• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

فعال موضوع۔۔۔۔

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
ڪجهه دوستن فون يا ميل ڪري شڪايت ڪئي ته ڪجهه ڏينهن فورم تي نه اچڻ يا موڪل تي وڃڻ ڪري ڪافي تحريرون ڏسڻ کان گُسي ٿيو وڃن ۽ هاڻي سنڌ سلامت فورم تي مواد ايترو ته پکيڙجي چڪو آهي جو انهن گُسي ويل تحريرن يا موضوعن کي جانچڻ ڏاڍو ڏکيو ٿو لڳي جنهن ڪري فورم تي اهڙا اختيار هجڻ گهرجن جن جي ذريعي گُسي ويل موضوعن يا تحريرن کي ڏسي سگهجي۔۔۔
اهڙن دوستن سميت سموري سنڌ سلامت ساٿ کي اهو ٻڌائيندي خوشي محسوس ٿو ڪريان ته سنڌ سلامت فورم جي هيڊر جي هيٺان موجود فهرست جي پٽي ۾ ”فعال موضوع“ جو اضافو ڪيو اٿم جتي ڪلڪ ڪندي هڪ پاپ اپ فهرست کُلندي جنهن ۾ موجود اختيارن کي استعمال ڪندي توهان گذريل 15 ڏينهن تائين گُسي ويل تحريرن يا موضوعن کي آساني سان ڏسي سگهو ٿا۔۔۔
اميد ته دوستن کي سنڌ سلامت فورم تي آندل هي تبديل به پسند ايندي۔۔۔
دعائن ۾ ياد
سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
ادا مون جهوني کي اهڙي ڪابه شي نظر ڪونه ٿي اچي يار اهو آپشن ڪٿي آهي ؟ نشاندهي ته ڪر يار
 
مٺا اهي اختيار سنڌ سلامت جي موجوده ڊيفالٽ ٽيمپليٽ تي رکيل آهن ۔۔۔۔
جيڪڏهن توهان پنهنجي سهولت لاءِ ڪو ٻيو ٽيمپليٽ سليڪٽ ڪيو آهي ته تبديل ڪري سنڌي ريڊ ٽيمپليٽ کي منتخب ڪريو۔۔۔
مهرباني
 
مٺا اهي اختيار سنڌ سلامت جي موجوده ڊيفالٽ ٽيمپليٽ تي رکيل آهن ۔۔۔۔
جيڪڏهن توهان پنهنجي سهولت لاءِ ڪو ٻيو ٽيمپليٽ سليڪٽ ڪيو آهي ته تبديل ڪري سنڌي ريڊ ٽيمپليٽ کي منتخب ڪريو۔۔۔
مهرباني

ها يار تو واري اها ڳالهه سهي آهي اسان جهونا ماڻهون آهيون سو پهنجي لاء پراڻو جهونو اسٽايل منتۡخب ڪيو آهي ان ڪري ان ۾ مون کي نظر ڪونه ٿو اچي باقي ريڊ اسٽايل ۾ ڏسانس ٿو
مهرباني ادا shabash
 
اسلام عليڪم،
ادا رشيد تمام بهترين ۽ ڪارآمد اضافو ۡڪيو آهي توهان، مٺا توهان جي ڪوششن ڪاوشن ۽ محنتن جو نتيجو آهي جو سنڌ سلامت تمام ٿورڙي عرصي ۾ ايتري ترقي ڪئي آهي۔

وسلام
راجا عبدالوهاب (اسلام آباد)
 
Back
Top