اڪ جي ماکي!

'سنڌ جون وسنديون' فورم ۾ عبدالحفيظ لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏19 مئي 2012۔

  1. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    دوستو اوهان اڪثر ڪري سنڌي پهاڪا ٻڌندا ۽ استعمال ڪندا رهندا آهيو ۽ انهن مان ئي هڪ آهي اڪ جي ماکي، اهو پهاڪو ان وقت استعمال ٿيندو آهي جڏهن ڪنهن ڪم جي سولي هجڻ يا نه هجڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي مثال طور فلاڻو ڪم ڏکيو آهي، ڪو اڪ جي ماکي ناهي جو لاهي وٺجي، پر اتفاق سان مون ڪڏهن اڪ تي ويٺل ماکي نه ڏٺي هئي پر ڇو ته اسان جنهن هنڌ رهون ٿا اهو هنڌ آهي سنڌ ۽ سنڌ ۾ اهو سڀ ڏسي سگهبو آهي جنهن جي اوهان خواهش رکندا هجو ڇو ته الله هن ديس تي مهربان آهي جنهن کي قدرتي طرح هر قسم جو پٽ، موسم ۽ نطارا مليل آهن جيڪي تمام گهٽ ديشن ۾ آهن

    منهنجو دوست گورڌن ولاسائي جيڪو هڪ بهترين فوٽوگرافر آهي سو اڪثر ٿر ويندو رهندو آهي ۽ اُتان بهترين فوٽو ڇڪي فيس بوڪ تي شيئر ڪندو آهي، سو ٿر جي واري تي بيٺل هڪ اڪ تي ويٺل ماکي ڏسڻ جو موقعو (فوٽو ۾ ئي سهي) پر مليو سو اوهان سان به ونڊ ڪيان ٿو

    [​IMG]

    ۽ ها اوهان ٿر جا ٻيا فوٽو ۽ گورڌن ولاسائي جي فوٽو گرافي ڏسڻ چاهيو ته هتي ڪلڪ ڪريو
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: اڪ جي ماکي!

    نظارو ته پنهنجي جاءِ ته پيارو آهي پر اوهانجي ڳالهه ۽ پهاڪي جي تشريح به واضح ٿي وئي ،،، قرب

    ڏسو پهاڪن ٺاهڻ وارا ڪيترا نه ڏاها هوندا آهن، اڪ جي ماکي بلڪل زمين تي پئي آهي، جيڪا ڪوئي به آسانيءَ سان لاهي سگهي ٿو

    سهڻو ونڊ
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: اڪ جي ماکي!

    بهترين ڦوٽو گرافي تي گورڌن جس لهڻو۔

    ادا حفيظ مهربانيون اهڙِي شيئرنگ لاء
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. لطيفي151

    لطيفي151
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2012
    تحريرون:
    92
    ورتل پسنديدگيون:
    121
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سروس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    ادا عبدالحفيظ لغاري صاحب فوٽوگرافي تمام سٺي ڪئي وئي آهي خاص ڪري ٿر۾ بارش کان پوءِ جو منظر ته ٿر۾ ڏسڻ جوڳو
    هوندو آهي........ شيئرنگ جي مهرباني ادل........
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. رضوان علياڻي

    رضوان علياڻي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 مئي 2012
    تحريرون:
    32
    ورتل پسنديدگيون:
    54
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    جهڏو، ميرپورخاص
    واه ادا ڇا ڳالهه ڪئي آهي ۽ ڇا تصوير شيئر ڪئي آهي اوهان۔ لک ٿورا
     
  6. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    ادا عبدالحفيظ لغاري صاحب۔اڪ تان ماکي لاهڻ وارو پهاڪو ته ننڍي هوندي کان ئي ٻڌندا ايندا هئاسين،پر ان جي اصلي مفهوم محترم گورڌن جي ڪڍيل اڪ جي ماکي واري ڦوٽو جيڪو اوهان جي مهربانين سان هن محبتي اڳڻ جي ڪيئوس تي نروارڪيو ويو آهي ،کي ڏسڻ سان معلوم ٿيو آهي۔واقعي اڪ جي ماکي جيڪا زمين جي تمام نزديڪ هوندي آهي کي لاهڻ ۾ ڪا مشڪلات پيش نه ايندي ۽ آساني سان لهي ويندي۔وڏڙن ڏاهن جا پهاڪا پنهنجي اندر سچي رمز رکندا آهن ۽ اهئي حالتن جون گهرائي کان جائزو وٺي چياء ويا هئا۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. عامرضياء چارڻ

    عامرضياء چارڻ
    ٻانهن ٻيلي
    انتظامي رڪن سيڪورٽي انچارج

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    246
    ورتل پسنديدگيون:
    180
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    اڪائونٽس مينيجر
    ماڳ:
    دادو سنڌ
    زبردست ونڊ سائين، اڪ به ڏٺوسين ۽ ان تي ويٺل ماکي به۔۔۔۔
     
  8. يونس ملڪاڻي

    يونس ملڪاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2011
    تحريرون:
    499
    ورتل پسنديدگيون:
    834
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    پرائمري ٽيچر، تعليم کاتو حڪومت سنڌ
    ماڳ:
    ملڪاڻي شريف ضلع بدين
    ”اڪ جي ماکي ناهي جو لاهي وٺجي“ هي پهاڪو ان لا ناهي ته اڪ جي ماکي هيٺ هوندي آهي، اڪ جو ٻوٽو ڊگهو به ٿيندو آهي ۽ ماکي ان جي چوٽي تي به ويهي سگهي ٿي، اصل ۾ هن محاوري مان مراد اها آهي ته ٻين وڻن جي ڀيٽ ۾ اڪ نرم ۽ گهٽ ڪاٺ وارو هوندو آهي ۽ ان جي ماکي لاهڻ ۾ وڌيڪ محنت ناهي ڪرڻي پوندي، اڪ ۾ نه ڪنڊا هوندا آهن، نه ئي ڪي وڏا ڪاٺ هوندا آهن جيڪي وڍڻا پون، ماکي گهڻو ڪري اڪ جي پن يا سنهڙي ڪاٺي تي مانارو ٺاهيندي آهي جيڪو لاهڻ ۾ صفا سئولو هوندو آهي۔
    148 اٽيچمينٽ ڏسو 147 اٽيچمينٽ ڏسو 145 اٽيچمينٽ ڏسو
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    ادا عبدالحفيظ بهترين ونڊ ،
     
  10. مصور عالم

    مصور عالم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    572
    ورتل پسنديدگيون:
    679
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    چيف ايڊيٽر ڪيسوُٻاء مئگزين
    ماڳ:
    مٺي ٿرپارڪر
    هئنئر ٿر ۾ وڏي ماکي نظر آئي. جنهن بابت چيو پيو وڃي ته اها ولاتي ماکي آهي، اها ماکي مٺي شهر ۾ ايئن عام ٿي چڪي آ جيئن ڪراچي ۾ مهاجر. بهرحال جڏهن به شهر ويندو آهيان ته دعا ڪندو آهيان. ان ٿلهي ماکيءَ سان ملڻ نه ٿئي نه ته ٻوريءَ بند لاش ئي ملندو.......
     
  11. سعيد سنڌي

    سعيد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏16 جولائي 2013
    تحريرون:
    379
    ورتل پسنديدگيون:
    436
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدر آباد سنڌ
    بهترين ونڊ سائين
     
  12. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    788
    ورتل پسنديدگيون:
    1,065
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    واه اڄ اسان به ڏٺو ته اڪ جي ماکي حقيقت ۾ به آهي
     
  13. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    اڪ جي ماکي ۽ نم جا پاوا ، واھ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو