عمران درويش سومرو
سينيئر رڪن
پنجاب جي ورڇ تي مختصر نظر
سنڌ جي ورهاڱي جي مخالفت ڪندڙ پيپلز پارٽي پنجاب ۾ عوامي مطالبن جي مڃتا جي نالي تي پنجاب جو ورهاڱو اڻٽر ڄاڻائي چڪي آهي. ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته سنڌ جو ورهاڱو هڪ ڊگهي عرصي وارو مسئلو آهي جنهن جي لاءِ تجزيي نگارن ۽ قلمڪارن اهي لفظ چيا آهن ته سنڌ جي ورهاڱي تي رت جي لڪير آهي. سنڌ جي ورهاڱي جي ڀيٽ ۾ پنجاب جو ورهاڱو نهايت اهم ۽ غور طلب مسئلو آهي. ملڪ جي هر صوبي کي اقتداري ايوانن ۾ هڪ جيتري نمائندگي حاصل آهي. سنڌ جي حقن جي ڳالهه ڪندڙ نمائنده (چاهي اهي مستقبل ۾ حقيقي نمائده هجن) پنهنجي تعداد جي بنياد تي ڪيترن ئي سنڌ دشمن منصوبن کي روڪي سگهن ٿا. ڪالاباغ ڊيم هجي، ٿل ڪئنال هجي يا اين ايف سي ايوارڊ ۾ خدمتن تي ٽيڪس جو معاملو هجي. اهڙا تمام منصوبا اڪثريت هئڻ ڪري سنڌ جي نمائندن رد ڪري ڇڏيا.
پنجاب سان تعلق رکندڙ تمام سياستدانن ڪالاباغ ڊيم۽ ٿل ڪئنال سميت ڪيترن سنڌ دشمن منصوبن جي حمايت ڪئي آهي، خواه انهن جو تعلق پيپلز پارٽيءَ سان ئي ڇو نه هجي. پنجاب جي اسيمبلي اڪيلي هئڻ ڪري ڪنهن به منصوبي کي ڪامياب نه ڪري سگهي آهي. هاڻي جيڪڏهن بهاولپور رياست ۽ سرائيڪي صوبو يا ڏکڻ پنجاب پنجاب کا صوبي جي حيثيت ۾ ملڪ جي نقشي تي نمايا ٿيندا ته اتي نظام قائم ڪرڻ لاءِ اسيمبليون جوڙيون وينديون. ٻئي صوبا الڳ ٿيڻ بعد به اتي جو عوام به ساڳيو هوندو ۽ سياستدان به ساڳيا ئي هوندا. پر سنڌ جي لاءِ پريشانيءَ جي ڳالهه اها آهي ته هاڻي ان جي مقابلي ۾ ٽي اسيمبليون هونديون. ۽ ٽنهي ۾ سنڌ دشمن منصوبن جي حمايت ڪندڙ سياستدان موجود هوندا ۽ يقينا انهن مان ئي حڪمران پڻ ٿيندا. جڏهن اهي ٽئي اسيمبليون اڪثريت جي بنياد تي ڪنهن به قسم جو فيصلو ڪرڻ لاءِ با اختيار هونديون. جنهن کانپوءِ سنڌ جي حقن لتاڙ آئيني طريقي سان ڪئي ويندي. تازو ئي سنڌ جي مخالفت باوجود خدمتن جي عيوض ٽيڪس ۾ 20 سيڪڙو گهٽتائي ڪري اهو حصو وفاق جي حوالي ڪيو ويو آهي. جڏهن ٻه ٻيا صوبا وجود ۾ ايندا ته مجبورين ۽ اقتصادي استحڪام جي نالي تي خدمتن عيوض ٽيڪس ته پري جي ڳالهه آهي پر سنڌ جي بجيٽ ۾ به گهٽتائي آڻڻ جهڙا حالات پيدا ڪيا ويندا. پنجاب جي سياستدانن جي هڪ اسيمبلي هوندي به سنڌ کي ڪيترين ئي ڏکاين کي منهن ڏسڻو پوي ٿو ته ٽن اسيمبلين جي سامهون اچڻ بعد سنڌ جي حقن جي سرعام لتاڙ کان ڪير روڪيندو...؟؟؟
عمران درويش سومرو
.