پنجاب جي ورڇ تي مختصر نظر

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عمران درويش سومرو طرفان آندل موضوعَ ‏19 مئي 2012۔

  1. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    پنجاب جي ورڇ تي مختصر نظر
    سنڌ جي ورهاڱي جي مخالفت ڪندڙ پيپلز پارٽي پنجاب ۾ عوامي مطالبن جي مڃتا جي نالي تي پنجاب جو ورهاڱو اڻٽر ڄاڻائي چڪي آهي. ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته سنڌ جو ورهاڱو هڪ ڊگهي عرصي وارو مسئلو آهي جنهن جي لاءِ تجزيي نگارن ۽ قلمڪارن اهي لفظ چيا آهن ته سنڌ جي ورهاڱي تي رت جي لڪير آهي. سنڌ جي ورهاڱي جي ڀيٽ ۾ پنجاب جو ورهاڱو نهايت اهم ۽ غور طلب مسئلو آهي. ملڪ جي هر صوبي کي اقتداري ايوانن ۾ هڪ جيتري نمائندگي حاصل آهي. سنڌ جي حقن جي ڳالهه ڪندڙ نمائنده (چاهي اهي مستقبل ۾ حقيقي نمائده هجن) پنهنجي تعداد جي بنياد تي ڪيترن ئي سنڌ دشمن منصوبن کي روڪي سگهن ٿا. ڪالاباغ ڊيم هجي، ٿل ڪئنال هجي يا اين ايف سي ايوارڊ ۾ خدمتن تي ٽيڪس جو معاملو هجي. اهڙا تمام منصوبا اڪثريت هئڻ ڪري سنڌ جي نمائندن رد ڪري ڇڏيا.
    پنجاب سان تعلق رکندڙ تمام سياستدانن ڪالاباغ ڊيم۽ ٿل ڪئنال سميت ڪيترن سنڌ دشمن منصوبن جي حمايت ڪئي آهي، خواه انهن جو تعلق پيپلز پارٽيءَ سان ئي ڇو نه هجي. پنجاب جي اسيمبلي اڪيلي هئڻ ڪري ڪنهن به منصوبي کي ڪامياب نه ڪري سگهي آهي. هاڻي جيڪڏهن بهاولپور رياست ۽ سرائيڪي صوبو يا ڏکڻ پنجاب پنجاب کا صوبي جي حيثيت ۾ ملڪ جي نقشي تي نمايا ٿيندا ته اتي نظام قائم ڪرڻ لاءِ اسيمبليون جوڙيون وينديون. ٻئي صوبا الڳ ٿيڻ بعد به اتي جو عوام به ساڳيو هوندو ۽ سياستدان به ساڳيا ئي هوندا. پر سنڌ جي لاءِ پريشانيءَ جي ڳالهه اها آهي ته هاڻي ان جي مقابلي ۾ ٽي اسيمبليون هونديون. ۽ ٽنهي ۾ سنڌ دشمن منصوبن جي حمايت ڪندڙ سياستدان موجود هوندا ۽ يقينا انهن مان ئي حڪمران پڻ ٿيندا. جڏهن اهي ٽئي اسيمبليون اڪثريت جي بنياد تي ڪنهن به قسم جو فيصلو ڪرڻ لاءِ با اختيار هونديون. جنهن کانپوءِ سنڌ جي حقن لتاڙ آئيني طريقي سان ڪئي ويندي. تازو ئي سنڌ جي مخالفت باوجود خدمتن جي عيوض ٽيڪس ۾ 20 سيڪڙو گهٽتائي ڪري اهو حصو وفاق جي حوالي ڪيو ويو آهي. جڏهن ٻه ٻيا صوبا وجود ۾ ايندا ته مجبورين ۽ اقتصادي استحڪام جي نالي تي خدمتن عيوض ٽيڪس ته پري جي ڳالهه آهي پر سنڌ جي بجيٽ ۾ به گهٽتائي آڻڻ جهڙا حالات پيدا ڪيا ويندا. پنجاب جي سياستدانن جي هڪ اسيمبلي هوندي به سنڌ کي ڪيترين ئي ڏکاين کي منهن ڏسڻو پوي ٿو ته ٽن اسيمبلين جي سامهون اچڻ بعد سنڌ جي حقن جي سرعام لتاڙ کان ڪير روڪيندو...؟؟؟

    عمران درويش سومرو


    [​IMG]




    .
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    جواب: پنجاب جي ورڇ تي مختصر نظر

    مائٽ سائين تمام گهرائي واري ڳالهه ڪئي اٿو۔۔۔ سچ پڇو ته اصل اندر ۾ ماتم مڃيو پيو آهي۔۔۔

    اوهان جي ليک اسان جي اکين تي ٻڌل پٽي کي کولي ڇڏيو آهي۔۔۔۔۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: پنجاب جي ورڇ تي مختصر نظر

    سهڻا سائين، آءُ ته اهو ئي هڪ جملو چوندس ته؛ ” جيستائين پاڪستان رهندو تيستائين سنڌ سان ظلمن جو سلسلو جاري رهندو“

    سئو ڌڪ سونار جا هڪ ڌڪ لوهار جو ،،،، جي ايم سيد سنڌ ۽ پاڪستان جي سياست جو هڪ اهڙو مفڪر هو جنهن هن ملڪ جي ماءُ پيءُ جي شادي ٿيندي ڏٺي، ڄڃ ۾ شامل ٿيو ۽ ڀت به کاڌو پر اڳتي هلي جڏهن ان جا ٻار مطلب پاڪستان پئدا ٿيو ته انجو مهانڊو نه ماءُ ته نه پيءُ ته هو انڪري هن ملڪ کان انڪار ڪري محترم سائين ” سنڌ جي آزاديءَ“ جي ڳالهه ڪئي

    منهنجو پڪو پختو ايمان آهي ته جيستائين سنڌ آزاد نه ٿيندي تيستائين نت نون منصوبن ۾ ڦاسايو ويندو ۽ پوءِ اهي گيت ڳائينداسون

    ” جهڳي اسانجي ڪکن پنن جي نظر انهيءَ ۾ به دشمنن جي“

    الله مالڪ آهي ،،، نيٺ ته هڪ ڏينهن سنڌ جي دشمنن جو منهن ڪارو ٿيندو

    جيڏو تنهنجو نانءُ ٻاجهه به اوڏيائي مڱيان
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: پنجاب جي ورڇ تي مختصر نظر

    سنڌ جي تقسيم وارو معاملو قانوني ۽ آئيني طور ڪو ايڏو سولو ڪم ناهي۔ ڇو ته ان لاء ضروري آهي ته سنڌ صوبي مان ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان قردادا پاس ٿئي۔ مان يقين سان چوان ٿو ته پ پ پ ڪڏهن به اهڙي قرداد جي حمايت ڪانه ڪندي۔ ان لاء وري ڪو ايوب کهڙو پيدا ٿئي ته ٻي ڳالهه آهي۔

    باقي ها سنڌ سان مالي ۽ ٻيون زيادتيون ٿينديون رهنديون ڇو ته مضبوط مرڪز جو مطلب مضبوط پنجاب آهي ۽ پجاب ۽ پناهگيرن جي بيوروڪريسي ڪڏهن به سنڌ کي مالي طور مستحڪم ٿيڻ ڪانه ڏيندي۔ ٻي ڳالهه ته جيڪڏهن اوهان ڪجهه سال پوئتي وڃو ته سرائيڪي صوبي جي بحالي جي ڳالهه سائين جي ايم سيد به ڪندو هو۔ هاڻ به مان پاڻ سرائيڪي صوبي جي بحاليء جي حق ۾ آهيان جيتوڻيڪ نيت ۾ کوٽ اٿن پر جيڪڏهن سنڌي اتحاد ڪري هڪ ٿين ته سنڌ جو وار به ونگو نه ڪري سگهندا۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: پنجاب جي ورڇ تي مختصر نظر

    درويش جون ڳالهيون به درويشاڻيون۔۔۔۔ پر تحرير پڙهي هڪ نئين پاسي جي ڄاڻ به وڌي۔۔۔
    پيپلز پارٽي پاران پنجاب کي ٽوڙي ٻن حصن ۾ ڪرڻ بابت ماڻهون مختلف سوچ سان ڏسن ٿا۔۔۔ جنهن مان هڪ سوچ درويش واري جڏهن ته۔۔۔۔
    ڪي زرداري کي چالاڪ سمجهندي اهو سوچن ٿا ته سنڌ سميت ٻين صوبن سان دشمني رکندڙ پنجاب کي ٽوڙڻ ئي ڀلو۔۔۔
    ڪي سمجهن ٿا ته پنجابي ازم کي ٽوڙڻ سان ملڪ بهتر ٿيندو۔۔۔
    ڪن جو خيال آهي ته پنجاب کي ٻن حصن ۾ ڪري پيپلز پارٽي سنڌ وانگر پاڪستان جو هڪ وڌيڪ صوبو پنهنجي اثر يا وري سنڌ ڪارڊ ۽ سرائڪي ڪارڊ طور رکڻ چاهي ٿي۔۔۔ انهن ماڻهن جي خيال موجب پيپلز پارٽي ائين رڳو اسٽيبلشمنيٽ سان مقابلو ڪرڻ لاءِ ڪري ٿي جو موجوده حڪومت سنڌ ڪارڊ سان موجوده اسٽيبلشمينٽ کي صحيح سوٽو لڳايو آهي۔۔۔
    ڪن جي خيال ۾ پنجاب ٽوڙڻ سان قومپرستي کي زوال ايندو۔۔۔ جو جڏهن دشمن ئي واضح نه هوندو ته ان کان ڊيڄارڻ ڪٿان ٿيندو۔۔۔
    ۽ وري ڪن جو خيال آهي ته جي ڪنهن هڪ صوبي کي ٽوڙڻ جي شروعات ٿي ته قدم ٻين صوبن کي ٽوڙڻ ڏانهن به ويندا ۔۔۔ جنهن لاءِ عذر جوڙڻ ۾ هوئن به دير ڪونه لڳي۔۔۔ اهڙا عذر ”مفاهمتي پاليسي“ هجن يا وري اسٽيبلشمنيٽ جي ”قومپرستي کي هاڃو“ رسائيندڙ هجن۔۔۔

    سڀ ڳالهيون سوچڻ 7 سمجهڻ جهڙيون پر هڪ سنڌي مون کي اهو ٻڌائيندي لاجواب ڪري ڇڏيو ته آخر سنڌي سنڌ کي ٽوڙڻ جي مخالفت ڇو ٿا ڪن۔۔۔ ؟ جي کين موجوده سنڌ وطن طور گهرجي ته ان لاءِ ته سندن هڪ قدم ئي نه وڌيو آهي۔۔۔ ۽ جي حقن حاصل ڪرڻ جي ڳالهه ٿا ڪن ته موجوده سنڌ هجڻ جي صورت ۾ کين ڇا مليو آهي۔۔۔ ؟ ان ڪري جڏهن سنڌ جي ٽٽڻ يا نه ٽٽڻ سان سنڌين تي ڪهڙو فرق پوندو۔۔۔؟
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    مائٽ سائين پسند ڪرڻ جي مهرباني۔۔۔ مون فقط هڪ ٻئي پاسي نظر ڊوڙائي آهي ۽ دل جي چوڻ تي جيڪو وڻي لکيو آهي۔۔۔

    دعا ۾ ياد
     
  7. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    متفق ٿيڻ کانسوا لفظ ڪونه پئي مليا۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    سائين هن ملڪ ۾ قانون ڏينهن اندڙ ٺهندا آهن ۽ ڊهندا آهن۔ توهان جي ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته مظبوط مرڪز مطلب مظبوط پنچاب آهي۔۔
    اوهان جي ٻئي ڳالهه ته سنڌي اتحاد ڪري هڪ ٿين ته ان معاملي ۾ هڪ معجزي کانسو ٻئي اميد نه آهي۔۔

    مهرباني۔۔

    دعا ۾ ياد۔
     
  9. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    مهرباني ادا رشيد اوهان چوڻ موجب مونکي به اوهان جي هن ليک مان هڪ اضافي ڄاڻ حاصل ٿي آهي۔ پر ان سنڌي جي چيل جملي بابت ايئن چوندس ته جيڪڏهن اسان هڪ ماني مان چوٿين حصي کي اڪيلائي ۾ کائڻ جو مطالبو ڪري رهيا آهيون ته اهو چوٿون حصو مليو نه پر مٿان وري ٻئي ڌر ان چوٿين حصي مان اڌ جي طلبگار ٿي وئي آهي۔۔ پو اسان جو مطالبو ڪاٿي هوندو۔۔۔۔۔؟؟؟

    پسند ڪرڻ لا مهرباني۔۔

    دعا ۾ ياد۔۔

    ۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    مائٽ سائين تمام ڪارائتي ڳالهه ڪئي اٿو۔
     
  11. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جيڪڏهن مان سچ چوان ته اسان سنڌين جي بي حسي ۽ سنڌ جي سار نه لهڻ ڪري، اڻ اعلانيل طور سنڌ جا ٽڪڙا ٿي چڪا آهن، ڇو ته سنڌ جي ٻين علائقن ۾ مهاجر صوبي جي خلاف ته اسان آرام سان هڙتال ڪري سگهون ٿا پر حيدرآباد، ڪراچي جهڙي شهرن ۾ اهو احتجاج ٿو ڪجي ته بدلي ۾ گوليون ۽ ڦٽڪا ٿا ملن، گوليون ۽ ڦٽڪا اهو ئي هڻندو، جن جي حڪمراني هوندي۔۔۔ نه ته انهن ساڳين ئي شهرن ۾ مهاجر صوبه تحريڪ ريڊ زون جي اندر آرام سان احتجاجي ريليون ڪڍي ٿي، انهن کي هڪ لساني تنظيم طرفان جوس پياريا وڃن ٿا۔۔ مطلب ته ڪراچي جي شهر تان 80 سيڪڙو کان وڌيڪ اسان جو هٿ پاسيرو ٿي چڪو آهي۔۔۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو