿيندو آهي جڏهن ڪنهن ڪم جي سولي هجڻ يا نه هجڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي مثال طور فلاڻو ڪم ڏکيو آهي، ڪو اڪ جي ماکي ناهي جو لاهي وٺجي، پر اتفاق سان مون ڪڏهن اڪ تي ويٺل ماکي نه ڏٺي هئي پر ڇو ته اسان جنهن هنڌ رهون ٿا اهو هنڌ آهي سنڌ ۽ سنڌ ۾ اهو سڀ ڏسي سگهبو آهي جنهن جي اوهان خواهش رکندا هجو ڇو ته الله هن ديس تي مهربان آهي جنهن کي قدرتي طرح هر قسم جو پٽ، موسم ۽ نطارا مليل آهن جيڪي تمام گهٽ ديشن ۾ آهن
منهنجو دوست گورڌن ولاسائي جيڪو هڪ بهترين فوٽوگرافر آهي سو اڪثر ٿر ويندو رهندو آهي ۽ اُتان بهترين فوٽو ڇڪي فيس بوڪ تي شيئر ڪندو آهي، سو ٿر جي واري تي بيٺل هڪ اڪ تي ويٺل ماکي ڏسڻ جو موقعو (فوٽو ۾ ئي سهي) پر مليو سو اوهان سان به ونڊ ڪيان ٿو
۽ ها اوهان ٿر جا ٻيا فوٽو ۽ گورڌن ولاسائي جي فوٽو گرافي ڏسڻ چاهيو ته هتي ڪلڪ ڪريو